ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگھ: وزيرن جا کاتا مٽائڻ صرف ھڪ سياسي تماشو آھي
ساڳيا وزير، ساڳي حڪومتي سوچ، ساڳي نااهلي ۽ ساڳي بي حسيءَ سان جيڪڏهن وزيرن جون ڪرسيون مٽايون وڃن ٿيون، ته ان سان سنڌ جي ماڻهن جي حالت ڪيئن بهتر ٿيندي؟
جيڪي ماڻهو سالن کان وزارتن ۾ ويٺل آهن، انهن جي ڪارڪردگي عوام جي آڏو آهي. سنڌ جا ماڻهو جيڪي ورھين کان بنيادي مسئلن سان جهيڙيندا اچن ٿا، انهن لاءِ حڪومت وٽ ڪا واضح حڪمت عملي ئي ناهي
عوام کي اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته ڄڻ ڪو نئين سج اڀريو آهي، پر حقيقت ۾ اها ساڳي اونداهي آهي جنهن ۾ سنڌ جا ماڻهو ورھين کان ھٿوراڙيون ھڻي رھيا آهن.
ھڪ تجزيو
سنڌ ڪابينه ۾ جمعي ڏينھن وزيرن جا کاتا مٽائڻ جو جيڪو ناٽڪ ڪيو ويو آهي، اهو حقيقت ۾ عوام جي اکين ۾ ڌُوڙ وجھڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. ساڳيا وزير، ساڳي حڪومتي سوچ، ساڳي نااهلي ۽ ساڳي بي حسيءَ سان جيڪڏهن وزيرن جون ڪرسيون مٽايون وڃن ٿيون، ته ان سان سنڌ جي ماڻهن جي حالت ڪيئن بهتر ٿيندي؟ هيءُ رڳو هڪ ڏيکاءُ آهي جنھن سان سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪو سڌارو نٿو اچي سگهي.
جيڪي ماڻهو سالن کان وزارتن ۾ ويٺل آهن، انهن جي ڪارڪردگي عوام جي آڏو آهي. تعليم جو شعبو تباهه ۽ برباد آھي جنھن ۾ ڪجھ رپورٽن موجب ياتھن ھزار اسڪول بند پيا آھن، پنجاھ سيڪڙو استاد اسڪولن مان گُم رھن ٿا، شاگردن کي مفت درسي ڪتاب نٿا ملن، ھزارين اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي ۽ واش روم ناھن، اسپتالن ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ، پاڻيءَ جو بحران اڃا به حل نه ٿيو آهي، سموري سنڌ ۾ بجلي روزانو پندرھ ڪلاڪ بند رھي ٿي، بيروزگار نوجوان روزگار جي آسري ۾ دربدر آهن، ۽ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينھن وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. روڊ رستا تباھ آھن، سموري سنڌ ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو نظام ڪونھي، عوام جي سھولت لاءِ ڪو جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جو انتظام ڪونھي. اهڙي صورتحال ۾ انهن ئي وزيرن کي وري نوان کاتا ڏيڻ ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهي ته حڪمرانن کي نہ عوام جي تڪليفن سان ڪو واسطو آهي ۽ نه ئي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي. سندن اصل دلچسپي رڳو سياست جي اندروني توازن ۽ پارٽيءَ جي مفادن کي بچائڻ ۾ آهي.

کاتا مٽائڻ جو مقصد عوامي ڀلائي هرگز ناهي. حقيقت اها آهي ته حڪومت اهڙن فيصلن سان پنهنجن ماڻهن کي خوش رکڻ، طاقتور لابين کي راضي ڪرڻ ۽ ڪنهن به ناراض وزير کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هيءَ هڪ اهڙي سياست آهي جيڪا رڳو ڪرسي بچائڻ ۽ پنهنجي اثر رسوخ قائم رکڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. انھيءَ جو عوام جي زندگي بهتر ڪرڻ سان ڪو تعلق ڪونھي. عوام سان جيڪي وعدا ڪيا ويندا آهن، اهي رڳو تقريرن تائين محدود آهن ۽ عملي طور تي ڪابه تبديلي نظر نٿي اچي.
سنڌ جا ماڻهو جيڪي ورھين کان بنيادي مسئلن سان جهيڙيندا اچن ٿا، انهن لاءِ حڪومت وٽ ڪا واضح حڪمت عملي ئي ناهي. تعليم جي تباهيءَ تي ڪنهن جو ڌيان ناهي، صحت جي شعبي ۾ سُڌارن جو ڪو تصور ناهي، پاڻيءَ ۽ بجليءَ جا بحران حل ڪرڻ لاءِ ڪو منصوبو ناهي، بيروزگاريءَ تي ڪنٽرول لاءِ ڪا عملي پاليسي ناهي، ۽ امن امان جي بهتريءَ لاءِ به ڪو روڊ ميپ موجود ناهي. عوام جي مسئلن کي سنجيدگي سان نه ڏسڻ، حڪمرانن جي بي حسي ۽ نااهليءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي.
جيستائين وزيرن جي چونڊ قابليت ۽ ايمانداريءَ جي بنياد تي نه ٿيندي، تيستائين ڪنهن به شعبي ۾ تبديلي ممڪن نه آهي. جيڪڏهن ساڳيا نااهل ماڻهو، جيڪي اڳ ۾ به ناڪام رهيا، وري ساڳين وزارتن ۾ يا نون کاتن سان ويهاريا ويندا ته نتيجو به ساڳيو ئي نڪرندو. بدانتظامي، بدعنواني ۽ سياسي وفادارين تي ٻڌل اهڙي پاليسيءَ سان رڳو عوام جو وقت ضايع ٿئي ٿو.
حڪومتي قيادت کي اها حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي ته رڳو نالن جي تبديلي سان، رڳو کاتن جي مٽا سٽا سان، يا رڳو خبرن ۾ شور سان ڪابه حقيقي تبديلي نه ايندي. عوام هاڻي تقريرن ۽ واعدن سان بيوقوف نه ٿيندو. سنڌ جا ماڻهو عملي نتيجا ۽ واضح تبديلي چاهين ٿا. جيڪڏهن حڪومت واقعي سنجيده آهي، ته وزيرن جي ڪارڪردگيءَ جو عوامي احتساب ٿيڻ گهرجي. هر وزير کان رپورٽ وٺي عوام آڏو پيش ڪرڻ گهرجي ته هن پنهنجي وزارت ۾ ڪهڙا قدم کنيا ۽ ڪهڙا نتيجا ڏنا. پر جيڪڏهن حڪومت اهڙي سنجيدگي نه ڏيکاري ۽ رڳو سياسي خوشامد تي هلي، ته پوءِ نتيجو ساڳيو ئي نڪرندو ـــ عوام بدحال، مسئلا برقرار، ۽ حڪمران پنهنجن ڪرسي بچائڻ جي راند ۾ مصروف.
اصل ڳالهه اها آهي ته سنڌ ڪابينه ۾ کاتا مٽائڻ ڪا تبديلي ناهي، هيءَ رڳو هڪ سياسي تماشو آهي، جنهن سان حڪمران طبقو پنهنجي بي عمليءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عوام کي اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته ڄڻ ڪو نئين سج اڀريو آهي، پر حقيقت ۾ اها ساڳي اونداهي آهي جنهن ۾ سنڌ جا ماڻهو ورھين کان ھٿوراڙيون ھڻي رھيا آهن.
سنڌ ڪابينه ۾ کاتا مٽائڻ ۽ ڪجھ اسپيشل اسسٽنٽ، سي بہ پُراڻا آزمايل مُھانڊا، کڻڻ ھڪ بيڪار مشق ۽ عوام سان بيھودو ڀوڳ آھي. ڪابينا ۾ ھڪ وزير وڌايو ويو آھي ۽ اُھو آھي اسماعيل راھو، جيڪو پڻ اڳي وزير رھي چُڪو آھي.
سڀ کان وڏو الميو اھو آھي ته سنڌ جي عوام جي مسئلن کي ڪڏهن به ترجيح نه ڏني وئي آھي. پاڻيءَ کان وٺي بجليءَ تائين، روزگار کان وٺي صفائيءَ تائين، ھر شعبي ۾ بحران وڌي رهيا آھن. پر حڪمرانن وٽ علاج رڳو اھو آھي ته هڪ وزير کان کاتو کسي ٻئي وزير جي حوالي ڪيو وڃي، ڄڻ ته عوام جي تڪليفن جو حل ان معمولي تبديلي ۾ لڪل هجي.
ان ڪري اڄ جي تبديليءَ کي ڪنهن به طرح سُڌاري وارو قدم نٿو سڏي سگھجي. اھا رڳو سياسي چال ۽ ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش آھي. سنڌ جي عوام کي رڳو لفظي واعدا ۽ نمائشي فيصلا نه، پر حقيقي تبديلي گهربل آھي. پر افسوس، جيستائين ساڳيا نااهل ۽ ڪرپٽ ماڻهو ڪرسيءَ تي ويٺل آهن، تيسين تبديلي رڳو اخبارن جي خبرن ۽ حڪومت جي بيانن تائين محدود رهندي.
آخر ۾ ھيءَ ڳالھ ورجائن لازمي آھي ته وزير ساڳيا ئي آهن، جن جي اڳ ۾ به ڪارڪردگي تسليبخش نه رهي آهي. جن وزارتن ۾ بدانتظامي، بدعنواني ۽ سستيءَ جو عنصر نمايان رهيو، اتي وزيرن جي رڳو تبديلي ڪابه بنيادي سڌار نه آڻي سگهندي. وزارتون رُڳو ماڻهو نه پر پاليسين ۽ نيتن تي هلن ٿيون، ۽ جيڪڏهن اهي ساڳيا وزير آهن، جن وٽ ساڳيون ترجيحون ۽ ساڳي حڪومتي سوچ آهي، ته نتيجا به ساڳيا ئي نڪرندا.
ھڪ تجويز حڪمرانن لاءِ ڏجي ٿي، جنھن تي عمل تہ شايد ڪونہ ٿيندو، پر تڏھن بہ ڏيڻ ضروري آھن: مستقل احتساب جو نظام قائم ڪرڻ گهرجي، جنهن تحت هر وزير جي ڪارڪردگي رپورٽ عوامي سطح تي پيش ڪئي وڃي پر اُھا رپورٽ وزيرن جي يا سندن کاتي جي تيار ڪيل نہ ھجي، ڇو تہ ھرڪو سمجھي سگھي ٿو تہ اھڙي رپورٽ ۾ سِواءِ ڪُوڙ جي ٻيو ڪجھ نہ ھوندو.
___________________