رات ھڪ طوفان جي جڏھن ھڪ نياڻيءَ جي عزت، جسم ۽ رُوح کي جھير ڏنا ويا
ٽرڙو وڏيرو گهر جي حرمت کي لتاڙيندي، معصوم نياڻي شادبانوءَ کي زوري کڻي نه رڳو سندس عزت سان کيڏندو رھيو پر وحشياڻي نموني تشدد به ڪندو رھيو
اها رات شادبانوءَ لاءِ فقط رات نه هئي، پر زندگيءَ جو اهو لمحو هو، جيڪو سدائين سندس روح تي زخم بڻجي رهندو. سندس جسم ۽ روح ٻنهي تي اهڙا زخم هنيا ويا، جيڪي سڄي عمر کيس ساهه کڻندي به تڪليف ڏيندا
مُشتاق ٽانوري
هي واقعو رڳو هڪ فرد يا هڪ خاندان جو الميو نه، پر سڄي سماج لاءِ ضمير کي ڌوڏي ڇڏيندڙ سوال بڻجي سامهون آيو آهي. هي سانحو سماج جي سيني تي لڳل زخم وانگر آهي، جيڪو هر ساهه سان سِسڪندو رهي ٿو. سانگهڙ ضلعي جي چوٽياريون علائقي ۾ پيش آيل هي افسوسناڪ واقعو، جنهن ۾ هڪ ٽرڙي وڏيري تي هڪ نينگريءَ سان جنسي ڏاڍائي ۽ بي رحماڻي تشدد ڪرڻ جا الزام آهن، انساني حقن، قانون جي بالادستي ۽ عورتن جي تحفظ بابت ڪيترائي ڳڻتيءَ وارا پهلو اجاگر ڪري ٿو.

واقعي موجب، چوٽياريون جي رهواسي محرم ملاح جي گهر ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ ٽرڙو وڏيرو وزير راڄڙ زبردستيءَ داخل ٿيو. الزام آهي ته هو گهر جي حرمت کي لتاڙيندي، معصوم نياڻي شادبانو کي زوري کڻي ويو، جتي نه رڳو سندس عزت سان کيڏيو ويو، پر وحشياڻي نموني تشدد به ڪيو ويو. اها رات شادبانو لاءِ فقط رات نه هئي، پر زندگيءَ جو اهو لمحو هو، جيڪو شايد سدائين سندس روح تي زخم بڻجي رهندو. سندس جسم ۽ روح ٻنهي تي اهڙا زخم هنيا ويا، جيڪي شايد سڄي عمر کيس ساهه کڻندي به تڪليف ڏيندا. اها رات هڪ اهڙو طوفان بڻجي آئي، جنهن سندس نينگريءَ واري معصوميت کي اُڏاري ڇڏيو ۽ سندس دل ۾ اهڙو سناٽو ڇڏي وئي، جيڪو شايد لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هوءَ جسماني طور زخمي هئي، پر ان کان به وڌيڪ سندس روح رت ۾ ٻڏل هو. اهو روح، جيڪو هاڻي هر آواز سان ڇرڪندو هوندو، هر پاڇي کان ڊڄندو هوندو، ۽ هر رات ان ئي خوفناڪ لمحي کي ٻيهر جيئندو هوندو.

متاثر نياڻيءَ جي والده حاڪمزادي جڏهن ميڊيا آڏو ڳالهائي رهي هئي، تڏهن سندس اکين مان وهي ويل لڙڪ رڳو درد جا لڙڪ نه هئا، پر سماج لاءِ سوال هئا. اهي لڙڪ سماج جي بي حسيءَ تي لڳل خاموش الزام هئا. سندس آواز ۾ لرزش هئي، لفظن ۾ سِسڪيون هيون ۽ نگاهن ۾ اها بي وسي هئي، جيڪا رڳو غريب ماءُ ڄاڻي ٿي، جنهن وٽ نه طاقت آهي، نه سفارش، نه وڏا دروازا کڙڪائڻ جو حوصلو. هن سُڏڪن سان چيو ته سندن گهر غريبن جو گهر آهي، جتي نه ڪو سياسي اثر آهي، نه ڪا طاقت. ”نياڻيءَ“ سان ظلم ٿيو آهي، انصاف گھرجي ٿو. سندس لفظ دلين کي چيريندڙ هئا. اهي لفظ رڳو هڪ جملي جا لفظ نه هئا پر اهي ماءُ جي دل مان نڪرندڙ اهڙا سڏڪا هئا، جيڪي آسمان تائين پهچڻ گهرجن ها. هن ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ نياڻي رت ۾ ٻڏل، زخمي حالت ۾ واپس ملي، ڄڻ ڪنهن ٽٽل گُڏي کي روڊ تي اڇلائي ڇڏيو هجي. رت ۾ ٻڏل زخمي نياڻيءَ کي بنا دير سانگهڙ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي ڊاڪٽرن سندس جسم تي لڳل زخم ڏٺا پر شايد ڪو به ڊاڪٽر سندس دل تي لڳل زخم ڏسي نه سگهيو. جسم جا زخم ته شايد وقت سان گڏ ڀرجي وڃن پر روح جا زخم اهڙا هوندا آهن، جيڪي هر مُرڪ جي پويان به لڪيل رهندا آهن، هر خوشيءَ ۾ به ڳوڙهن جي صورت ۾ چمڪندا آهن.
پوليس شروعاتي طور تي واقعي جي اين سي داخل ڪرڻ جي تصديق ڪئي ۽ جاچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ضلعي پوليس سربراهه ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ موجب، متاثر نياڻيءَ جو باقاعده بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي. نياڻيءَ ٻڌايو ته وزير راڄڙ سان سندس اڳ به دوستي هئي، جيڪا ڪجهه وقت لاءِ ناراضگي سبب ختم ٿي وئي هئي. پر ڇا ڪنهن به دوستي، ڪنهن به ناراضگي، ڪنهن به اختلاف کي اهو حق ملي سگهي ٿو ته ڪنهن جي عزت لٽي وڃي؟ ڇا انساني رشتا ايترا سستا ٿي ويا آهن جو ڪاوڙ جي هڪ گهڙي ۾ ڪنهن جي زندگي تباھ ڪري ڇڏجي؟ نياڻي ايس ايس پيءَ کي ٻڌايو ته واقعي واري رات وزير کيس زبردستي موٽرسائيڪل تي باغ واري زمين ڏانهن وٺي ويو، جتي اوچتو تشدد شروع ڪيو ويو. مارڪٽ ڪئي وئي، بليڊ سان جسم جي مختلف حصن تي جهير ڏنا ويا ۽ پوءِ جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. اهي لفظ پڙهندي به دل کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏين ٿا، سوچڻ ته پري رهيو ته هڪ معصوم نينگريءَ اهو سڀ ڪجهه ڪهڙي طرح برداشت ڪيو هوندو. اهو منظر ڄڻ انسانيت جي قبر تي لکيل ڪارو ڪتبو آهي.
فرسٽ ميڊيڪل رپورٽ ۾ جسم جي مختلف حصن تي زخم جا واضح نشان موجود هجڻ جي تصديق ٿي آهي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته نياڻي تيز ڌار اوزار سان زخمي ڪئي وئي آهي ۽ تشدد جا نشان چٽي نموني نظر اچن ٿا. اهي زخم رڳو گوشت تي نه هئا، پر اهي سماج جي ضمير تي به لڳل هئا. هر زخم هڪ سوال آهي، هر ڪٽ هڪ الزام آهي، هر رت جو ڦڙو هڪ فرياد آهي.
متاثر ڇوڪريءَ جي فرياد تي آخرڪار چوٽياريون ٿاڻي تي جوابدار وزير ولد وارث راڄڙ خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي. ايف آئي آر ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جون سخت دفعات، جن ۾ 376 (جنسي ڏاڍائي) ۽ 337 سميت لاڳاپيل دفعات شامل ڪيون ويون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته قانون موجب جاچ جاري آهي، شاهدن جا بيان ورتا پيا وڃن ۽ ميڊيڪل رپورٽن کي به ڪيس جو حصو بڻايو ويو آهي. جوابدار گرفتار ٿي چڪو آهي. هي گرفتاري رڳو هڪ شخص کي هٿڪڙين لڳڻ جو عمل ناهي پر اهو سماج لاءِ امتحان آهي ته ڇا واقعي انصاف ٿيندو يا واقعو وقت جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويندو؟
هي واقعو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عورتن ۽ نينگرن جي تحفظ بابت هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ تصوير پيش ڪري ٿو. شادبانوءَ جهڙيون نينگريون رڳو همدردي جون حقدار ناهن پر عملي انصاف جون حقدار آهن. سندن زخمن جو مرهم صرف همدردي جا لفظ ناهن. جيڪڏهن اڄ انصاف ۾ دير يا لاپرواهي ڪئي وئي ته اهو صرف هڪ ڪيس جي ناڪامي نه هوندي، پر اها سڄي سماج جي اخلاقي شڪست هوندي. هي معاملو رڳو هڪ ايف آئي آر تائين محدود نه رهڻ گهرجي پر اهو هڪ اهڙو مثال بڻجڻ گهرجي، جيڪو ٻڌائي ته هن ڌرتيءَ تي معصومن جي عزت سان کيڏڻ ڪنهن لاءِ به سولو ناهي. جيڪڏهن ڪٿي به لاپرواهي ٿي ته اهو سماج جي ضمير تي هڪ اڻمٽ داغ هوندو، جيڪو وقت سان به نٿو مِٽجي.
سانگهڙ ضلعي جي چوٽياريون علائقي ۾ پيش آيل هي دردناڪ واقعو، جنهن ۾ هڪ ٽرڙي وڏيري تي هڪ نينگريءَ سان جنسي ڏاڍائي ۽ وحشياڻي تشدد جا الزام آهن، رڳو قانوني ڪيس ناهي، پر اهو سماج جي اخلاقي زوال جي هڪ اهڙي تصوير آهي، جنهن کي ڏسي اکين ۾ پاڻي اچي وڃي ٿو ۽ دل اندر هڪ اڻ بيان ٿيندڙ ويراني ڇانئجي وڃي ٿي. هي واقعو ٻڌائي ٿو ته طاقت، حيثيت ۽ اثر جيڪڏهن ضمير کان خالي ٿي وڃن ته اهي انسان نه رهندا آهن، پر وحشت جا اهڙا چهرا بڻجي ويندا آهن، جيڪي ڪمزور کي چيرڻ کي پنهنجو حق سمجهندا آهن. شادبانو جي زخمن جو مرهم صرف عدالتن مان ملندڙ انصاف آهي. جيستائين انصاف نه ٿيندو، تڏهن تائين هر ماءُ جي اکين ۾ خوف رهندو ۽ هر نينگري جي دل ۾ بي چيني رهندي.
____________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



