گھڻن ئي ضلعن کي ڳنڍيندڙ قديم ڪاروباري شھر مورو مڃتا کان محروم
لکن جي آباديءَ وارو هي شهر قومي شاهراه تي سکر ۽ حيدرآباد جي وچ تي هڪ مُک ۽ اهم ڪاروباري ۽ قديمي شهر آهي، جنھن کي ڪو ٽيهه سال کن اڳ ضلعو ٿيڻ کپندو هو، پر شايد سياسي يا ذاتي مفادن خاطر ضلعو تہ نه ٿيو پر ڪنھن جديد زماني جي سھولتن کان بہ محروم آھي
حڪمرانن کي گھرجي تہ ڪراچيءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن به هاڻي ڌيان ڏين. تاريخ ۾ جيڪڏهن کين سرخرو ٿيڻو آهي ته پوءِ هر شعبي ۾ هرماڻهوءَ ۽ هرشهر ۽ ڳوٺ سان مڪمل انصاف سان هلڻو پوندو، نه ته تاريخ انتهائي بي رحم ۽ ظالم شئي آهي جيڪا چڱن ڀلن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيندي.

عبداللہ عثمان مورائي
هونءَ ته سڄي سنڌ پاڻ لاءِ ماءٌ جي حيثيت رکي ٿي ۽ سنڌ جي ترقي اسان جي ترقي آهي. پر انتظامي حوالي سان وري سنڌ ۾ ڪجهه شهرن سان زيادتي آهي، جن ۾ منهنجو پيارو شهر مورو به شامل آهي. سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي منهنجي خيال ۾ لکن جي آبادي وارو هي شهر قومي شاهراه تي سکر ۽ حيدرآباد جي تقريبن وچ تي هڪ مک ۽ اهم ڪاروباري ۽ قديمي شهر آهي. موري کي ڪو پنجويهه ٽيهه سال کن پهريان ضلعو ٿيڻ کپندو هو، پر شايد سياسي يا ذاتي مفادن خاطر نه ٿيو. ڪي دوست سمجهن ٿا ته نوشهرو فيروز ضلعو ٿيڻ کان پوءِ هاڻي اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙن بنيادن تي موري کي ضلعو ٿيڻ گهرجي؟ ڪن دوستن جو وري خيال آهي ته نوان جتوئي يا مٺياڻي، دولت پور، دريا خان مري يا ٻانڌي کي تعلقي جو درجو ڏئي ان تي مشتمل مورو هڪ نئون ضلعو قائم ٿي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ اهڙا ڪافي مثال موجود آهن جتي ٻه مختلف ضلعي هيڊ ڪوارٽر هڪ ٻئي جي ڀرسان واقع آهن. ڪي مورائي اهو به سوچين ٿا ته مورو جيڪڏهن ضلعو ٿي به ويو ته ان جو فائدو ڪجهه خاص يا مخصوص ماڻهن کي ٿيندو ۽ باقي عوام اهو ساڳي پيڙا ۾ هوندو. منهنجي خيال ۾ وڌندڙ آباديءَ جي سهولت لاءِ اڳي يا پوءِ سنڌ ۾ نوان ضلعا ٺهندا ته ضرور ته پوءِ ڇونه موري جهڙي وڏي شهر کي ترجيح ڏني وڃي؟

بهرحال ضلعو نه هئن جي باوجود به مورو ۽ مورائي پنهنجي ترقي ڪندا رهيا آهن، ڪاروباري حوالي سان ڏسجي ته مورو پنهنجي اوسي پاسي جي شهرن کان وڌيڪ ڪاروباري حيثيت ته رکي ئي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ ته نيشنل هاءِ وي تي موجود شهرن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ خيرپور کان پوءِ ڪاروباري ۽ آبادي جي لحاظ کان مورو ئي هڪ وڏو شهر آهي جنهن کي پنهنجي پاڻ ڪيل ترقيءَ جي هاڻي موٽ ملڻ گهرجي. موري شهر جون حدون جاگرافيائي لحاظ کان دادو، نوشهرو فيروز ۽ نوابشاهه (شهيد بينظير آباد) ضلعن کي پڻ ڳنڍن ٿيون. مورو هڪ پاسي دادو مورو پل جي ڪري انڊس هائي وي جي شهرن سان ڳنڍجي ٿو ۽ ٻئي پاسي وري موري مان نڪرندڙ ٻانڌي ۽ دوڙ ويندڙ رستن جي ڪري مهراڻ هائي وي سان ڳنڍجي ٿو. لڳندو ائين آهي ته مورو هاڻي شايد ضلعي حيثيت کان وڌيڪ ڊويزن جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي.

موري ۾ تقريبن هر وڏي ننڍي ڪمپني جي ايجنسي يا ڊسٽريبيوشن ، آئل ملون ، ڪاٽن فيڪٽريون موجود آهن . موري جو بائي پاس به تمام گهڻو مشهور آهي، ايندڙ ويندڙ مسافر گهڻي قدر موري ۾ ساهي پٽڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، جتي تمام بهترين ريسٽورينٽس، پئٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشنون، جنرل اسٽور، گاڏين جا شورومز، آٽوز ۽ مسترين جا دڪان چوويهه ئي ڪلاڪ کليل ملندا. پوري ملڪ جون مسافر بسون به حيدرآباد ۽ سکر جي وچ ۾ رڳو موري ۾ بيهنديون آهن. موري شهر جي اندران گذرندڙ مين روڊ ۽ بائي پاس تي ته تمام گهڻيون ڪاروباري سرگرميون آهن ئي آهن پر شهر کان ٻاهر ويندڙ روڊن مسئلن دادو روڊ، درس روڊ، ٻانڌي روڊ ۽ گچيرو روڊ تي به تمام گهڻيون ڪاروباري سرگرميون نظر اچن ٿيون.
موري شهر جي جاگرافيائي ۽ ڪاروباري حيثيت کي ڏسندي ڪوهستان جا ڪافي ڪاروباري خاندان موري ۾ گهڻي وقت کان لڏي آيل آهن جيڪي تمام گهڻو ڪامياب ڪاروبار ڪري رهيا آهن.ڪاروباري لحاظ کان مضبوط شهر هئڻ جي ڪري تقريبن هر بئنڪ جي برانچ موري ۾ آهي. شهر ۾ کوڙ اهڙيون رهائشي اسڪيمون ۽ شادي هال آهن جيڪي حيدرآباد يا ڪراچي جي طرز تي ٺهيل آهن. موري جي شاهي بازارواقعي به شاهي بازار آهي، تمام ڪشادي جتي صبح سوير کان رات دير تائين ڪاروبار ۾ تمام تيزي هوندي آهي. ان سان گڏوگڏ موري جي ريشم گلي ۽ موبائل مارڪيٽ پڻ ڪاروبار جو وڏو مرڪزآهن. منهنجو خيال آهي ته موري ۾ جيڪا جانورن جي پڙي لڳندي آهي، اها هن سڄي تر ۾ سڀ کان وڏي ۽ مصروف ترين پڙي هوندي آهي جتي ڀر پاسي جي علائقن جا ماڻهو هر هفتي اچي ڪاروبار ڪندا آهن. موري جي ٻاهران جڏهن بائي پاس روڊ ٺهيو هو ته ان وقت اها بائي پاس تمام گهڻو پري لڳندي هئي پر هاڻي مورو شهر پاڻ مرادو ترقي ڪري ان باءِ پاس کان گهڻو ٻاهر به وڌي ۽ ڦهلجي ويو آهي. جهڙي نموني سان ٻين شهرن کان آيل ماڻهو هتي آباد ٿين پيا يا شهر جي پنهنجي آبادي وڌي رهي آهي، لڳي ائين ٿو ته ڪجهه سالن ۾ هي شهر چئني پاسن کان اڃا ڦهلجندو.

هونئن به هاڻي ايڏي وڏي آبادي ۽ ڪاروبار وارو شهر هڪ ڊي ايس پي، ايس ايڇ او يا وري اسسٽنٽ ڪمشنر يا مختيارڪار يا ميونسپل چيئرمين جي هلائڻ کان زور آهي، جنهن جي ڪري شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون ٿين به ٿيون ۽ انهن جو خطرو هر وقت موجود به رهي ٿو. لازمي ڳالهه آهي ته هڪ پاسي وڌندڙ آبادي ۽ ٻئي پاسي انتظامي ۽ مالي لحاظ کان گهٽ وسيلن جو هئڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي. پاڻ وٽ آبادي جيئن ته تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ ان وڌندڙ آبادي کي ذهن ۾ رکي پهريان کان ئي عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ بنيادي سهولتن کي نظر ۾ رکي سسٽين ايبل رورل اينڊ اربن ڊويلپمينٽ جي اصولن مطابق بهترين شهري منصوبا بندي جي ضرورت آهي ته جيئن انهن شهرن تان وزن گهٽجي جتي اهڙي قسم جون سهولتون اڳ ۾ ئي موجود آهن.
مورو جيئن ته سنڌ جي سينٽرل پوائنٽ تي آهي ۽ موري جي جاگرافيائي حيثيت کي نظر ۾ رکندي ڇونه هن شهر کي سنڌ جي ماڊل شهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪجي؟ وس وارن کي گهرجي ته هن شهر تي وڌيڪ ڌيان ڏين، شهر کي ڊويزن نه ته به گهٽ ۾ گهٽ ضلعي جي حيثيت ته هاڻي ملڻ گهرجي. شهر کي جديد نيچرل ۽ سوشل سائنسز جي تعليمي ادارن، جيئن انجنيئرنگ، ميڊيڪل، آئي ٽي ، سائنس، ٽيڪنالوجي، زراعت وغيره جا تعليمي ادار۽ جنرل يونيورسٽي ۽ هڪ بهترين ۽ جديد لائبريري جي سخت ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ جديد اسپتالن مثال طور اين آئي سي وي ڊي ۽ ريلوي لائين جي بحالي جي به تمام سخت ضرورت آهي.

ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن پاڻ ٿورو سوچون ته نوان ادار به قائم ڪري سگهجن ٿا جيئن سياسي اڪيڊمي جتي مڙني سياسي جماعتن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي بنيادي سياسي تعليم ۽ سکيا ڪري سگهجي. ان سان گڏوگڏ ٻيون به ڪافي شيون آهن جن تي اهڙي قسم جي اڪيڊمين يا ادارن ۾ ان شعبي جي ماهرن جي مدد سان ماڻهن جي سکيا انهن جي گهر يا شهر جي ڀرسان ڪري سگهجي ٿي، مثال طور اداڪاري سکڻ، ڳائڻ وڃائڻ، هوٽل مئنيجمينٽ، آرٽ، فن، جنرل مئنيجمينٽ، مذهبن جي ڄاڻ، ڪتاب پڙهڻ جو رجحان پيدا ڪرڻ ۽ انهن ڪتابن تي وري تبصرا ڪرڻ، ننڍا ننڍا هنر سيکارڻ ، سماجي ۽ معاشرتي ڄاڻ، ڪاروباري گر، پنهنجن ۽ ٻين جي احساسن ۽ روين کي سمجهڻ جي ڄاڻ ۽ ذميواري، دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ اڳڀراين بابت ڄاڻ، موسمي تبديلين ۽ اينوائرمينٽ ۽ ماحول بابت ڄاڻ، انسان حقن ۽ جانورن ۽ پکين بابت ڄاڻڻ ۽ انهن جو احساس ڪرڻ، وغيره ، اها لسٽ تمام وڏي ٿي سگهي ٿي. انهن سهولتن جي هجڻ سان نه رڳو شهرين پر اوسي پاسي جي ٽنهي ضلعن جي ماڻهن جي لاءِ ڀلائي ٿي پوندي.
جيڪڏهن وس وارا موري کي هڪ ماڊل شهر هئڻ يا ڪرڻ جو اعلان ڪن ته ان جي شروعات اينوائرمينٽ ، ماحول ۽ موسمي تبديلين کي نظر ۾ رکندي شهر ۾ گرين بيلٽ يا اربن فاريسٽ جو بنياد رکڻ ضروري آهي جنهن ۾ ٿيندو ايئن جو شهر ۾ وڻ، گل ۽ ٻوٽا پوکڻ جي مهم شروع ڪري ، نه رڳو رهواسين کي انهن جي اهميت بابت آگاهي ڏيڻي آهي پر انهن کي پوکي انهن جي پرگهور پڻ لهڻي آهي. ماڻهن جي پنڌ هلڻ لاءِ رستا ٺاهڻ ۽ ماڻهن کي پنڌ هلڻ جي اهميت ۽ فائدن بابت سمجهائڻ. دنيا ۾ شهرن جي گند ڪچري کي منهن ڏيڻ ۽ ريسائيڪلنگ لاءِ جديد نظام اڳم ئي موجود آهي، ڇونه اهڙي قسم جي جديد نظام جي موري کان شروعات ڪجي؟

مينهن جي مند ۾ دادو مورو پل تي پاڻ مرادو ڄڻ ميلو مچي ويندو آهي، جتي موري ۽ دادو ۽اوسي پاسي جي علائقن جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿيندا آهن ۽ موسم جو مزو وٺندا آهن، اتي ڪجهه ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان ماڻهن جي تفريح جو زبردست بندوبست ٿي پوندو. عوام جي ذهني نشونما يا واڌ ويجهه لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته ماڻهن جي تفريح جو بندوبست ڪجي ته جيئن هو پنهنجي اسٽريس يا ذهني دٻاء کي گهٽائي سگهن. لازمي جڏهن معاشري ۾ اسٽريس ليول گهٽ هوندو ته ماڻهو خوش گذاريندا ۽ انهن جي ڪنهن به شعبي ۾ پيداواري صلاحيت وڌندي. موري جي مختلف علائقن ۾ ٻارن جي وندرلاءِ پڻ مختلف قسم جي پارڪن جي تمام گهڻي ضروت آهي.
ڪجهه دوستن جو اهو واضع خيال آهي ته ترقي جي حوالي سان ڪراچي سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن به هاڻي ڌيان ڏنو وڃي. لازمي طور جيڪي اڄ فيصلا يا ڪم ٿين پيا، ڪو نه ڪو سڀاڻي انهن جو تاريخي جائزو وٺندو. تاريخ ۾ جيڪڏهن سرخرو ٿيڻو آهي ته پوءِ هر شعبي ۾ هرماڻهوءِ ۽ هرشهر ۽ ڳوٺ سان مڪمل انصاف سان هلڻو پوندو، نه ته تاريخ انتهائي بي رحم ۽ ظالم شئي آهي جيڪا چڱن ڀلن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيندي.
____________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.



