Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

اڄ ڇو منهنجي من ۾ سائين، لڪي لڪي ٿو ليئا پائين _ مير محمد پيرزادي جون ساروڻيون

مير محمد پيرزادو پنهنجي ڪچهريءَ ۾ پهريان ماڻهن کي ٻُڌندو هيو، پوءِ شروع ٿيندو هيو ۽ لطيف جي بيتن تي گفتگو ختم ڪندو هيو، هُو وڏو جادُوئي داستانگُو هيو، جيڪو تصورن ۾ وٺي ويندو هيو

مير محمد پيرزادي جو مشيني ڏاھپ سان تيار ڪيل فوٽو

رحمت پيرزادو

بابا ٻڌايو ته آفيسرن جو هڪ وفد اسان جي اداري ۾ آيو هيو، انهن کي (Horticulture) جا باغ گھمائڻ وٺي وياسين ته (Tube Well Operator) محرم ڪيريي جي هٿ ۾ ”ويٽنام جون ڪهاڻيون“ ڪتاب هيو، جنهن کي ڏسي اسان جي آفيسر چيو ته ”ابا! شڪر ڪيو جو مير محمد پيرزادو صاحب اَٿَوَ، جو ويٽنام جون ڪهاڻيون پيا پڙهو، نه ته اوهان کي به ڪلهي تي ڪهاڙي هجي هان!“ هيترن آفيسرن جي وچ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ اهو وڏو عزاز هيو جو اُن جا آفيسر به سندس ڪم جا معترف هجن.

بابا جي سمجھاڻي ۽ تقرير ڪمال هوندي هئي، ياسر قاضيءَ ڪو زراعت بابت سرڪاري پروگرام ڏسي چيو هئو ته ”سائين ميرمحمد زراعت تي ايئن ڳالهائيندو آهي ڄڻ شاعريءَ تي ڳالهائيندو هجي.“ ماڻهو بابا جي تقرير ٻڌڻ ايندا هئا. مون کي رياض دايي جي آفيس ۾ هڪ ماڻهو مليو، ڏاڍو شاندار ماڻهو هيو، سندس تعلق شايد ڄام ڏاتار جي درگاهه سان هيو. رياض دايي صاحب چيو ته ”سائينءَ سان واقفيت آهي؟ سائين اوهان جي علائقي جو آهي!“

مون کين تعارف ڪرايو ”مان ميرمحمد پيرزادي جو پُٽ آهيان.“

هنن وراڻيو ”سائين جيڪو سڪرنڊ ۾ هوندو هيو.“

مون چيو ”جي ها، اوهان منهنجو بابا ڏٺو؟“

ته هنن چيو ”نه فقط ڏٺو پر ٻڌوسين به ته ڇا ڳالهائيندو هيو.“

بابا وٽ پنهنجو (Vision) هيو، اسان ڏهه ڪتاب پڙهئون بابا هڪ ڪتاب پڙهي ڇا ته تجزيو ڪندو هيو ۽ ڀٽائيءَ جا بيت ايئن ٺهڪائي پڙهندو هيو ڄڻ لطيف لکيا ئي اُن معاملي لاءِ هجن. سائين مولا بخش ٻرڙي چيو ته اسان اسڪول ۾ سائينءَ کي هڪ ڀيرو ڀٽائيءَ تي ليڪچر لاءِ گھرايو، بنا هڪ پني کڻڻ جي هن ٻه ڪلاڪ لطيف تي شاندار ليڪچر ڏنو، جنهن ۾ ڪافي بيت به پڙهيئين، جيڪي کيس ياد هيا.“

هڪ ڀيرو شايد شاهنواز سوڍر شاهه لطيف ڪانفرنس تي حيدرآباد ۾ هڪ بيت پڙهيو ۽ دعويٰ ڪيئين ته ڪو عالِم اِن جي سمجھاڻي ٻڌائي. اسان گھر آياسين ته مان بابا کان پڇيو ته بابا کي اُهو بيت ياد هيو. مٺل ملاح اُن بيت جي سمجھاڻيءَ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر بابا وارا اِهو ”سُر رپ“ جو بيت سمجھائي نه سگھيا ته:

ڪِي جو ڪُنڀارَن، مِٽيءَ پائي مَنيو،

تنهن مان تِرَ جيتري، جي پئي خبر کَرن،

هُو تان هُوند مَرن، هِن اڱڻِ اوراتو نه لَهي. (شاهه)

ايئن کوڙ ڀيرا ٿيو ته بيت ڪنهن پڙهيو ۽ بابا هڪ ڀيرو ٻڌو ته ياد ٿي ويس. هُن وٽ وڏي ذهانت هئي ۽ جڏهن علم ايترو هوندو ته تقريرَ ۽ ڳالهه ۾ ته اثر ٿيندو.

مون کي ياد نه ٿو اچي مگر ان همراهه جو نالو گھڻو ڪري الله ڏنو ڪيريو هيو، اُهو وڏيري جو پُٽ هيو ۽ چوريون ڪندو هيو. نيٺ هڪ چوريءَ لاءِ ڪنهن جي گھر ۾ ويو ته اتي ڪا جوان ڇوڪري وڻي ويس. اُن ڇوڪريءَ جي ڪري هُن هڪ ماڻهو ماري وڌو. جيل ويو نيٺ پئسا ڏئي پيءُ آزاد ڪرايس ۽ بابا وٽ وٺي آيس، چيئين ”سائين! اوهان سمجھائيندئوس ته سمجھي سگھي ٿو، مون وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي.“ هٿ جوڙي سندس پيءُ کيس بابا وٽ ڇڏي ويو. بابا اُن کي ٻه ٽي ڪلاڪ سمجھايو، اُهو ڇوڪرو ڳالهه سمجھي ويو. بابا پڙهايس ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جي نوڪري وٺي ڏنئينس. سدائين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائيندو هيو، آخر ۾ وارن ۽ مڇن کي ڪارو رنگ ڪندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن بابا سان آفيس ۾ سڄو سڄو ڏينهن ويٺو هوندو هيو، شام جو هوٽل تي سڀن کان الڳ کٽ تي اڪيلو ويهي چانهه پي ڪلاڪ کن ويهي هليو ويندو هيو. (بابا ڪو مسيحا ته نه هيو جو انڌن کي اکيون ڏئي سگھي هان پر هُو علم وارو ماڻهو هيو، جنهن ماڻهن ۾ لڪل ماڻهپي کي ظاهر ڪيو، هُو هيرَن جو تراشيندڙ هيو. هر هيري ۾ جوهر ۽ وصفون موجود هيون. ڪاش اڄ اُهو الله ڏنو ڪيريو ڳالهائي هان ۽ بابا تي ڳالهائي به اُهو ئي پيو سگھي، آئون ته پُٽ هجڻ ناتي ڪافي شين جو احتياط ٿو ڪيان ته پيءُ بابت ڪا وڏي ڳالهه ڪيئن لکان!)

بابا پنهنجي ڪچهريءَ ۾ پهريان ماڻهن کي ٻُڌندو هيو، پوءِ شروع ٿيندو هيو ۽ لطيف جي بيتن تي گفتگو ختم ڪندو هيو، هُو وڏو جادُوئي داستانگُو هيو، جيڪو تصورن ۾ وٺي ويندو هيو، بابا وڏو (Optimist) هيو، حد درجي جو هاڪاري (Thinker) هيو، بابا جي ڪچهريءَ مان ٻاهر نڪرندا هئاسين ته ڄڻ ماڻهو ئي ٻيا هجئون، پتو ئي نه پوندو هيو ته ويٺا ڪهڙي جڳهه تي آهيون ۽ هاڻ وڃڻو ڪيڏانهن آهي.

مان نوجوانيءَ ۾ ڏاڍو شرارتي هيس، سو ڪرڪيٽ جي سڄي ٽيم کي تيار ڪيم ته ٺٽي ۽ مڪليءَ تي گھمڻ ٿا هلئون. اسان سڀني پاڻ ۾ چندو ڪيو، اي ٽي آءِ (Agriculture Training Institute) جي ڊرائيور کان پڇيوسين ڪيترو پيٽرول لڳندو؟ پرنسيپال آچر ڪيريي کان سرڪاري بَسِ جي اجازت ورتيسين. نيٺ پئسن ۾ ٻه سئو روپيا کُٽي پيا، بابا کان به پئسا وٺي چُڪا هئاسين، سو بابا کي چيم ته ”ٻه سئو روپيا کُٽي پيا آهن، ڪنهن کان چندو وٺئون؟“ ته بابا چيو ”الهه ڏني ڪيريي کان وٺو، فصل به لٿو اٿس توهان کي جواب نه ڏيندو.“

جڏهن شام جو هوٽل تي الهه ڏنو ڪيريو چانهه پيئڻ لاءِ آيو، ته مان ۽ هڪ ٻيو دوست وياسين، الهه ڏني ڪيريي کي سڄي ڳالهه ڪئي سين. هُن ٻه سئو روپين جا ڪڙڪ نوٽ ڪڍي ڏنا. ايئن اسان پورا پئسا ڪري ٺٽي، مڪلي، واپسيءَ ۾ راڻي باغ حيدرآباد ۽ رات جو موٽندي ڀٽ شاهه تان به ڀيرو ڀريندا آياسين. ڀٽ شاهه تي هڪڙو ڇوڪرو اسان سان ڪارڙو گڏ هيو، نورالدين ڪيريو اُهو ڏاڍو رُنو. اسان سڀ اُداس ٿي وياسين، کلندا ڳالهائيندا پئي آياسين پر هُن يار کي ڪو دل ۾ اهڙو پُور هيو، خير انهن ڳالهين تي بعد ۾ لکبو.

اسان جي فارم واري گھر جي ٻاهران پارڪ هوندي هئي، جنهن ۾ علي خان چانڊيو ايندو هيو ته بابا سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندو هيو، بابا جي شاعري سائين علي خان چانڊيي جي آواز ۾ زبردست لڳندي هئي.

اڄ ڇو منهنجي من ۾ سائين!

لڪي لڪي ٿو ليئا پائين.

گُل ۾ خوشبو، جھُڙ ۾ بُوندون،

ڪيرُ چوي ٿو سڀ ۾ ناهين.

سڙڪُن تي هي تنهنجا پيرا

جن کي ڪا به زبان نه آهي،

گَسُ ته ماڳهين آهي گُونگو،

توکي ڪيرُ ٻُڌائيندو؟

يا هُو ڳائيندو هيو ته:

اسان پرهه تان پاندُ لاٿو پرين!

اسان رات جو راز ڄاتو پرين!

نه ڪا اک ئي ڦڙڪي، نه هڏڪي لڳي،

وساري ڇڏيو آهه ڇا تو پرين!

يا نارائڻ شيام جي درديلي انداز ۾ اِها وائي ڳائيندو هيو ته:

پيارَ ڪڻي ڪنهن ڀي نه ڏني،

درِ درِ آيو رُوح پِني!

علي خان چانڊيي جي اصل سڃاڻپ شيخ اياز جا غزل هيا. هُن وٽ هڪڙي ڳاڙهي ڊائري هوندي هئي. هُو سائين راشد مورائيءَ جا غزل نسبتن گھٽ ڳائيندو هيو، پوءِ سائين راشد چيس ”علي خان! ڊائري بيشڪ ڳاڙهي آهي، پر شاعري گُلابي ٿو ڳائين.“ اِها کيس سائين راشد جي مَيارَ هئي.

سائين علي خان عجيب عشق سان شيخ اياز جو اهو غزل ڳائيندو هيو ته:

ساري شهر وسايا پٿر جن سان چڪناچُور هيو،

پوءِ به هُن ٿي نعرا ماريا، مُڙس ته ڪو منصُور هيو.

ڪالهه وفا جي ويراني ۾ هڪڙي هرڻي اُڃ مُئي،

سجُ ازل جي اک لڳو ٿي اهڙو اُن ۾ نُور هيو.

دريا دريا هُن جو من هو، صحرا صحرا نيڻ هيا،

پَلَ جو پانڌيئڙو آيو هو، وڃڻو ان کي دُور هيو.

ڏينهن تَتي جو آيو آهين اڳ ۾ آئين ڇو نه ايازَ!

ڇَپري ڇَپري ڇانوَ هئي، جنهن وقت نمن ۾ ٻُور هيو.

بابا اِن غزل تي آبديده ٿي ويندو هيو. هُن جي آڏو سندس سڄي زندگيءَ جي جستجو هئي، ڳوٺ جي غربت، ننڍي هوندي پيءُ هليو ويو، ڇورو ٻار، بنا پيءُ جي ننڍڙي وَهيءَ کان ويندي خانداني ڇپر ڇانوَ ٿي هُو قومي تحريڪ جي خطرناڪ دور ۾ (Main Stream) ۾ رهيو. جيلن ۾ دوستن کي مانيون پهچايئين، ڪَچي جا پَنڌَ جھاڳي سَن ويندو هيو. دوستن لاءِ دلاسو ۽ ورڪرن لاءِ وسيلو بڻجي، سڄي شهر ۾ ڪم ڪيئين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پروگرام اٽينڊ ڪندو هيو. دولت پور، قاضي احمد، نواب ولي محمد، مورو، دادو، نوشهرو، هالا، حيدرآباد، لاڙڪاڻو مطلب سندس پيرن جا نيشان پنهنجي مقصد واري پنڌ ۾ جتي ڪٿي واضع نظر ايندا. سندس سامهون ڪلارڪ بنگلا ٺاهي ويا، آفيسر گاڏين جا مالڪ ٿي ويا، پر هُن پنهنجي جھول ۾ ڌرتيءَ جو عشق کنيون.

منهنجي پهرئين ڪتاب ”ڪليسا جي دريءَ مان“ جو مهورتي پروگرام هجي، جيڪو صادق لاکي سنڌ ڪلچرل فورم پاران سڪرنڊ ۾ ڪرايو، جنهن ۾ تاج جويو، راشد مورائي، عبدالحڪيم ارشد، ميرمحمد پيرزادو، محمد صديق منگيو، فياض چنڊ ڪليري، منور سراج، ثناءُ الله خاصخيلي ۽ ٻيا شامل هيا. اُن پروگرام ۾ بابا چيو هيو ته ”گوتم ٻڌ جڏهن سنياس تان واپس آيو ۽ سڀ ڪجھ تياڳي ڇڏيو هيائين، تڏهن پپر جي وڻ هيٺان سندس وني پنهنجي پٽ راحل سان گڏ آئي ۽ ماڻهن جي مجموعي ۾ چيائينس ته ”اي گوتم! تون شهزادو هئين، هاڻي سنياسي آهين پر پنهنجي پُٽ کي ورثي ۾ ڇا ٿو ڏئين؟“ ته گوتم ٻُڌ پنهنجو ڪشتو کيس اڇلي ڏنو ته ”مان کيس ورثي ۾ هي ڪشتو ڏيان ٿو جيڪڏهن هُو قبول ڪري.“ جڏهن بابا گذاري ويو ته رٽائيرمينٽ کان پوءِ هِن اڻويهين گريڊ جي آفيسر جي اڪائونٽ ۾ صرف اها ڏيڍ مهيني جي پگھار هئي، جيڪي پڇاڙڪا ڏينهن هُو بيمار رهيو ۽ بستري تي هيو. سندس ڪشتي جي وزن کڻڻ جي دعوي مان نه ٿو ڪريان ۽ نه ئي مان کڻي سگھندس …… باقي پنهنجي وس آهر ادب جي مورچي تي پنهنجي وطن ۽ ٻوليءَ جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ وسان نه گھٽائيندس. بابا پنهنجي جھولي ديس جي حب سان ڀري، هُو تتل ڏينهن کي سمجھي پيو ۽ ڇپري ڇپريءَ جي ڇانوَ کان واقف هيو، هُو جنهن وفا جي ويراني ۾ هرڻيءَ وانگر اُڃ مُئو، اُن جا ساکي هن شهر جا وڻ ۽ واٽون آهن. هُو پنهنجي تقريرُن ۾ چوندو هيو ته ”شاعر مرندا آهن ته وڻ اُداس ٿي ويندا آهن، هوائون نوحا ڳائينديون آهن ۽ جھُڙ لُڙڪ وهائيندو آهي ڇو ته شاعر فطرت جا نغما ڳائيندا آهن.“ جيئن لطيف چيو هيو ته:

ڪانڌي ڪَنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،

ٻَگھا جي ٻيٽَن جا، ڪُلها تِن ڏناسِ،

اکئين مَلڪَ ڏٺاسِ، توءِ مَن ڪاڍو ميهار ڏي. (شاهه)

ميرمحمد پيرزادي جو ميهار درياهه جي ٻئي پار سَن وارو سائين هيو. اُهي جيڪي آفيسري ڇڏي هارين کي ليڪچر هيا، جيڪي اديبن کي علمي سبق هيا، جيڪو سياسي ڪارڪُنن لاءِ موکيءَ وارو مَٽُ جھليون ويٺو هيو، اِهي تَتيءَ جا پنڌ هيا، جنهن لاءِ چيل هيو ته ”گَسُ ته ماڳهين آهي گُونگو، توکي ڪيرُ ٻُڌائيندو!“

هڪڙو اهڙو وقت آيو جو سائين منيرشاهه جي پراڻي جيپ ۾ هر هفتي ڀٽ شاهه هليا ويندا هيا، نماڻو سنڌي هالن مان ايندو هيو، مٺل ملاح، حنيف شاهه، فيض الله ۽ ڪڏهن ادريس جتوئي به ساڻ هوندو هين. هڪ ڀيري مون به ضد ڪيو ته مون کي به وٺي هلو، مان اتي ڪيڪ کائيندس. پوءِ حسن ڊرائيور منهنجي سنڀال ۾ هيو ۽ مان گاڏيءَ ۾ سنجھي سان ئي سُتل هيس.

سائين حنيف شاهه به هڪڙو پيارو ماڻهو هيو، کيس راڳ جي به زبردست ڄاڻ هئي ۽ البرٽ ڪاميو، ايمائل زولا ۽ هرمن هيسي جا ناول شوق سان انگريزيءَ ۾ پڙهندو هيو. سچ اِهو آهي ته سائين حنيف شاهه گھڻو پڙهي ويو، لطيف جون نيون معنائون ٻڌائيندو هيو، هُو اسان کان عمر ۾ ٿورو وڏو هيو پر اسان جو يار هيو، گڏ ڪرڪيٽ کيڏندا هياسين، وڏا ڇڪا هڻندو هيو. سائين خبر ناهي ڇو تلهار ۾ طارق دنيا ٿي ويهي رهيو پر اڄ به هُن جا ڀاڪُر ياد آهن.

بابا چوندو هيو ”ماحول سٺو هوندو ئي ناهي، اُن کي پاڻ سُٺو ٺاهبو آهي.“ اڳي سندس ڳالهيون ايئن ئي ٻڌندا هياسين، هاڻي ياد اچن ٿيون ته اهو احساس ٿئي ٿو ته هُو ڇا هيو ۽ ڇا سندس ڳالهيون ڇا هيون. وڏا ٽهڪ هوندا هيا، هُن جا ٽهڪ مشهور هوندا هيا، ڇا انهن کي خبر نه هئي ته زندگي فاني آهي؟ هڪ ڏينهن ڪير به هتي رهڻو ناهي! پوءِ هُو ايڏو خوش، ايڏو مطمعن ڪيئن هيا؟

مون کي ياد آهي ته مان يونيورسٽي پاس ڪئي ته بابا کي ٻئي ڪمري مان اٿاري آيس ته بابا مون کي راڳ سيکاريو. اسان وٽ هڪ بهترين ٽيپ رڪارڊر ڊبل سائيڊ وارو شارپ ڪمپنيءَ جو سائين سهڻي (منير شاهه ۽ حنيف شاهه جي والد) آندو هيو. مون استاد منظور علي خان جي ڪيسٽ هلائي، ”قاضيا ڪهڙي مسلي ڏسيندا، عشق شرا ڪيا لڳي لڳي.“ بابا چيو اهو ”تلنگ“ آهي، اها اصل ۾ ”ڪافي راڳ“ هيو، جيڪو پاڻ ٺاٺ به آهي، اُن کي سنڌيءَ ۾ تلنگ چوندا آهن. جڏهن تلنگ خود منهنجي خيال ۾ ”کماچ“ ٺاٺ جو راڳ آهي. پوءِ ڪوهياري ٻڌيسين. مون ڇا ڪيو ته ڪيسٽن تي راڳ لکندو ويس، پوءِ چار ڳائڻن جا ڪوهياري هڪ ڪيسٽ ۾ رڪارڊ ڪيم، ايئن مختلف راڳن جون الڳ الڳ ڪيسٽون ٺاهيم ۽ ايئن ڳالهه سمجھ ۾ اچي وئي. عابده پروين هونءَ ته مون کي گھٽ پسند آهي پر ان جي جوانيءَ جي ڪيسٽ ۾ اهڙي ته زبردست ڪوهياري ڳايل هئي جو واهه واهه. پوءِ بابا ۽ اسان ڪافي محفلون به گڏ ٻڌيون. انهن جو ذڪر به ايندو ويندو، پر بابا جي پسند جا راڳ ”ڀيروين“، ”بهاڳ“، ”جونپوري ٽوڙي“، ”پهاڙي“ هيا.

”بهاڳ“ ته مون استاد منظور علي خان، استاد گلزار دايو، استاد گلزار سانگھڙائي، شفيع فقير،  وحيد علي خان، فتح علي خان گوالياري، سلامت علي خان، راشد خان (انڊيا)، پروين سلطانا، استاد بڙي غلام علي خان ۽ ملڪهءِ موسيقي روشن آرا بيگم انهن سڀني جا ڳايل ”بهاڳ راڳ“ مون بابا کي ٻڌرايا، ايئن ”جونپوري راڳ“، استاد منظور علي خان جو ڪلام، استاد گلزار سانگھڙائي، پروين سلطانا جو ”راڳ جونپوري“، بڙي غلام علي خان جو ۽ هڪ ٻيو فنڪار هيو قاضي احمد جو مٺل ميراسي، اُن اڌ ڪلاڪ ”راڳ جونپوري“ مان خيال ڳايو جنهن ۾ استاد احمد ڪيريي ستار وڄايو هيو. استاد احمد ڪيريو منهنجو بابا کان پوءِ راڳ ۾ استاد هيو. پاڻ حاجي ڪيريي جو هيو، وڏو استاد گَويو هيو، آواز سنهو هيس پر علم ڪمال جو هيس. مان استاد احمد ڪيريي تي لکان ته ڪتاب لکي وڃان، هُو اهڙو گُڻي ماڻهو هيو. ڪهڙو به خيال ٻڌايوس سنڌي ڪلام جي اُن راڳ ۾ ڌُن ٺاهي ٻڌائيندو.

جيئن ته مان يونيورسٽيءَ پاس ڪرڻ کان پوءِ اِن راڳ جي فيلڊ ۾ آيس، اسان پراڻي سڪرنڊ ۾ منٺار لاکي جي نالن جي دڪان تي ويهندا هياسين، ٻه ٽي ماڻهو استاد احمد سان ڪچهريءَ ۾ هوندا ئي هوندا هيا. ننڍو ٻار اچي يا وڏو استاد احمد اٿي نوڙي ملندو هيو. بابا کي غلام قادر ڪيريي دانهن ڏني ته ”گڏهه گاڏن جا نال ٺاهڻ واري وٽ روز توهان جو پٽ وڃي ٿو وهي، هي يونيورسٽي پڙهي آيو آهي، رُلي نه وڃي.“

بابا چيس ”علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي ڪجھ ماڻهن قاضي فيض محمد جي به ايئن دانهن ڏني هئي ته اُهو به موالي ڳائڻن سان گڏ ڳائيندو ٿو وتي، سو اوهان حافظِ قرآن آهيو، کيس منع ڪيو. تنهن تان قاضي فيض محمد چواڻي ته علامه آءِ آءِ قاضيءَ جواب ڏنس ته ڪيڏو نه خوش نصيب آهي منهنجو سئوٽ قاضي فيض محمد جو کيس آرٽ جي ۽ موسيقيءَ جي ايڏي ڄاڻ آهي، جيڪڏهن مون وٽ ايترو علم هجي هان ته هوند آئون به وڃي انهن جي محفل ۾ ويهان هان.“ بابا جو جواب هڪ فيصلو هيو.

سو استاد احمد ڪيريي، مٺل ميراسي جي ڪيسٽ مون کي ڏني جنهن ۾ هُن ”راڳ جونپوري ٽوڙي“ جو اڌ ڪلاڪ جو خيال ڳايو هيو، جڏهن مون اهو هلايو ته بابا اکيون بند ڪري ٻڌڻ ويٺو ته اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اکيون خيال ختم ٿيڻ تي کوليائين، جيڪي ڳوڙهن سان ڀريل هيون. (ھلندڙ)

پڙھو حصو پھريون ،

_________________ 

ليکڪ

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button