عشق سيکاريون نيون نيون ڳالھيون، نہ ڪرڻ جھڙيون، نہ سلڻ جھڙيون
جيڪي ڳالھيون نہ ڪرڻ جھڙيون ھُجن، نہ سلڻ جھڙيون ھجن. اُنھن ڳالھين جو آخر سماج ۾ تعميري ڪارج بہ ڪھڙو.؟ ڇا اُھي ڳالھيون انفرادي ذھن جي مرقد جو سينگار ئي ناھن.؟
رشيد احمد خاصخيلي
ڪنھن ڪلاسيڪل شاعر، چيو آھي ”عشق سيکاريون نيون نيون ڳالھيون، ڳالھيون نہ ڪرڻ جھڙيون نہ سلڻ جھڙيون.“
سوچجي جيڪي ڳالھيون نہ ڪرڻ جھڙيون ھُجن، نہ سلڻ جھڙيون ھجن. اُنھن ڳالھين جو آخر سماج ۾ تعميري ڪارج بہ ڪھڙو.؟ ڇا اُھي ڳالھيون انفرادي ذھن جي مرقد جو سينگار ئي ناھن.؟ جيڪڏھن اھي ڳالھيون انفراديءَ آرام گاھ لاءِ ئي وجود ۾ آيون آھن، تہ اُنھن جي نہ ڪرڻ ۽ نہ سلڻ جي شڪايت ئي ڇو.؟ ڇا اُھا شڪايت اُنھيءَ راز ( عشق) کي وڌيڪ نشانبَرُ نہ ٿي ڪري.؟
آئون تہ ائين چوندس تہ اُھا نہ ڪرڻ ۽ نہ سلڻ واري شڪايت عشق جي وڌيڪ پرچار ٿي ڪري.! ڪو بہ انساني خيال ھُجي اُھو پنھنجي وجود ۽ پيدائش سان گڏ ئي پنھنجو تضاد کنيون ايندو آھي.! تڏھن تہ ھيگل کي ھنيئن سوچڻو پيو تہ : ” ھر خيال يا تصور جو ھڪ ضد موجود رھي ٿو.( يعني ھر خيال يا تصور بجاءِ خود پنھنجو ئي ضد آھي) ۽ اھو خيال يا تصور جڏھن پنھنجي ھڪ خاص حد کي اورانگي ٿو تہ ان جي ناقص يا ڪا ٻٽ پاسي جي نفي ٿي وڃي ٿي ۽ ان جي جاءِ ھڪ ٻيو خيال يا تصور وٺندو آھي.! جيڪو پنھنجي پھرين خيال يا تصور جو عڪس ۽ اولڙو ھوندو آھي.! اھو نئون خيال يا تصور پنھنجي پھرين خيال يا تصور سان ملي ۽ مربوط ٿي ھڪ نئون ڪُليو يعني خيال يا تصور پيدا ڪندو آھي. ۽ انھيءَ نيئن خيال يا تصور جي ترقيءَ جي نتيجي ۾ نفي ٿئي ٿي ۽ وري ان نيئن خيال جي بہ ترقيءَ جي نتيجي ۾ اڳتي ھلي نفي ٿئي ٿي.!

۽ ائين ئي اھو سلسليوار عمل اڳتي ئي اڳتي وڌندو ۽ ترقي ڪندو رھي ٿو. پر جيئن تہ نفي ناقص ۽ ناڪاري پاسي جي ئي ٿيئي ٿي، ان ڪري خيالن يا تصورن جو صالح، صحتمند ۽ ترقي پسند عنصر يعني خيال سوچ فڪر ارتقا جون منزلون طئي ڪندو باقي قائم ۽ دائم رھي ٿو. ۽ اھو صالح، صحتمند جوھر اھي ابدي قدر يا حقيقتون آھن، جيڪي انھيءَ سڄي سلسليوار تغير يا تبديلي جي باوجود باقي ۽ قائم رھندا آھن ۽ اھي قائم بالذات (پاڻ وھيڻي سگھ) آھي، جيڪا انھيءَ جوھر کي ثابت ۽ سلامت رکندي آھي.“ جنھن کي ڊاڪٽر ھيگل ”ڪائناتي روح “سڏي ٿو.!
جيڪڏھن عشق لفظ جنم وٺي ٿو تہ اھو پنھنجي پرچار وارا تضاد آخر ڪيئن ٿو وساري سگھي.؟ جيڪڏھن ڪجھ گھڙين لاءِ مڃي بہ وٺجي، تہ عشق پنھنجي پرچار وارا تضاد پاڻ سان گڏ ناھي آڻيندو، تہ ان لاءِ پاڻ وٽ ڪھڙي شاھدي يا صداقت آھي.؟ پاڻ موٽي ٿا اچون عشق ڏانھن جنھن لاءِ ڏاھپ چئي ٿي تہ : ”عشق سيکاريون نيون نيون ڳالھيون، ڳالھيون نہ ڪرڻ جھڙيون نہ سلڻ جھڙيون!“ نہ ڪرڻ ۽ نہ سلڻ ڇا عشق لفظ جي نفي ناھي.؟ جي نفي آھي تہ پوءِ اھو ڪيئن نہ مڃجي تہ اھا نفي پنھنجي پھرين جوھر يعني عشق جو ئي عڪس ۽ اولڙو آھي.؟
بھرحال ڳالھيون ڪيتريون ئي… ڪڏھن ڪڏھن اھڙا انسان بہ ملندا آھن.! جيڪي عشق جون نيون نيون سيکاريل ڳالھيون، نہ صرف ٻڌائيندا آھن. پر اھڙيون ڳالھيون ڪيترن ئي شعوري دماغن تي لکي بہ ڇڏيندا آھن.! جيڪي ڳالھيون رنگن وانگر گڏجي، دماغ ۾ ڪيترين تصويرون کي جنم ڏينديون آھن.! پوءِ ھوريان ھوريان اُھي تصويرون ڳالھائڻ شروع ڪنديون آھن. ۽ ڪيترن ئي منزلن جو ڏس پڻ ڏينديون آھن.! ھا اھڙيون منزلون، جن تي تياڳ ڪرڻ سان ئي اڳتي ھلي اکين جي پيرن کي سُوجھرن جي صبح ڀليڪار ڪندي آھي.! ھا اھڙي سُوجھرن جَي صبح جنھن جي سُھائي ۾ ھن ڀونءِ کي پڻ سينگاري سگھجي ٿو.
_____________