Editor's pickMain Slideدنياڪالم

برطانيا جي سياست: ڇا شبانہ محمود کاٻي ڌُر جي مارگريٽ ٿئچر بڻجي سگهي ٿي؟

ٿئچر وانگر شبانہ به محنتي، منظم ۽ سخت مزاج آهي. ٻنهي عورتن روايتن کي ٽوڙيندي سياست ۾ پاڻ مڃرايو. ٻنهي کي “فولادي عزم” لاءِ سڃاتو وڃي ٿو.

شبانہ محمود جي سياست ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان ضرور موجود آهن، پر ڪي رڪاوٽون به آهن.

مُشتاق ٽانوري

برطانيا جي سياست ۾ هڪ نئون نالو تيزيءَ سان اُڀري رهيو آهي ـ شبانہ محمود. ڪيئر اسٽارمر جي ليبر حڪومت ۾ هوم سيڪريٽري طور سندس مقرريءَ کان پوءِ سياسي حلقن ۾ بحث ڇڙيل آهي ته ڇا هوءَ مستقبل ۾ ليبر پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي سگهي ٿي ۽ ڇا کيس واقعي ”کاٻي ڌر جي ٿئچر“ سڏڻ درست آهي؟

شبانہ محمود 44 ورهين جي آهي ۽ برمنگهم جي ليڊي ووڊ مان چونڊجي آئي آهي. سندس خاندان جو پسمنظر عام مهاجرن جهڙو آهي. والد ننڍڙو دڪاندار، مقامي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم، پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ڊگري ۽ بئرسٽر طور تربيت. اها ڪهاڻي، محنتي ۽ وچولي طبقي جي پس منظر مان اڀرندڙ هڪ عورت جي ڪاميابيءَ جو مثال آهي. اهو پسمنظر کيس ليبر پارٽيءَ جي روايتي ووٽرن سان ويجهو ڪري ٿو، ڇوتہ هوءَ عام برطانوي مسلمان خاندانن جي زندگيءَ جو حصو رهي آهي.

پر ساڳئي وقت، سندس تعليم ۽ پيشه ورانه قابليت کيس برطانيا جي ايليٽ حلقن تائين وٺي وئي. شبانہ سياست ۾ قدم رکندي پارٽي جي خزاني واري ٽيم ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ وزارتن جي صفن ۾ تيزيءَ سان اڳتي وڌي. هوءَ پارليامينٽ ۾ سڌي ڳالهائڻ، محنتي هجڻ ۽ نظم و ضبط لاءِ سڃاتي وڃي ٿي. سندس سياسي سوچ ڪيترن ئي لحاظن کان غير روايتي آهي. جيتوڻيڪ هوءَ ليبر پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهي، پر سماجي ۽ اخلاقي معاملن تي قدامت پسند راءِ رکي ٿي. هواميگريشن تي سخت موقف رکي ٿي، گروومنگ گينگز اسڪينڊل تي بي رحم تنقيد ڪري ٿي، ايل جي بي ٽي ۽ تعليم بابت خدشا رکي ٿي، جي.ڪي. راؤلنگ جي جنس بابت موقف جي حمايت ڪري ٿي ۽ يورپي ڪورٽ آف هيومن رائٽس جي اثر کي محدود ڪرڻ جي خيال جي حامي آهي.  اهڙن موقفن سبب هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ساڄي ڌر جي اڳواڻن جي ويجهو نظر اچي ٿي، جيتوڻيڪ هوءَ پاڻ کي ”سماجي قدامت پرست“ ليبر سياستدان سڏي ٿي.

برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم مارگريٽ ٿئچر، جنهن کي ”آئرن ليڊي“ سڏيو ويندو هو، برطانيا جي سياست ۾ پنهنجي محنت، اصول پسندي ۽ سخت موقف سبب منفرد مقام رکي ٿي،  شبانہ کي  ان سان ڀيٽيندي کيس ”کاٻي ڌر جي ٿئچر“ پڻ سڏيو پيو وڃي،  کيس کاٻي ڌُر جي ٿئچر سڏڻ ۾ ڪجھ حقيقتون آهن.   ٿئچر وانگر شبانہ به محنتي، منظم ۽ سخت مزاج آهي. ٻنهي عورتن روايتن کي ٽوڙيندي سياست ۾ پاڻ مڃرايو. ٻنهي کي “فولادي عزم” لاءِ سڃاتو وڃي ٿو. پر ان ڀيٽ ۾ مبالغو به آهي،   ٿئچر ٽوري پارٽيءَ مان امير حلقن مان چونڊجي آئي هئي، جڏهن ته شبانہ هڪ مسلمان ۽ مهاجر پسمنظر واري علائقي مان آهي. ٿئچر جو نظريو واضح طور نئون لبرلزم ۽ مارڪيٽ اڪانامي تي ٻڌل هو، جڏهن ته شبانہ ”بلو ليبر“ جي ايمان، خاندان ۽ جهنڊو واري سوچ سان جڙيل آهي. ٿئچر عالمي سطح تي برطانيا جي ڪردار کي جارحاڻي نموني ٻيهر تعمير ڪيو، جڏهن ته شبانہ اڃا تائين گهڻو ڪري گهريلو پاليسين تائين محدود آهي.

شبانہ محمود جي سياست ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان ضرور موجود آهن، پر ڪي رڪاوٽون به آهن. ان ۾ پهرين رُڪاوٽ پارٽيءَ جي اندروني سياست آهي ڇو ته ليبر پارٽي هميشه کاٻي ۽ وچين ڌر جي ڌڙن ۾ ورهايل رهي آهي. شبانہ جو قدامت پسند موقف کيس کاٻي ڌر لاءِ مشڪوڪ بڻائي ٿو. ٻيو وائٽرن جو ردعمل، مهاجر پسمنظر باوجود، هوءَ پناهگيرن خلاف سخت موقف اختيار ڪري ٿي. اهو موقف ڪيترو مقبول ٿيندو، اهو اڃا اڻڄاتل آهي. ٽيون سندس مذهبي سڃاڻپ، مسلمان هجڻ سندس لاءِ هڪ طرف اعتماد جو ذريعو آهي، پر ٻئي طرف سياسي مخالفن لاءِ تنقيد جو آسان نقطو به بڻجي سگهي ٿو ۽ چوٿون عالمي ڪردار، ٿئچر عالمي سطح تي اهم رهبر ثابت ٿي هئي، شبانہ کي اڃا اهڙي سطح تي پاڻ مڃائڻو پوندو.

مائيڪل  گوو جهڙا مخالف به کيس اسٽارمر جي ڪابينا جو ”تيز ترين سياسي دماغ“ سڏين ٿا، جيڪو سندس اهميت جو ثبوت آهي. جيڪڏهن هوءَ پنهنجو اصولي موقف برقرار رکندي ليبر جي اندرين اختلافن کي سنڀالي سگهي، ته مستقبل ۾ قيادت تائين پهچڻ ۾ ڪا عجب جي ڳالهه نه هوندي پر في الحال کيس ”کاٻي ڌر جي ٿئچر“ قرار ڏيڻ سياسي مبالغو آهي. البت، سندس عزم، اصول ۽ محنت کيس اهڙي پوزيشن تي آڻي سگهن ٿا جتي هوءَ ليبر پارٽيءَ جي لاءِ نئين سرسخت ۽ فولادي چهري طور سامهون اچي.

شبانہ محمود جي ڪهاڻي هڪ عام مهاجر خاندان جي ڌيءَ کان برطانوي سياست جي مرڪز تائين پهچڻ جي ڪهاڻي آهي. هوءَ غيرمعمولي صلاحيتن ۽ اصولن واري سياستدان آهي، پر ڇا هوءَ واقعي ٿئچر جهڙي تاريخي اڳواڻ بڻجي سگهي ٿي؟ ان سوال جو جواب وقت ئي ڏيندو.

_______________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button