سنڌو ماٿريءَ جي ڪهاڻي: انساني بقا ۽ لچڪ جو هڪ عظيم داستان
سنڌو سڀيتا جي زوال جو ڪارڻ تلوارن جو حملو نه، فطرت جو بدلجندڙ مزاج ھو. جڏهن چوماسي بي وفائي ڪئي ۽ درياهن رخ مٽايا، ته سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن هٺ ڌرمي ڏيکارڻ بدران وقت جي وهڪري کي سمجهيو. هنن پنهنجي عظيم الشان شهرن جي قرباني ڏني، پر پنهنجي زراعت جي ٽيڪنالاجي، مٽيءَ جا ٿانءَ ٺاهڻ جي مهارت، مڻڪا تراشڻ جو فن، ڪپڙو اڻڻ جي اوزارن کي پاڻ سان گڏ محفوظ رکيو. هنن وچ اوڀر وڃي نون تجارتي مرڪزن کي جنم ڏنو ۽ ننڍي کنڊ اندر ڏکڻ ڏانهن هجرت ڪري گنگا جي ميدانن ۽ تامل ناڊو جي ساحلن تي هڪ نئين ثقافتي پرهه جو آغاز ڪيو.

صديون گذرڻ کان پوءِ به سنڌو ماٿريءَ جو اصل سچ تاريخ جي پردن ۾ لڪل هو، جنهن کي هاڻي جديد سائنس ذريعي پڙدو کڻي ظاهر ڪيو پيو وڃي. هيءَ تحرير قديم آريائي حملي جي مفروضي کي رد ڪندي، آرڪائيوجينٽڪس ۽ موسمياتي تبديلين جي روشنيءَ ۾ سنڌو سڀيتا جي عظيم لڏپلاڻ، ۽ ان جي وجود جو هڪ منفرد تاريخي تجزيو پيش ڪري ٿي.
تحرير: ابراهيم صالح محمد
برطانوي تاريخ نويس آرنلڊ ٽوئنبي جڏهن دنيا جي ڇويهن تهذيبن جي عروج ۽ زوال جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سنڌو ماٿريءَ تي نظر وڌي، ته هن چئي ڏنو هو: تاريخ ۾ سنڌو ماٿريءَ تي وڌل هڪ نظر مون کي منهنجي 50 سالن جي تعليم کان وڌيڪ سيکاريو.
ٽوئنبي جو اهو اعتراف ڪو وڌا۽ نه هو. سنڌو ندي ۽ ان جي معاون ندين جي هنج ۾ پروان چڙهندڙ هيءَ تهذيب انساني تاريخ جو هڪ اهڙو بي مثال ۽ منظم شاهڪار هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي دور جي سميري ۽ مصري تهذيبن کي حيران ڪيو، پر ساڍا چار هزار سال گذرڻ کان پوءِ اڄ جي جديد ترين سائنس به ان جي اسرارن آڏو ڪنڌ جهڪائيندي نظر اچي ٿي.
هڪ وڏي عرصي تائين مؤرخ اسان کي اهو پڙهائيندا رهيا ته هيءَ شاندار تهذيب وچ ايشيا مان ايندڙ آريائي حملي آورن جي خوني حملن جو نشانو بڻجي مٽجي وئي، ۽ ان جا رهواسي تاريخ جي اونداهين ۾ ڪٿي غائب ٿي ويا. پر ايڪيهين صديءَ جي آرڪائيوجينٽڪس (قديم ڊي اين اي تحقيق)، جيو-آرڪيالاجي ۽ ڪمپيوٽر سائنس هن نوآبادياتي مفروضي کي مڪمل طور تي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي. جديد سائنس اها حقيقت ظاهر ڪئي آهي ته سنڌو ماٿريءَ جا رهواسي ڪڏهن به ختم نه ٿيا هئا؛ پر اهي موسمياتي تبديليءَ جي هڪ اهڙي سخت جاگرافيائي چيلنج جو شڪار ٿيا، جنهن کين پنهنجن عظيم الشان شهرن کي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.
هيءَ تحرير ان ئي ڳالھ تي ٻڌل آهي ته ڪيئن هڪ وڏي موسمياتي تبديليءَ سنڌو ماٿريءَ جي انسانن کي ننڍي کنڊ اندر ڏکڻ ڏانهن ۽ ننڍي کنڊ کان ٻاهر وچ اوڀر ڏانهن هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ۽ هنن جتي به قدم رکيو، اتي پنهنجي ثقافت، انجنيئرنگ ۽ جينيات جا گهرا نشان ڇڏيا.
اڄ کان ساڍا چار هزار سال اڳ، جڏهن يورپ اڃا جهنگلن ۾ رهي رهيو هو، سنڌو ماٿريءَ جا رهواسي موهن جو دڙو، هڙپا، لوٿل ۽ ڍولاويرا جهڙن پڪين سرن جي نظام تي ٻڌل شهرن ۾ زندگي گذاري رهيا هئا. سندن سڀ کان وڏو ڪمال پاڻيءَ جو بهترين انتظام هو. هندستان جي رياست گجرات جي خشڪ ۽ ريگستاني علائقي ‘رڻ ڪڇ’ ۾ واقع ڍولاويرا ان جو چٽو ثبوت آهي. ڍولاويرا جي انجنيئرن جبلن کي ڪٽي 16 وڏا تلاءُ ٺاهيا هئا، جيڪي سڄي شهر جي سالياني ضرورت کان ٽيڻ تي وڌيڪ پاڻي ذخيرو ڪري سگهندا هئا. هنن چوماسي جي برساتي نالن تي چيڪ ڊيم ٺاهي پاڻيءَ جو رخ انهن تلائن ڏانهن موڙيو ۽ پاڻيءَ کي شهر اندر آڻڻ کان اڳ فلٽريشن ٽينڪن مان گذاريو ته جيئن مٽي هيٺ ويهي رهي ۽ صاف پاڻي شهر ۾ داخل ٿئي. اها قديم دنيا ۾ بارش جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ (Rainwater Harvesting) جي شروعاتي ۽ مڪمل ترين شڪل هئي.
پر هيءَ تهذيب رڳو پنهنجي گهر تائين محدود نه هئي. گجرات جي ساحل تي واقع ‘لوٿل’ شهر قديم دنيا جي پهرين مصنوعي گودي (Artificial Dockyard) جو مالڪ هو. لوٿل جا ملاح سمنڊ جي لهرن جي چاڙهه ۽ لاهه (Tides) جي سائنس کان چڱي ريت واقف هئا. جڏهن سمنڊ ۾ اوچي لهر اڀرندي هئي، ته ٻيڙيون هڪ نهر جي ذريعي گوديءَ اندر داخل ٿي وينديون هيون، ۽ لاهه (Low Tide) جي وقت ڪاٺ جا لاڪ گيٽ (Lock Gate) بند ڪيا ويندا هئا ته جيئن پاڻيءَ جي سطح برقرار رهي ۽ ٻيڙيون مٽيءَ ۾ نه ڦاسي پون.
اُتان ئي سنڌو ماٿريءَ جي بين الاقوامي تجارتي سفر جي شروعات ٿئي ٿي. لوٿل ۽ بلوچستان جي مڪران ڪناري تي واقع سوڪتاگان ڊور (Sutkagan Dor) ۽ سوتڪا ڪوهه (Sotka Koh) جهڙن قلعي بند بندرگاهن تان سنڌوءَ جا جهاز عقيق جا قيمتي ڳاڙها مڻڪا، هاٿي ڏند جو فرنيچر، ٽامو ۽ سنهو سوٽي ڪپڙو کڻي عمان جي نار جي رستي بحرين (دلمون) ۽ اتان قديم عراق يعني ميسوپوٽيميا تائين ويندا هئا.

نوٽ: سوتڪا ڪوهه (جنهن کي ”سوخته ڪوهه“ يعني سڙيل جبل به چيو ويندو آهي) سنڌو سڀيتا جي هڪ قديم بحري تجارتي چوڪي هئي، جيڪا پاڪستان جي موجوده صوبي بلوچستان جي ساحلي شهر پسني کان اٽڪل 9 کان 15 ميل اتر ۾ آهي. هيءَ شاد ڪائور (نديءَ) جي ڪناري هڪ قدرتي ٽڪريءَ تي قائم آهي، جيڪا 2600 کان 1900 قبل مسيح دوران سنڌو سڀيتا جي شهرن ۽ ميسوپوٽيميا/فارس جي نار جي علائقن وچ ۾ بحري ۽ ڪارواني واپار لاءِ هڪ اهم بندرگاهه جو ڪم ڏيندي هئي.
هي ملاح کليل سمنڊ ۾ رستو ڳولڻ لاءِ ڪبوترن ۽ ڪانگن کي پاڻ سان گڏ رکندا هئا، جن کي آزاد ڪري هو خشڪيءَ جي طرف جو اندازو لڳائيندا هئا. ميسوپوٽيميا جي شاهي لکتن ۾ بادشاهه سرگونِ اعظم فخر سان لکي ٿو ته ”ميلوها جا جهاز منهنجي بندرگاهن تي لنگر انداز آهن“. سميري ماڻهو سنڌوءَ جي واپارين کي پراسرار ۽ جادوئي علمن جو ماهر سمجهندا هئا ۽ سندن مهرن کي تعويذ طور استعمال ڪندا هئا.
موسمياتي تبديلي ، زوال جو اصل سبب
اٽڪل 1900 قبل مسيح جي آس پاس، هن عظيم تهذيب جو مقابلو هڪ اهڙي دشمن سان ٿيو جنهن جي آڏو پڪيون سرون ۽ قلعا بي وس هئا، يعني موسمياتي تبديلي.
جديد قديم موسمياتي سائنس (Paleoclimatology) موجب، ان دور ۾ سڄي دنيا جي موسم ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي جنهن کي سائنس جي ٻوليءَ ۾ ‘4.2 kilo-year event’ چيو وڃي ٿو. هن تبديليءَ جي نتيجي ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ اونهاري جون برساتون گهٽجڻ شروع ٿي ويون. ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿريءَ جي زراعت جو پورو دارومدار چوماسي جي سيلابي پاڻيءَ تي هو، تنهنڪري برساتن جي هن کوٽ اناج جي کوٽ پيدا ڪري ڇڏي.
ان کان علاوه زلزلن جي ڪري ندين ۽ درياهن پنهنجا رخ تبديل ڪري ڇڏيا. ستلج ۽ جمنا جهڙن وڏن درياهن جي رخ بدلائڻ سان، ان دور جي هڪ عظيم ۽ لائف لائن مڃي ويندڙ ندي گهگهر-هاڪڙو (Ghaggar-Hakra) هميشه لاءِ خشڪ ٿي وئي. هن نديءَ جي ڪنارن تي آباد سوين زرعي بستيون پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي لاءِ سڪي ويون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄو معاشي نظام تباهه ٿي ويو.
موهن جي دڙي مان لڌل انساني هڏانوَن پڃرن جي جديد حياتياتي تجزئي ثابت ڪيو آهي ته شهرن ۾ ڪو به قتل عام نه ٿيو هو، پر زوال جي آخري دور ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب صفائيءَ جو نظام ناڪام ٿي چڪو هو ۽ ماڻهو سِلھ ۽ ڪوڙهه جهڙين بيمارين جو شڪار ٿي مري رهيا هئا. مرڪزي انتظاميا ٽٽي چڪي هئي ۽ ماڻهو لاشن کي باقاعدي قبرستانن ۾ دفنائڻ بدران گھٽين ۾ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا هئا.
ننڍي کنڊ کان ٻاهر لڏپلاڻ
جڏهن سنڌو ماٿريءَ جا مرڪزي شهر رهڻ جهڙا نه رهيا، ته هتان جي بچيل رهواسين به مرڻ بدران پنهنجي وڏڙن وانگر لڏپلاڻ جو رستو اختيار ڪيو. سندن هجرت جو هڪ وڏو رخ ننڍي کنڊ کان ٻاهر انهن علائقن ڏانهن هو جتي اهي اڳي ئي واپار جي سلسلي ۾ ايندا ويندا هئا.
ميسوپوٽيميا ۽ فارس جي نار ۾ مستقل رهائش
عراق جي قديم سميري ۽ اڪادي تختين موجب، سنڌو ماٿريءَ (ميلوها) جي واپارين جو هڪ باقاعدي طبقو عراق جي وڏن شهرن جهڙوڪ ار (Ur) ۽ لاگاش ۾ مستقل طور تي آباد ٿي چڪو هو. سندن پنهنجا محلا هئا ۽ اهي نسل در نسل اتي ئي رهيا، ايتريقدر جو شاهي رڪارڊ ۾ هڪ اهڙي شخص جو ذڪر ملي ٿو جيڪو ”ميلوها جو سرڪاري ترجمان“ هو. اهڙي طرح بحرين (دلمون) جي ٻيٽ تي، جيڪو ان دور جو بين الاقوامي تجارتي مرڪز هو، سنڌو ماٿريءَ جي واپارين مستقل ديرا ڄمائي ڇڏيا هئا. اتان مليل سنڌو سڀيتا جا پٿر جا وٽ ۽ مهرون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته دلمون (بحرين) جي بازار جو سڄو نظام سنڌو سڀيتا جي اصولن تي هلي رهيو هو، ۽ اتان جي ”باربارو مندر“ جي جوڙجڪ موهن جي دڙي جي ‘عظيم غسل خاني’ (Great Bath) کان متاثر هئي.
افغانستان جي شورٽوگئي (Shortugai) ڪالوني
اُتر افغانستان ۾ آمو دريا جي ڪناري واقع شورٽوگئي جي دريافت اها ثابت ڪري ٿي ته سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن لاجورد (Lapis Lazuli) جي قيمتي پٿر جي واپار تي مڪمل قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ جبلن جي وچ ۾ پنهنجي هڪ مڪمل تجارتي ڪالوني قائم ڪئي هئي. سندن طرزِ زندگي خالص سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جهڙي هئي. وڏيون پڪيون سرون، اهي ئي مهرون ۽ اهي ئي تور جا وٽ. هنن جبلن جي ندين مان نهرون ڪڍي اتي ڪپهه جي پوک شروع ڪئي، جيڪا ان خطي لاءِ هڪ انقلابي قدم هو.
ايران ۽ وچ ايشيا ۾ جينياتي ثبوت
2019ع ۾ جينياتي سائنسدانن ايران جي شهر ‘شهرِ سوخته’ ۽ ترڪمانستان جي جڳهه ‘گونور ڊيپي’ جي قديم قبرستانن مان ڪجهه اهڙا انساني ڍانچا دريافت ڪيا جن جو ڊي اين اي اتان جي مقامي ماڻهن کان بلڪل مختلف هو، پر اهو مڪمل طور تي سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن (IVC Genome) سان ملندڙ هو. اهو ان ڳالهه جو حتمي سائنسي ثبوت آهي ته اسان جا ابا ڏاڏا واپار جي سلسلي ۾ ننڍي کنڊ کان ٻاهر پرانهن علائقن ۾ لڏي ويا ۽ اتي ئي وفات ڪيائون. جيڪڏهن کڻي سندن يورپ وڃڻ جا سڌا سنوان ثبوت نه مليا آهن، پر سندن تيار ڪيل مال وچ اوڀر جي رستي مصر ۽ ميڊيٽرينين (بحيره روم) ذريعي يورپ تائين پهچندو هو.
ننڍي کنڊ جي اندر هجرت: ڏکڻ ڏانهن سفر ۽ ثقافتي سلسلو
سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي هجرت جو ٻيو ۽ سڀ کان وڏو رخ ننڍي کنڊ جي اندر ڏکڻ ۽ اوڀر ڏانهن هو. جڏهن سنڌ ۽ پنجاب جا درياهه سڪي ويا، ته لکن جي تعداد ۾ آباديءَ ننڍن ننڍن گروهن جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪئي.
گنگا جي ميدانن ۽ گجرات ڏانهن منتقلي
آباديءَ جو هڪ وڏو حصو اوڀر ڏانهن گنگا ۽ جمنا جي زرخيز ميدانن (موجوده هندستاني پنجاب، هريانا، اتر پرديش) ڏانهن وڌي ويو، جڏهن ته ٻيو حصو ڏکڻ ۾ ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ هليو ويو. هن عمل کي سائنس جي ٻوليءَ ۾ ”ڊي-اربنائيزيشن“ (De-urbanization) چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته نون علائقن ۾ وڏن شهرن کي هلائڻ لاءِ پاڻيءَ جو منظم نظام موجود نه هو، تنهنڪري انهن ماڻهن پڪين سرن جا گهر، لکت (Script) ۽ تجارتي مهرن جو استعمال ڇڏي ڏنو ۽ ٻيهر ننڍن ڳوٺن ۽ زرعي بستين ۾ رهڻ لڳا.

ڪيلاڊي (Keeladi) جي دريافت: تاريخ جي گم ٿيل ڪڙي
تازو ئي (2018 کان 2026ع) ڏکڻ هندستان جي رياست تامل ناڊو جي علائقي ڪيلاڊي ۾ ٿيندڙ کوٽائيءَ سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. 580 قبل مسيح (اڄ کان 2600 سال پراڻي) جي هن شهر مان پڪين سرن جا گهر، ڪپڙو رنگڻ جا وڏا صنعتي ٽينڪ ۽ عقيق جا مڻڪا مليا آهن جيڪي هوبهو هڙپائي ۽ لوٿل جهڙا آهن.
سڀ کان اهم دريافت اتان جي مٽيءَ جي ٿانون تي اڪريل اهي نشان (Graffiti Marks) آهن جيڪي سنڌو سڀيتا جي مهرن تي موجود سنڌو لکت سان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ميل کائين ٿا. آثار قديمه جي ماهرن جو خيال آهي ته تامل ناڊو جو هي علائقو اصل ۾ سنڌو ماٿريءَ جي ھجرت ڪندڙن جي آخري منزل هو، جتي پهچي سندن تصويري لکت (Indus Script) ھوريان ھوريان تبديل ٿي ننڍي کنڊ جي پهرين اکرن واري لکت يعني تمل-برهمي (Tamil-Brahmi) بڻجي وئي. هيءَ دريافت ثابت ڪري ٿي ته سنڌو سڀيتا جو شهري تمدن ڏکڻ ڏانهن منتقل ٿي ٻيهر زندهه ٿيو هو.
جينياتي تسلسل ۽ براهوئي ٻوليءَ جو راز
آرڪائيوجينٽڪس جي جديد ريسرچ (خاص طور تي راکي ڳڙهي جي ڊي اين اي مطالعي) ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ هندستان جي موجوده ماڻهن جي رت ۾ اڄ به سنڌو ماٿريءَ جي رهواسين جو ڊي اين اي موجود آهي. جڏهن شهر برباد ٿيا، ته جيڪي ماڻهو ڏکڻ ڏانهن ويا، انهن جا سڌا سنوان جينياتي ۽ لساني وارث اڄ جي ڏکڻ هندستان جون دراوڙي ٻوليون (تمل، تيلگو وغيره) ڳالهائيندڙ ماڻهو آهن.
ان جو سڀ کان وڏو ثبوت بلوچستان جي جبلن ۾ ڳالهائي ويندڙ براهوئي ٻولي آهي. پنهنجي آسپاس جي سمورين انڊو-آرين ٻولين جي ابتڙ، براهوئي هڪ خالص دراوڙي ٻولي آهي جنهن جا بنيادي لفظ (جهڙوڪ اک لاءِ ‘خن’ ۽ کير لاءِ ‘پال’) تمل ٻوليءَ سان گهري هڪجهڙائي رکن ٿا. براهوئي اصل ۾ هڪ اهڙو لساني ٻيٽ آهي جيڪو اهو ثابت ڪري ٿو ته ماضيءَ ۾ سڄي سنڌو ماٿري اها ئي ٻولي ڳالهائيندي هئي، ۽ لڏپلاڻ کان پوءِ اها ٻولي ڏکڻ ۾ تمل جي شڪل ۾ محفوظ ٿي وئي، جڏهن ته بلوچستان جي جبلن ۾ ان جو هڪ حصو پٺيان رهجي ويو.
تاريخ جو سبق ۽ لچڪدار وجود
آرنلڊ ٽوئنبي تاريخ تي نظر وجهي جيڪو سبق پرايو هو، اهو ئي هو ته تهذيبون ڪنهن جنگ يا حملي سان اوچتو ختم نه ٿينديون آهن، پر اهي ماحول جي چيلنجن جي آڏو پنهنجي ردعمل (Challenge and Response) سان روپ اختيار ڪنديون آهن. سنڌو ماٿريءَ جي ڪهاڻي ڪنهن تباهيءَ يا خاتمي جي ڪهاڻي ناهي، پر هيءَ انساني بقا ۽ لچڪ (Resilience) جو هڪ عظيم داستان آهي.
جڏهن مونسون بي وفائي ڪئي ۽ درياهن رخ مٽايا، ته سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن هٺ ڌرمي ڏيکارڻ بدران وقت جي وهڪري کي سمجهيو. هنن پنهنجي عظيم الشان شهرن جي قرباني ڏني، پر پنهنجي زراعت جي ٽيڪنالاجي، مٽيءَ جا ٿانءَ ٺاهڻ جي مهارت، مڻڪا تراشڻ جو فن، ڪپڙو اڻڻ جي اوزارن کي پاڻ سان گڏ محفوظ رکيو. هنن ننڍي کنڊ کان ٻاهر وچ اوڀر ۾ وڃي نون تجارتي مرڪزن کي جنم ڏنو ۽ ننڍي کنڊ جي اندر ڏکڻ ڏانهن هجرت ڪري گنگا جي ميدانن ۽ تامل ناڊو جي ساحلن تي هڪ نئين ثقافتي پرهه جو آغاز ڪيو.
اڄ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ۽ ڪمپيوٽر ماڊلنگ ذريعي تمل يونيورسٽين ۾ سنڌو لکت جي گرامر کي سمجهڻ لاءِ جيڪا سائنسي تحقيق ٿي رهي آهي، اها ان ئي گم ٿيل ڪڙيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش آهي. سنڌ حڪومت پاران ان لکت کي پڙهڻ لاءِ رکيل 10 لک ڊالرن جو انعام اصل ۾ ان ئي خواھش جو اظهار آهي ته اسان پنهنجي انهن اباڻن جو آواز ٻيهر ٻڌي سگهون جن ساڍا چار هزار سال اڳ سمنڊن کي پنهنجي وس ۾ ڪيو هو.
سنڌو ماٿريءَ جي اڀياس جو تت اهو ئي آهي ته گهر مٽجي سگهن ٿا، شهر کنڊر بڻجي سگهن ٿا، پر انسان جو هنر، ان جي ٻولي ۽ ان جو جينياتي سلسلو ڪڏهن به نٿو مري. موهن جي دڙي ۽ هڙپائي کي وسائيندڙ ڪي ڌاريا يا غائب ٿي ويل ماڻهو نه هئا؛ سندن رت، سندن لچڪ ۽ سندن بهادري اڄ به وچ اوڀر جي پرڏيهي رهواسين کان وٺي ڏکڻ ايشيا جي ڪروڙين انسانن جي رڳن ۾ ڊوڙي رهيا آهن. ٽوئنبي سچ چيو هو، تاريخ جو هي هڪ صفحو اسان کي انساني بقا جي پنجاهه سالن جي فلسفي کان وڌيڪ سيکاري وڃي ٿو.
________________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



