ننڍي کنڊ ۾ ٽرين ھلائڻ لاءِ انگريزن جي آندل ٽن انجڻين مان ھڪ جو نالو سنڌ ھو
پوڻيون ٻہ صديون اڳ بمبئي جي بوري بندر اسٽيشن تان 21 توبن جي سلاميءَ ۾ ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھڪ مسافر ٽرين 400 مسافر کڻي ٿاڻي اسٽيشن ڏانھن رواني ٿي. چوٽيھ ڪلوميٽرن جو اھو فاصلو 57 منتن ۾ طئہ ٿيو. ٽرين کي ڇڪڻ لاءِ ٽي انجڻيون لڳيون ويون ھيون جن جا نالا ھئا، صاحب، سلطان ۽ سنڌ. . انهن مان سنڌ انجڻ گهڻو وقت محفوظ رهي ۽ 1953ع ۾ انڊين ريلوي جي 100 سالا نمائش ۾ به پيش ڪئي وئي.

انتظامي غفلت، صحيح منصوبابنديءَ جي کوٽ، وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ ننڍن صوبن سان ماٽيلي ماءُ جھڙي سلوڪ سبب سنڌ ۾ ريلوي جو سڄو بنيادي ڍانچو تباھ ٿي ويو آھي. اڄ سنڌ جون اڪثر تاريخي ريلوي لائينون مڪمل طور بند ٿي چڪيون آھن ۽ اڪثر ريلوي پٽڙيون يا تہ زمين اندر دٻجي چُڪيون آھن يا اُکڙجي ويون آھن، ريلوي اسٽيشنن جون عمارتون ڊھي کنڊر بڻجي ويون آھن تہ ڪٿي انھن تي قبضا ڪري گھر ٺاھيا ويا آھن.
نصير اعجاز
سورھين اپريل 1853ع تي، منجهند جي ٽي لڳي پنجويهه منٽن تي بمبئيءَ جي بوري بندر اسٽيشن تان 21 توپن جي سلامي ۽ باڦ جي گهاٽن ڪڪرن جي وچ ۾، ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ مسافر ٽرين 400 خاص مهمانن کي کڻي ٿاڻي ڏانهن رواني ٿي. ان تاريخي سفر 34 ڪلوميٽرن جو فاصلو صرف 57 منٽن ۾ طئہ ڪري ننڍي کنڊ ۾ ريلوي جي نئين دور جو بنياد وڌو. مسافرن ۽ گاڏن جو بار چڱو خاصو هو، جنهن کي ڇڪڻ لاءِ هڪ ئي وقت ٽن تاريخي ٻاڦ جي انجڻين کي استعمال ڪيو ويو جن جا نالا صاحب، سنڌ، ۽ سلطان ھئا.

اهي ٽئي انجڻيون انگلينڊ جي لنڪشائر واري علائقي جي مشهور ولڪن فائونڊريءَ مان تيار ڪرائي گهرايون ويون هيون. جيتري قدر انهن جي نالن جو تعلق آهي، انهن جي چونڊ ان دور جي تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي بنيادن تي ڪئي وئي، جنھن جي جهلڪ نالن مان ئي نمايان آھي. صاحب جو نالو ان دور جي حڪمراني، بيٺڪي طاقت ۽ نئين ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي علامت هو. سلطان جو نالو اسلامي حڪمرانيءَ جي شان شوڪت ۽ تاريخي حيثيت جو يادگار هو. جڏهن ته سنڌ جو نالو سنڌوءَ جي قديم تهذيب، قديم تاريخ، ۽ ان علائقي سان وابسته خوشحاليءَ جي عڪاسي ڪندڙ هو، جنهن جو تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي سنگِ ميل واري اهميت سان گهرو تعلق رهيو آهي.
مسافرن ۽ برطانوي حڪمرانن لاءِ اهو سفر تمام يادگار هو، ڇو تہ ان جي پٺيان تجارتي ۽ معاشي مقصد پڻ لڪيل هئا، ڇاڪاڻ ته هندوستان جي ڪپهه ۽ ٻين وسيلن کي بندرگاهن تائين پهچائڻ برطانوي صنعت لاءِ بنيادي ضرورت بنجي چڪو هو. هن تاريخي موقعي کان ڪجهه مهينا اڳ هڪ آزمائشي سفر به ڪيو ويو هو، پر ان وقت انهن انجڻين جي تياري پوري نه هجڻ ڪري هڪ ٻي ننڍي انجڻ جو سهارو ورتو ويو هو.

افسوس جو ان دور جي انهن يادگار انجڻين جي سنڀال ۽ تحفظ کي اها اهميت نه ڏني وئي جنهن جون اهي حقدار هيون. انهن مان سنڌ انجڻ گهڻو وقت محفوظ رهي ۽ 1953ع ۾ انڊين ريلوي جي 100 سالا نمائش ۾ به پيش ڪئي وئي، پر بعد ۾ ان جو پتو نه پئجي سگهيو. سلطان ۽ صاحب به وقت سان گڏ پراڻيون ٿيڻ کان پوءِ ڪارآمد نه رهيون ۽ انهن جي پرزن کي نئين مقصد لاءِ ڊاهي ڪم آندو ويو. جيتوڻيڪ اهي ٽئي انجڻيون اڄ ووجود نٿيون رکن، پر 1853ع ۾ 57 منٽن جو سندن پهريون سفر، صدين جي جاگرافيائي، سماجي ۽ معاشي رنڊڪن کي ھٽائي ريلوي جي اهڙي نظام جو بنياد بڻجي ويو جنهن سموري ننڍي کنڊ جي قسمت بدلائي ڇڏي.

پاڪستان ۾ انگريزن جي ڇڏيل ريلوي سرشتي جي تباھي
برطانوي دور کان وٺي ڏکڻ ايشيا ۾ ريلوي سرشتو مالياتي، تجارتي ۽ عوامي آمدورفت جو سڀ کان وڏو ۽ مضبوط ذريعو رھيو آھي. انڊيا وارن تہ نہ رُڳو انھيءَ ورثي کي سنڀاليو پر اڃان ترقي وٺرائي، جنھن جي نتيجي ۾ اُتي ريلوي سرشتو ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ پکڙيل آھي ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جو ھڪ اھم ۽ سستو وسيلو آھي، جنھن ۾ ساليانو ڪروڙين ماڻھو سفر ڪن ٿا. انھيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر 1970 واري ڏھاڪي کان ريلوي نظام جو زوال شروع ٿيو جڏھن مُلڪ تي ھڪ فوجي آمر قبضو ڪيو. انھيءَ کانپوءِ ھر ايندڙ سِويلين توڙي فوجي حڪومت جي ڏينھن ۾ ھن قيمتي ورثي ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جي تباھي ٿيندي رھي. مسافر ٽرينن کي تہ ڇڏيو پر مالبردار ٽرينون بہ نہ جي برابر ھلن ٿيون. ڪارگو ٽرينون نہ رُڳو ملڪ جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو ھيون پر زميني رستن تي بہ ٽرانسپورٽ جو بار ڪونہ ھو. جنرل ضياءَ جي مارشل لا کانپوءِ سڀ ڪجھ بدلجي ويو. خانگي ٽرانپورٽ مافيا قابض ٿي وئي. روڊ رستن تي مسافرن توڙي مالبرداريءَ لاءِ بسون، ڪوچ، ٽرڪون ۽ وڏا ٽريلر ھلڻ شروع ٿي ويا جن ھڻي ملڪ، خاص طور سنڌ جي رود رستن کي برباد ڪري ڇڏيو. انھيءَ جي ڪري شاھراھن تي حادثا بہ وڌي ويا.

سنڌ ۾ ريلوي لائينن جي مڪمل تباھي
ھندستان جي ورھاڱي کان اڳ، سنڌ ۾ ريلوي جو نيٽ ورڪ نه صرف مقامي ضرورتن لاءِ پر بين الاقوامي تجارت ۽ آمدورفت جو اھم ذريعو ھو. سنڌ-راجسٿان لنڪ (کوکراپار – مونارٻاؤ ريلوي لائين) حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ کوکراپار کان ٿيندي ھندستان جي راجسٿان سان مڪمل جُڙيل ھئي. ماڻھو سڌو سنئون ريل ذريعي ايندا ويندا ھئا. ميٽر گيج ۽ نيئرو گيج نيٽ ورڪ ذريعي بہ ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڊگهڙي ۽ جھول وارا علائقا مڪمل طور ڳنڍيل ھئا، جنھن ذريعي مقامي زرعي مال ڪپھ، ڪڻڪ ۽ ميوو بين الاقوامي منڊين تائين پھچندو ھو. برطانوي دور ۾ ڪراچي پورٽ کي سموري انڊا ۽ سينٽرل ايشيا تائين رسائي ڏيڻ لاءِ سنڌ اندر هڪ بھترين ريلوي نظام قائم ڪيو ويو هو.

انتظامي غفلت، صحيح منصوبابنديءَ جي کوٽ، وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ ننڍن صوبن سان ماٽيلي ماءُ جھڙي سلوڪ سبب سنڌ ۾ ريلوي جو سڄو بنيادي ڍانچو تباھ ٿي ويو آھي. اڄ سنڌ جون اڪثر تاريخي ريلوي لائينون مڪمل طور بند ٿي چڪيون آھن ۽ اڪثر ريلوي پٽڙيون يا تہ زمين اندر دٻجي چُڪيون آھن يا اُکڙجي ويون آھن، ريلوي اسٽيشنن جون عمارتون ڊھي کنڊر بڻجي ويون آھن تہ ڪٿي انھن تي قبضا ڪري گھر ٺاھيا ويا آھن، جن جو ھڪ مثال مورو شھر جو آھي جتي ڪجھ اطلاعن موجب صوبي اندر ٻن ڏھاڪن کان حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ جي ھڪ مقامي اڳواڻ پنھنجو گھر ٺاھي ڇڏيو آھي.
گذريل ڪجھ ڏھاڪن دوران پاڪستان ريلوي جي ناقص پاليسين جي ڪري سنڌ جا تباھ ٿيل ريلوي روٽسھي آھن:
ميرپورخاص – کوکراپار روٽ : ھندستان سان رابطي ۽ مقامي آمدورفت جو اھم ذريعو مڪمل بند، پٽڙيون ۽ اسٽيشنون ويران.
ڪوٽڙي – دادو – لاڙڪاڻو – جيڪب آباد رُوٽ: ھن رُوٽ ذريعي سنڌ ڪوئٽا تائين بلوچستان سان ڳنڍيل ھئي، پر ھاڻي انھيءَ رُوٽ تي سڀ ٽرينون مڪمل بند.
لاڙڪاڻو – جيڪب آباد – سکر برانچ لائينون: مقامي شهرن کي ڳنڍيندڙ سڀ ٽرينون ختم
ميٽر گيج نيٽ ورڪ: دنيا جي وڏن ميٽر گيج سرشتن مان ھڪ مڪمل ختم ٿي ويو

لُُوپ لائينون: ٽنڊي آدم، ھالا، سعيد اباد، سڪرنڊ، دولتپور، مورو، ٺاروشاھ (جنڪشن)، نوشھرو فيروز کان پڊعيدن، ۽ ٺاروشاھ کان محرابپور، سڀ بند، پٽڙيون دٻجي يا اُکڙي ويون ۽ ريلوي اسٽيشن عمارتون کنڊرن ۾ تبديل.
مين لائين-1 (ML-1) : پاڪستان ريلوي جو سڄو ڌيان رڳو مين لائين-1 (ML-1) تي مرڪوز رھيو آھي، جيڪا ڪراچيءَ کان نڪري پنجاب ۽ اترين علائقن تائين وڃي ٿي. پر ان لائين تي پڻ سنڌ سان تعصب صاف نظر اچي ٿو.
مين لائين تي ٽرينن جا محدود اسٽاپ: گاديءَ جي شھر ڪاراچيءَ مان نڪري پنجاب ويندڙ ٽرينون سنڌ جي وڏن شھرن (حيدرآباد، نوابشاھ، روھڙي) کان سواءِ ٻين شھرن تي نٿيون بيھن ڪا ھڪ اڌ ٽرين خيرپور تي شايد بيھندي ھجي.
انھن ٽرينن جو شيڊول، بوڳين جي حالت ۽ ٽڪيٽنگ سسٽم ان طريقي سان ترتيب ڏنو ويو آھي جو سنڌ جي مقامي مسافرن لاءِ سفر نهايت ڏکيو بڻجي ويو آھي. مقامي ريلوي اسٽيشنون بند ٿيڻ سان سنڌ جي شھرن جي معيشت، جنھن ۾ ننڍا واپاري، قولي ۽ ٻيا پورھيت، سڌي طرح متاثر ٿيا آھن.

ريلوي جي تباهيءَ سبب سنڌ جي عوام کي مجبورٿي خانگي ٽرانسپورٽ، بسن ۽ ويگنن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو، جيڪو غريب عوام لاءِ انتهائي مهانگو ۽ غير محفوظ آهي. سنڌ جنهن کي ملڪ جو بنيادي زرعي مرڪز چيو وڃي ٿو، اتان اناج، ميوا ۽ خام مال جي سستي ٽرانسپورٽيشن ريلوي ذريعي ئي ممڪن هئي. ريلوي لائينن جي بندش سان باغن ۽ ٻنين جي پيداوار مارڪيٽ تائين پهچائڻ جا خرچ ٻيڻا ٽيڻا ٿي ويا آهن. ويران ٿيل ريلوي اسٽيشنن، بنگلن ۽ ريلوي زمينن تي مقامي زميندارن ۽ بااثر ماڻهن جا قبضا ٿي چُڪا آھن.
ويجھڙائيءَ ۾ وفاقي ريلوي وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ صوبي اندر ريلوي نظام کي بھتر بنائڻ جي رٿا تي اتفاق ٿيو ھو ۽ ڪي فنڊ بہ منظور ٿيا. ھن مھل تائين انھيءَ ڏس م ڪا چُر پُر نظر ڪانہ ٿي اچي، پر جيڪڏھن حڪمرانن ۾ ڪا ٿوري بہ سچائي آھي تہ پوءِ سنڌ ۾ ريلوي جي بحاليءَ لاءِ هيٺيان قدم کڻڻ انتهائي ضوري آهن:

لوپ لائينن، برانچ لائنن ۽ ٻين سمورين بند پيل ريلوي لائينن کي بحال ڪري لوڪل ٽرينون ٻيهر شروع ڪيون وڃن. مين لائين تي هلندڙ ٽرينن کي سنڌ جي وچين تعلقن ۽ شھرن ۾ اسٽاپ ڏنا وڃن تہ جيئن سنڌ جي عوام کي فائدو رسي. بارڊر ٽريڊ شروع ڪرڻ لاءِ کوکراپار-مُناباؤ روٽ کي جديد انداز سان کولڻ بابت غور ڪيو وڃي تہ جيئن خطي ۾ واپار کي هٿي ملي.
سنڌ ۾ ريلوي سرشتي کي تباهي کان بچائڻ رڳو مواصلاتي ضرورت ناهي، پر اها سنڌ جي معيشت، روزگار ۽ سماجي رابطن جي بقا جو معاملو آهي. وقت جي اهم ضرورت آهي ته پاڪستان ريلوي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ۽ سنڌ جي روٽس کي ٻيهر متحرڪ بڻائي.
_______________

نصير اعجاز صحافي اھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



