Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌي قوم جي اجتماعي شعور۽ ھزارين ورھين جي تاريخي ورثي جي توھين

ڪراچي آرٽ ڪائونسل جي سربراھ احمد شاھ جو بيان “سنڌي ماڻھو سنڌ کي فقط ڄامشوري تائين سمجھندا ھئا ۽ اسان کين احساس ڏياريو تہ ھي سمنڊ بہ اوھان جو آھي”  تاريخي ڄاڻ سان ٽڪراءُ،  تاريخ جي توهين ۽ سنڌي شعور جي بي عزتي آھي. اڄ ڪراچيءَ جي تاريخ کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ڄڻ اها سنڌ کان الڳ وجود هجي.

ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏَ سُک نہ سُتا ڪڏھين

رشيد احمد خاصخيلي

ڪراچي آرٽ ڪائونسل جي سربراھ احمد شاھ جو ھيءَ چوڻ تہ “سنڌي ماڻھو سنڌ کي فقط ڄامشوري تائين سمجھندا ھئا ۽ اسان کين احساس ڏياريو تہ ھي سمنڊ بہ اوھان جو آھي” هي  اهڙو بيان آهي جيڪو نہ رڳو تاريخي ڄاڻ سان ٽڪراءُ رکي ٿو، پر سنڌي قوم جي اجتماعي شعور، تاريخي ورثي ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل هزارين سالن جي ثقافتي رشتن کي بہ نظرانداز ڪري ٿو. ھنن  کي اُھا خبر بہ ڪونھي تہ سنڌي ماڻھو پنهنجي تمدن جي ابتدا کان ئي پنھنجي سنڌو درياھ  ۽ سنڌي سمنڊ سان جڙيل رھيا آھن. سامونڊي سماج جا رنگ، ۽ گھاتو مورڙي ميربحر جا جيڪي قصا ڪھاڻيون لوڪ ادب کان ويندي قاضي قادن ۽ شاھ لطيف تائين جيڪو سفر ڪري اسان تائين پھتا آھن، ڇا اُھي گسَ بہ ھن صاحب ان سڀن شاعرن کي ڏيکاريا ھئا؟ ۽ پوءِ ئي شاھ لطيف چيو ھو تہ :

گھوريندي گھور پيا، اگھور گھوريائون،

مانگرُ ماريائون، مَلاحَنَ مُنهَ سَنرَا_

ائين جا لُڏو لوڏ، نہ اِيءُ پر گھاتوئڙن جي،

ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏَ سُک نہ سُتا ڪڏھين.

لوڪ ادب کان ويندي شاھ عبداللطيف ڀٽائي تائين ۽ ڀٽائي کان وٺي شيخ اياز تائين سنڌي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ سمنڊ، ٻيڙين ۽ ملاحن کي زندگيءَ جي استعارن طور پيش ڪيو آهي. شاھ سائين “سامونڊي” سُر ۾ ملاحن ۽ سمنڊ جي زندگيءَ کي اهڙي فنڪاري سان بيان ڪيو آهي جو اهو سنڌي شعور جو اهم حصو بڻجي ويو. ڇا احمد شاھ ھن شاعرن کي بہ اُھو احساس ڏياريو ھو؟ ڇا اهو ثبوت ڪونهي تہ سنڌي ماڻھو صدين کان سنڌي سمنڊ کي پنهنجو سمجهندا آيا آهن؟  احمد شاھ چوي ٿو تہ سنڌي ماڻھو ڄامشوري تائين ئي سنڌ کي سمجهندا هئا، تہ پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو تہ سنڌ جي تاريخ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جا ادارا، ڪتاب، لوڪ روايتون ۽ سوين  سالن جي شاعري ڇا ڪنهن ٻئي قوم لاءِ هئي؟ حقيقت ۾ مسئلو سنڌي ماڻھن جي بيخبري جو نہ پر ادارن ۽ حڪمرانن جي مسلسل ڪوشش جو آهي، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۽ شعور کي مسخ ڪري پيش ڪندا رهيا آهن. ڪراچي سنڌ جي تاريخي شهرن مان آهي. سنڌي ماڻھن ڪراچي کي پنهنجي سمنڊ سان گڏ ئي صدين کان ڄاتو سڃاتو آھي. پر سياسي ۽ حڪومتي پاليسين سنڌي ماڻھن کي پنهنجي ئي زمين ۽ شهر مان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ اڄ ڪراچي جي تاريخ کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ڄڻ اها سنڌ کان الڳ وجود هجي. اهڙين حالتن ۾ احمد شاھ جو بيان بہ ساڳيءَ سوچ کي هٿي ڏئي ٿو.  “اسان اوهان کي سمنڊ سان جوڙيو” واري دعويٰ تاريخ جي توهين ۽ سنڌي شعور جي بي عزتي آھي.  جيڪڏهن سنڌي ماڻھو واقعي ڄامشوري تائين سنڌ کي سمجهندا هئا، تہ پوءِِ شاھ لطيف  ” سُر سامونڊي ” ڪنهن لاءِ رچيو هو؟ ديبل بندر ڪهڙي قوم جو ورثو هو؟ ۽ سنڌي واپارين جون ٻيڙيون ڪهڙي سمنڊ تي سفر ڪنديون هيون؟

________________

رشيد احمد خاصخيلي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button