آمريڪي آرٽسٽ راجِيوِ کلناڻي، جنھن جي ڏاڏِيءَ ورھاڱي کانپوءِ بہ سنڌ نہ ڇڏي
راجِيو پاڻ بہ کلناڻي ڪُٽنب جو آخري فرد ھو، جنھن سڀ کان آخر ۾ سال 2000 ۾ سنڌ کان موڪلايو. ھُو آمريڪا ۾ چترڪاري ۽ اداڪاري ڪري ٿو
ڪراچيءَ ۾ سندن بنگلو گارڊن روڊ تي ھوندو ھو. سندن گھر تي حڪومت قبضو ڪري ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي شروعات ڪئي
نصير اعجاز
پنھنجي اباڻي ساھتي شھر ڀريا مان ورھاڱي مھل لڏي ويل سنڌين جي کوجنا ڪندي مونکي ٻہ نالا مليا. ھڪ نالو ھيو راجيو کلناڻي ۽ ٻيو وِنيتا کلناڻي. ٻئي ڄڻا آمريڪا ۾ آباد آھن جتي فن جي دنيا ۾ سندن نالا مشھور آھن. راجيو پينٽر ھجڻ سان گڏ اداڪاري بہ ڪندو رھيو آھي جڏھن تہ وِنيتا اداڪارا، سنگر ۽ ڪاميڊين آھي. اتفاق آھي تہ ٻنھي کلناڻين جيڪا تعليم حاصل ڪئي ھئي، اُھا سندن موجودہ شعبن کان مختلف ھئي. راجيو ايم بي اي ڪئي ھئي جڏھن تہ وِنيتا وٽ بائلاجيءَ ۾ ايم ايس ۽ پبلڪ ھيلٿ ۾ ماسٽرس جون ڊگريون آھن.

مون مختلف ويب سائيٽن تان معلومات گڏ ڪري جڏھن سندن پيشيوراڻي زندگيءَ بابٿ آرٽيڪل لکيو تہ ساڻن رابطو بہ ٿي ويو جنھن سان مونکي سندن گھراڻي بابت بہ معلومات ملي وئي. راجيو سان سوشل ميڊيا ذريعي ڪافي ڏينھن ڪچھري ٿيندي رھي جنھن دوران مان روزانو کانئس ڪجھ سوال پڇي وٺندو ھيس. مان کانئس خاص طور سنڌ ۾ سندس خاندان بابت معلومات پُڇندو ھيس ڇو تہ ڀريا جا کلناڻي ڪراچيءَ ۾ بہ رھندا ھئا ۽ وڏا نالي وارا ھئا. سندن اصل ڳوٺ تہ ڀريا ئي ھو پر واپار سانگي توڙي نوڪرين سبب ھُو ڪراچيءَ ۾ آباد ھئا. ڪراچيءَ ۾ سندن وڏو ڪاروبار بہ ھو تہ شھر جي ترقي ۽ ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ بہ سرگرميءَ سان حصو وٺندا ھئا. اين اِي ڊي يونيويرسٽيءَ (پُراڻي تاريخي بلڊنگ) ھڪ ھال سيٺ فتحچند ڏيوڻداس کلناڻيءَ جي چندي سان ٺھيو ۽ سندس نالي سان منسوب آھي. اھڙي طرح سولجر بازار ۾ ھڪ ويم گھر سندن تعمير ڪرايل ھو جيڪو ويجھڙ تائين قائم رھيو. راجيو جو تعلق اھڙي ئي ھڪ خاندان سان ھو.
مون جڏھن کيس ٻُڌايو تہ مان ڀريا (شھر) جو آھيان جيڪو راءِ بھادر ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جي ڪري مشھور آھي، تڏھن ھُن چيو: ”بلڪل اسان کلناڻين جو اصل ڳوٺ ڀريا ئي ھو.“
”ورھاڱي وقت منھنجي مائٽن سنڌ مان لڏي وڃڻ پسند نہ ڪيو. منھنجي پِتا جو جنم بہ ڪراچيءَ ۾ ئي ٿيو ھو ۽ ھُو اڃان پنج ورھين جو ھو تہ سندس پِتا يعني منھنجو ڏاڏو لاڏاڻو ڪري ويو. انھيءَ ڪري منھنجي ڏاڏِيءَ ڪرتار ديويءَ ڪراچيءَ ۾ ئي رھڻ جو فيصلو ڪيو. منھنجو پنھنجو جنم بہ ڪراچيءَ ۾ ٿيو.“
منھنجي پُڇڻ تي راجيو چيو، ”منھنجي ڄاڻ موجب، منھنجو تعلق کلناڻي گھراڻي جي ريواچند فتحچند ڪٽنب سان آھي. منھنجي پِتا جشن کلناڻيءَ جو ديھانت تيرھن ورھيہ اڳ ٿيو. سندس ڀائر پرمانند، کيمچند، چَترو، گوپال ۽ ڌرم کلناني بہ ھاڻي ھن دنيا ۾ ناھن. سندن ٻہ ڀينر ڀاڳوتي ۽ سروجني ھيون. منھنجي پِتا جو ھڪ ويڳو ڀاءُ ھريمن کلناڻي ھيو، جنھن جو ڪُٽنب ورھاڱي وقت ممبئي لڏي ويو.“

راجيو ٻڌايو تہ پروفيسر سُنيل کلناڻي، جيڪو ڪيترن ئي جڳ مشھور ڪتابن جوناليوارو ليکڪ آھي، ۽ ھاڻي انڊيا ۾ رھي ٿو، سندس سڳو سئوٽ آھي. ھُو منھنجي پِتا جي وڏي ڀاءُ کيمچند کلناڻيءَ جو پُٽ آھي. کيمچند کلناڻي ورھاڱي وقت انڊيا لڏي ويو ھو. سندن ڀينر ڀاڳوتي ۽ سروجني پرڻي کانپوءِ انڊيا ھليون ويون. ھڪ چاچو چترو سٺ واري ڏھاڪي ۾ لنڊن ھليو ويو.
”ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ کان اندر گارڊن روڊ تي وڏو خانداني بنگلو ھوندو ھو. ناز ۽ نشاط سئنيمائون ويجھو ئي ھونديون ھيون. منھنجي ڄان موجب اسان جي خاندان جي بہ ھڪ سئنيما ھئي. پاڪستان ٺھيو تہ حڪومت اسان جي بنگلي کي قبضي ۾ ورتو ۽ اُتي ڪراچي ريڊيو اسٽيشن جي شروعات ڪئي ۽ کوڙ سالن تائين اُتي ريڊيو اسٽيشن قائم رھي. اھو بنگلو اسان کي گھڻو دير سان 1960 واري ڏھاڪي جي پوئين سالن ۾ واپس مليو جنھن کي اسان 1980 واري ڏھاڪي ۾ وڪڻي ڇڏيو. پر اسان انھيءَ کان اڳ ئي اولڊ ڪلفٽن واري پاسي منتقل ٿي ويا ھئاسين. اُنھيءَ وقت اڃان منھنجو جنم ڪونہ ٿيو ھو.“
راجيو چيو تہ سندس ڪٽنب جا ڪيترا ئي ڀاتي ڪراچي گرامر اسڪول مان پڙھيا پر ھُو پاڻ سينٽ مائيڪل ڪنوينٽ اسڪول ۾ پڙھيو. ھُن ھو امريڪي يونيورسٽي سائوٿ ايسٽرن يونيورسٽي واشنگٽن ڊي سي مان ايم بي اي ڪئي جنھن جي شاخ ڪراچيءَ ۾ سِي ويو واري پاسي ھوندي ھئي.
منھنجي پُڇڻ تي چيائين، ”مونکي سنڌي ڳالھائڻ ڪانہ اچي، پر سمجھي ويندو آھيان. منھنجا ڪجھ سئوٽ سنڌي ڳالھائيندا آھن.“
انڊيا يا ٻين ملڪن ۾ رھندڙ کلناڻين سان رابطي بابت پُڇڻ تي راجيوچيو، ”مان انڊيا ۾ پنھنجي مائٽن سان رابطي ۾ آھيان. اصل ۾ زندگيءَ جون مصروفيتون ايتريون وڌي ويون آھن جو باقاعدہ رابطا رکڻ ڏکيو آھي. مان آمريڪا ۾ سئوٽن سان رابطي ۾ آھيان. پر اسان جو ڪُٽنب گھڻو پکڙيل آھي. ھڪڙا اُلھندي علائقي ۾ رھن ٿا تہ ٻيا وري اُڀرندي ساحل تي.“
وِنيتا کلناڻيءَ بابت پُڇڻ تي چيائين،”بلڪل اسان جي نہ رُڳو ملاقات آھي پر اسان ھڪ فلم ۾ گڏ ڪم بہ ڪيو. اسان اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھيون تہ اسان پان ۾ مائٽ آھيون يا نہ. ھُن پنھنجي پيءُ کان پُڇيو پر انھيءَ کي بہ پڪ ڪانہ ھئي. مان سندس پيءُ سان ڪڏھن ڪونہ مليو آھيان. ھُو شايد لاس اينجلز علائقي ۾ رھي ٿو.“
”توھان کي سنڌي ھجڻ تي ۽ توھان جون پاڙون سنڌ ۾ ھجڻ تي ڪڏھن فخر محسوس ٿيو؟“ منھنجي ان سوال تي چيائين، ”مونکي پنھنجي پاڙُن تي تمام گھڻو فخر آھي.“

راجيو کي افسوس ھو تہ وٽس پنھنجي خاندان جي باري ۾ اڻپوري معلومات آھي. ”اصل ۾ کلناڻي خاندان تمام وڏو ۽ پکڙيل آھي. پيڙھين جي وچ ۾ وڇوٽين ڪارڻ بہ مون وٽ اُھا معلومات ڪانھي جنھنڪري توھان جي گھڻن سوالن جا جواب مون وٽ ناھن. مون وٽ فوٽو بہ ناھن ڇو تہ مان پاڻ لاس اينجلز ۾ رھان ٿو ۽ منھنجا مائٽ مختلف شھرن م رھن ٿا جن وٽ ممڪن اھي تہ ڪراچيءَ واري بنگلي جا توڙي بزرگن جا فوتو ھجن.“ ھُن بھرحال ھڪ ڏينھن پنھنجي بزرگ سيٺ ريوا چند فتحچند کلناڻيءَ جو فوٽو ھٿ ڪري موڪليو.
راجيو کلناڻيءَ جي مختلف انٽرويوز مان ورتل معلومات

راجيو ھڪ ايوارڊ يافتہ آرٽسٽ آھي. ھڪ پينٽر جي حيثيت ۾ سندس چترن جون تمام گھڻيون نمائشون ٿي چڪيون آھن. ھُو تجريدي آرٽ جي ڪري مشھور آھي ۽ سَون جي تعداد ۾ سندس چِتر وڪرو ٿي چُڪا آھن. ھڪ انٽرويوءَ ۾ جڏھن کانئس پُڇيو ويو تہ تو اھو پروفيشن ڇو چونڊيو، تہ ھُن وراڻيو، ”مون ايم بي اي تہ فنانس ۾ ڪئي، پر ڪڏھن ڪڏھن ايئن ٿيندو آھي تہ ماڻھو پان پروفيشن جي چونڊ نہ ڪندو آھي بلڪ پروفيشن پاڻ ماڻھوِءَ جي چونڊ ڪندو آھي. مونکي آرٽ سان دلچسپي ھئي پر مون ڪڏھن اُن کي پنھنجو ڪئريئر بنائن جو ڪونہ سوچيو ھو. ھاءِ اسڪول ۾ ھجڻ دوران مونکي آرٽ سان پيار ھجڻ جو احساس ٿي ويو ھو. اُتي ڪجھ نمائشن ۾ بہ منھنجا چتر رکيا ويا ھئا پر مان ڪڏھن بہ آرٽ اسڪول ڪونہ ويس.“
”منھنجي تخليقي سفر جي شروعات ان وقت ٿي جڏھن مان سن 2000 ۾ آمريڪا آيس، جتي ڪارپوريٽ دنيا ۾ ڪم ڪرڻ بدران مون اسٽئنفورڊ يونيورسٽي، پالو الٽو ۾ ڪم ڪرن لڳس. اُتي ڪم دوران مون ٿيٽر ۽ ڪئميرا آڏو اداڪاريءَ جي سکيا جا ڪلاس وٺڻ شروع ڪيا ۽ مونکي اداڪاريءَ سان پيار جي بہ خبر پئي. مون 2003 کان 2015 تائين ڏينڍ سئو کان وڌيڪ آن ڪئميرا پروجيڪٽس ڪيا جن ۾ گھڻو ڪري ڪمرشل ۽ شارٽ فلمون شامل آھن. انھيءَ سان گڏ مان پينٽنگ ۽ آرٽ شوز بہ ڪندو رھيس. سال 2013 اھڙو سال ھو جڏھن مون ھڪ سنجيدھ فيصلو ڪيو تہ صبح جو 9 کان شام پنجين وڳي تائين واري نوڪري ھميشھ لاءِ ڇڏيندس. پوءِ مون ٽن سالن جي سخت قسم جي سکيا وٺي لاس اينجلز ۾ چترڪاري ۽ اداڪاريءَ کي پنھنجو ڪئريئر بنائي ڇڏيو.“
ھُن چيو، ”منھنجو پھريون پيار چترڪاري آھي جيڪو ٽيھ سال اڳ ھاءِ اسڪول کان شروع ٿيو ھو.“
اداڪاريءَ بابت راجيو چيو، ”اھو منھنجو ٻيو پيار آھي جيڪو 2005 کان شروع ڪيم. مون ڪيترائي ٽي وي شوز بہ ڪيا.“
سندس ٽي وي ڊرامن ۾ A Period Drama (2015), Milk Money (2011) ۽ Homecoming (2018) مشھور آھن. سندس ٻين ٽي وي شوز ۾ Only Children, Doomsday: 10 Ways the World Will End شامل آھن. ھُو پندرھن فلمن ڪم ڪري چڪو آھي جن ۾ Eleven Hundred to Lubbock, The Off Couple, Conscious Chaos, Now what, The Promise, The Painter ۽ ٻيون فلمون شامل آھن.
_______________
نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ The AsiaN سنڌي ايڊيشن جو چيف ايڊيٽر آھي