Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ڪراچيءَ جو ‘شڪارپوري ڪلاٿ مارڪيٽ’ ۽ سنڌي هندن جي گم ٿيل معاشي سلطنت

وقت جي بي رحم لهرن، شھري رٿابنديءَ جي عدم توجهي ۽ اسان جي اجتماعي بي حسيءَ ان تاريخي ورثي کي هڪ اهڙي اونداهي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي جتي تاريخ جي جاءِ ڌوڙ ۽ يادن جي جاءِ گاڏين جي زهرِيلي دونهين وٺي ڇڏي آهي.

(انگريزن جي آمد کان اڳ واري ڪراچيءَ واسي خاندان جي هڪ فرد جو پراڻي شهر جي گھٽين مان لکيل داستان)

تحرير: ابراهيم صالح محمد

سنڌ جو تاريخي شهر شڪارپور ڪنهن دور ۾ پنهنجي بي مثال معاشي خوشحالي، عطر جي سُڳنڌ وارن باغن ۽ ڍڪيل بازارن جي ڪري “سنڌ جو پئرس” سڏبو هو. اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي موڙ تي جڏهن اتان جي دور انديش، هنر مند ۽ معاشي بصيرت سان مالامال سنڌي هندو واپارين نوآبادياتي دور ۾ اُڀرندڙ بندرگاهي شهر ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو، ته انهن نيپيئر روڊ کان وٺي اسٽريچن روڊ ۽ بندر روڊ (موجوده ايم اي جناح روڊ) جي آس پاس واري علائقي کي سڄي برصغير جو هڪ فخر جوڳو مرڪزي تجارتي مرڪز بڻائي ڇڏيو.

انهن ئي تاجرن جي وڃايل عظمت جو هڪ زنگ آلود يادگار ‘شڪارپوري ڪلاٿ مارڪيٽ’ آهي، جنهن جي پُراڻي زبون ديوار تي لڳل ڌنڌلي تختي اڄ به ماضيءَ جي ان عظيم تجارتي جاهہ و جلال جو نوحو پڙهندي نظر اچي ٿي. پر افسوس، وقت جي بي رحم لهرن، شھري رٿابنديءَ جي عدم توجهي ۽ اسان جي اجتماعي بي حسيءَ ان تاريخي ورثي کي هڪ اهڙي اونداهي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي جتي تاريخ جي جاءِ ڌوڙ ۽ يادن جي جاءِ گاڏين جي زهرِيلي دونهين وٺي ڇڏي آهي.

ديوناگري اکر ۽ ماضيءَ جو عالمي تجارتي جاهہ و جلال

ميري ويدر ڪلاڪ ٽاور جي بالڪل پٺيان، تاريخي پراڻي شهر جي اهم شاهراهن بندر روڊ ۽ ميڪلوڊ روڊ جي سنگم تي واقع ان تاريخي عمارت جي مکيه دروازي کي ڏسجي ته پٿريلي تختيءَ تي انگريزيءَ سان گڏوگڏ ديوناگري رسم الخط ۾ ‘شڪارپوري ڪپڙا مارڪيٽ’ ۽ پراڻو سروي نمبر (121/2619) اڄ به اُڪريل نظر اچي ٿو.

تقسيمِ هند کان اڳ، شڪارپور جي سيٺين جو مالياتي دائرو صرف سنڌ يا هندوستان تائين محدود نه هو. انهن جو هنڊي  سرشتو ۽ ٽئڪسٽائل جو عالمي نيٽ ورڪ وچ ايشيا، ڪابل، قنڌار، ثمرقند ۽ بخارا تائين پکڙيل هو. ڪراچيءَ جو هيءَ شڪارپوري مارڪيٽ سندن ان ئي بين الاقوامي تجارتي سلطنت جو هڪ مضبوط ۽ اهم ترين ئي گڙهه هو، جتي روزاني جي بنياد تي لکين رپين جي ڏي وٺ ۽ برآمدات جا سودا طئہ ٿيندا هئا.

رونقن جي جاءِ تي هاڻي گاڏين جو راڄ، هڪ المناڪ زوال

اڄ جي تلخ ۽ المناڪ حقيقت هيءَ آهي ته هيءَ شاندار تاريخي بازار، هاڻي بلڊرن جي هٿان وڏي ڪامپليڪس ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ، هڪ بي ترتيب ۽ زبون حال پارڪنگ لاٽ جو منظر پيش ڪري رهي آهي.

اهي وسيع دالان ۽ گليون جتي ڪڏهن ململ، زربفت، ريشم ۽ ھِرک جا ٿانَ کُلندا هئا ۽ جتي سموري هندوستان مان خريدارن جو هجوم هوندو هو، اتي هاڻي آس پاس جي بئنڪن ۽ تجارتي دفترن جي ملازمن جون موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون پارڪ ٿين ٿيون.

ڪاٺ جون روايتي ۽ خوبصورت ڇتيون، برآمدا ۽ بالڪونيون عدم توجهي ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ سبب وقت سان گڏ ڪري پيون آهن. ھاڻي صرف امھون واري تاريخي ديوار ئي بچي آهي، جيڪا ايم اي جناح روڊ تان روزانو گذرندڙ لکين گاڏين جي زھريلي دونهين ۽ شور جو خاموشيءَ سان مقابلو ڪري رهي آهي.

سنڌي هندو تاجرن جا ٻيا يادگار مارڪيٽ

ڪراچيءَ جي معاشي تاريخ جو مطالعو ڪجي ته معلوم ٿئي ٿو ته شهر جي معاشي بنيادن قائم ڪرڻ ۾ سنڌي هندو برادريءَ جو ڪردار بنيادي نوعيت جو هو. انهن بندر روڊ جي آس پاس ڪپڙي ۽ هول سيل تجارت جا ڪيترائي اهڙا مرڪز قائم ڪيا جيڪي اڄ به بدلجندڙ نالن سان شهر جي معاشي رڳ بڻيل آهن.

موجوده جامع ڪلاٿ مارڪيٽ: ايم اي جناح روڊ تي هيءَ مارڪيٽ قيامِ پاڪستان کان اڳ هندو تاجرن جي ايمانداري ۽ معياري ڪپڙي جي فراھميءَ لاءِ سڄي خطي ۾ مشهور هو. اڄ هيءَ ڪپڙي، خاص طور تي عورتن جي لباسن ۽ روايتي ڀرت جو هڪ عظيم الشان مرڪز آهي.

بولٽن مارڪيٽ: جيتوڻيڪ هن مارڪيٽ جو نالو برطانوي ميونسپل ڪمشنر جي نالي تي رکيو ويو، پر ان جي آس پاس جي گلين ۾ ڪپڙا بازار ۽ هول سيل گلين کي آباد ڪرڻ ۽ ان کي برصغير جي وڏن تجارتي مرڪزن ۾ شمار ڪرائڻ ۾ سنڌي هندو سيٺين ۽ خوجہ تاجر برادريءَ جو عظيم سرمايو ۽ محنت شامل هئي.

لائيٽ هائوس، مِيٺادر ۽ کارادر جون بازارون: پراڻي شهر جي انهن تاريخي علائقن ۾ موجود ڪيترائي ٽئڪسٽائل ايمپوريم ۽ دڪان آزاديءَ کان اڳ هندو ۽ پارسي تاجرن جي ملڪيت هُئا. هتان ڪپڙو نہ صرف هندوستان جي ٻين شهرن بلڪه خليجي ملڪن تائين بحري جهازن ذريعي برآمد ڪيو ويندو هو.

جيڪڏهن سنڌ هيريٽيج ڊپارٽمينٽ، ثقافتي ادارا ۽ نجي مالڪ گڏيل حڪمتِ عملي اختيار ڪن، ته هن عمارت کي ان جي اصل طرزِ تعمير مطابق بحال ڪري سگهجي ٿو.

دنيا جي تاريخي ۽ نوآبادياتي بندرگاهي وسندين ۾ اهڙن پراڻن مارڪيٽن کي ‘اڊاپٽو ري يوز’ (Adaptive Reuse) جي معاشي پاليسيءَ تحت بحال ڪيو ويندو آهي. انهن عمارتن کي محض مسمار ڪرڻ جي بجاءِ ثقافتي مرڪزن، روايتي دستڪاري (Crafts) بازارن، آرٽ گيلرين يا سياحتي ڪئفي ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. هن قدم سان نہ صرف شهر جي معماريءَ جي تاريخ محفوظ ٿئي ٿي بلڪه مقامي معيشت ۽ ثقافتي سياحت (Cultural Tourism) کي به ھٿي ملي ٿي.

حقيقت هيءَ آهي ته 1947ع جي ورھاڱي ۽ ڪراچي واسين جي هجرت جتي انسانن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪيو، اتي انهن تاريخي عمارتن کي به انهن جي اصل تعمير ڪندڙن ۽ مالڪن کان محروم ڪري ڇڏيو. شڪارپوري ڪلاٿ مارڪيٽ جي پٿر تي لڳل اها ڌنڌلي تختي دراصل ڪراچيءَ جو اهو گم ٿيل، ڪثير الثقافتي ۽ شاندار چهرو آهي جنهن کي اسان جديديت جي بي هنگم دوڙ ۾ پٺتي اڇلائي ڇڏيو آهي.

جيڪڏهن اڄ اسان پراڻي شهر جي انهن خاموش پٿرن جي ٻولي نه ٻڌي ۽ انهن جي تحفظ جو فوري طور تي ٻيڙو نه کنيو، ته سڀاڻي هيءَ عظيم معاشي تاريخ صرف پراڻن ڪتابن جي صفحن تائين محدود رهجي ويندي ۽ ڪراچي پنهنجي شاندار ماضيءَ جي هڪ انتهائي اهم ۽ روشن باب کان هميشه هميشه لاءِ محروم ٿي ويندي.

__________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button