Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

نذير عباسي: آدرش کي زندگي ارپيندڙ

شهيد نذير عباسي 27 سالن جي وَهِيءَ ۾ پنهنجي آدرشن کي زندگي ارپي تاريخ ۾ امر بڻجي ويو.

ھُو پنهنجي ڌرتي ۽ پورهيت عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جي راھ ۾ جيون جو ٻليدان ڏئي امرتا جو آڪاس ڇُهِي موت کي به زندگيءَ جو نالو ڏئي ويو

عزيز ڪنگراڻي

شهيد نذير عباسي، سنڌ ڌرتي جو اڏول ۽ بهادر پُٽ نهايت غريب گهراڻي ۾ 10 اپريل 1953ع تي ڄائو. هن پرائيمري ۽ سيڪنڊري  تعليم  ٽنڊوالهيار مان حاصل ڪئي. مسڪيني سبب تڏهن تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو. هيءُ غربتن ۾ گهيرجي ان وقت تعليم اڌ ۾ ڇڏي ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوالهيار ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. ميونسپل ڪميٽي ۾ عام مزدور ملازمن سان ناانصافي ڏسي، انهن جي تنظيم ٺاهيائين. ان کانپوءِ شهيد نذير عباسي سنڌ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو، جنهن ۾ سندس متحرڪ ڪردار جي تاريخ شاهد آهي. انهي تنظيم ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سبب نذير عباسي گرفتار ٿيو ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ڪيو ويو. جيل دوران سندس ملاقات ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر اعزاز نذير ۽ مير ٿيٻي سان ٿي. انهن سان ڪچهرين جي اثر هيٺ شهيد نذير عباسي کاٻي ڌر جي سياست جي ڌارا  سان ڳنڍجي ويو. شهيد نذير عباسي جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ شاگرد سياست ۾ اڳي کان اڳرو سرگرم ٿي ويو.

شهيد نذير عباسي ايس اين ايس ايف سان سلهاڙجي ويو ۽ ان جو پهريون مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. 1976ع ۾ ايس اين ايس ايف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. ان تنظيم ۾ زندگي جي آخري ڏينهن تائين جدوجهد جاري رکيائين. شهيد نذير عباسي ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سرگرم اڳواڻ پڻ هو. اڪثر روپوش زندگي گهاريائين ۽ ڪيترا ڀيرا گرفتار پڻ ٿيو.

شهيد نذير عباسي جي شادي ڪميونسٽ پارٽي جي سرگرم ڪارڪن حميده گهانگهرو سان ٿي. سندس شادي جي تقريب به سياسي سرگرمي جو نمونو بڻي. شهيد نذير عباسي گرفتاري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾  فوج جي ٽارچرسيل کان علاوه سنڌ ۾ نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، نوابشاھ جي ٿاڻن ۽ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد جون عقوبتون بهادري سان سَٺيون. شهيد نذير عباسي جي معصوم نياڻي زرقا ڄائي ته وقت جي ظلم کانئس پيءُ جو ڇانورو کسي ورتو.

شهيد نذير عباسي پهرين آگسٽ 1980ع تي ڪراچي ۾ پارٽي جي ڳجهي آفيس ۾ گڏجاڻي منجهان پنهنجن ساٿين سان گڏ ڳهجين ايجينسين پاران گرفتار ڪيو ويو، مٿس ماڙيپور جي ٽارچر سيل ۾ مسلسل ٽارچر ڪيو ويو. گرفتاري وقت ميمبرن ۽ اڳواڻ جي لسٽ وٽس هئي جيڪا وات ۾ وجهي چٻاڙي ڳِيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کيس گٽر جو پاڻي پياري اوڳاڇرائڻ جي ڪئي پر هيءُ بهادر پورهيت اڳواڻ لسٽ چٻاڙي چڪو هو ۽ الٽي ڪرڻ سان لسٽ ٻاهر اچڻ وقت نالا ڊهي چڪا هئا.

شهيد نذير عباسي ۽ سندس ساٿين کي جهڪائڻ لاءِ انهن تي وڏو تشدد ڪيو ويو. کانئس نالا معلوم ڪرڻ جي لاءِ ٽارچر جي انتها ڪئي وئي پر هن اڏول اڳواڻ ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. صرف چيائين، “منهنجو نالو نذير آهي.” 9 آگسٽ 1980ع تي هن جرئتمند ۽ باهمت جي اڳواڻ کي انتها تشدد جو نشانو بڻائي کيس شهيد ڪيو ويو. سندس جسم کي چهڪ ڏنا ويا، بدن تي ڏنڀ ڏنا ويا، سندس انگ انگ ۾ جهير وڌا ويا . کيس جهُڪائڻ لاءِ تشدد جو هر حربو هلايو ويو پر کيرٿر جهُڪي اهو ناممڪن. کيس شهيد ڪرڻ کانپوءِ ايڌي ايمبولنس ۾ کڻائي اونداهي رات ۾ چُپ چاپ  سخي حسن قبرستان ڪراچي ۾ دفنايو ويو. شهيد نذير عباسي 27 سالن جي وَهِيءَ ۾ پنهنجي آدرشن کي زندگي ارپي تاريخ ۾ امر بڻجي ويو. پنهنجي ڌرتي ۽ پورهيت عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جي راھ ۾ جيون جو ٻليدان ڏئي امرتا جو آڪاس ڇُهِي موت کي به زندگيءَ جو نالو ڏئي ويو. انهي اڏولپڻي تي ڌرتي ماءُ فخر ڪندي رهندي:

  مون وٽ پَلجي ناز،

  پنهنجي پُٽ نذير جو!

موت قبوليائين مگر، فاش نہ ٿيو ڪو راز!

ڪِين جهُڪائي هو سگهيو، ڏاڍ بلند آواز!

موت وٺي خود مات ويو، ڇيڙيو جيون ساز!

بُرج لُڏيا ظُلمات جا، نه ڦٿڪيو ڀُونءَ جو باز!

ساراهيندي  هر صدي،  انجام ۽ آغاز!

مون وٽ پَلجي ناز!

پنهنجي پُٽ نذير جو!

______________

ليکڪ اينٿروپولاجسٽ ۽ ناميارو محقق ۽ ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button