عورتن جي قتلام ۽ قبائلي جرڳن خلاف سنڌياڻياڻين جي حيدرآباد ۾ علامتي بک هڙتال
سنڌياڻي تحريڪ پاران بُک ھڙتال ۾ مرد ۽ ٻار بہ شريڪ؛ قبيلائي نظام نامنظور، جاگيرداري نظام نامنظور، عورتن جو وڪرو بند ڪريو جا نعرا
ڪارو ڪاري ذريعي عورتن جي وڪري ۽ قتل جا فيصلا ڏيندڙ قبيلائي سردارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي گھُر
حيدرآباد، سنڌ
ڪاروڪاري، عورتن جي قتلام ۽ قبائلي جرڳن خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان جمعي ڏينھن حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.
قبيلائي نظام، جاگيرداري نظام، ڪارو ڪاري جو دستور نامنظور، عورتن جو وڪرو بند ڪيو، نياڻيون مارڻ بند ڪريو جي زوردار نعريبازي ڪئي وئي.

بک هڙتال ڪئمپ تي خطاب ڳالھائيندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي اڳواڻ صبحاني ڏاهري، حسنہ راهوجو، صائمہ مڱڻهار ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪاروبار وسيلي عورتن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. قبائلي جرڳا عورتن جي وڪري ۽ قتلام جو مرڪز آهن.
ھنن الزام ھنيو تہ پيپلز پارٽي سرڪار قبائلي جرڳن کي هٿي ڏئي سنڌ کي بدترين غلاميءَ جي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ جون عورتون بنيادي انساني حقن کان محروم آهن. عورتن خلاف وڌندڙ ڏاڍايون، ڪارو ڪاري ذريعي قتل ڪرڻ ۽ قبائلي جرڳن جا عورت دشمن فيصلا آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهن.
”ڪارو ڪاري ذريعي عورتن جي وڪري ۽ قتلام ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار ملوث آهي، ڪارو ڪاري ۽ سڱ چٽي جهڙا انسانيت کي لڄائيندڙ فيصلا ڪندڙ قبائلي سردارن کي سنڌ حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي. قبائلي ۽ جاگيرداري نظام سنڌ ۾ لاقانونيت، ظلم ۽ جبر کي هٿي ڏني آهي،“ ھنن الزام ھنيو.

اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار طرفان آئين ۽ قانون معطل ڪري قبيلائي جرڳن کي هٿي ڏيڻ سبب سنڌ جي عورت جاگيرداري ۽ قبائلي سماج جي ظلم هيٺ پيڙهجي رهي آهي. عورت کي قتل ڪري ڪارو سڏڻ، ان جي زندگي ۽ عزت تي جرڳائي فيصلا ڪرڻ، ۽ ظالم قاتلن کي بچائڻ سنڌ جي عدالتي نظام تي سواليا نشان آهي.
هنن چيو ته حڪمران ڌر، خاص طور تي سنڌ حڪومت، جاگيردارن ۽ سردارن جي سياسي سرپرستي ڪري رهي آهي، جن جي آشيرواد هيٺ قبائلي جرڳا، عورتن جا قتلام ۽ ڪاروڪاريءَ جا قهر جاري آهن. سنڌياڻي تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته سنڌ اندر عورتن جي تحفظ لاءِ جرڳن تي ھڪدم پابندي لڳائي وڃي، عدالتي سڌارا آڻي انصاف سستو ۽ تڪڙو فراهم ڪيو وڃي. قبائلي جرڳن ۽ غيرقانوني فيصلا ڪندڙ سردارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. (پريس رليز)
_________________



