Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين ۾ ڪاروبار جا وڏا موقعا آهن، اڪثر پرڏيھي شاگرد ڪاروبار ڪندا آھن

پرڏيھي شاگرد ورڪ ويزا وٺي رھي پون ٿا. ڪي تہ شاگرديءَ دوران ئي ننڍا وڏا ڪم ڪندا آھن. چيني ڇوڪريءَ سان شادي ڪرن تي کين فيملي ويزا ملي وڃي ٿي

پرڏيھي شاگرد جلد ڪانه ڪا چيني ڇوڪري گرل فرينڊ ٺاهيو وٺن، هتي گرل يا بواء فرينڊ ٺاهڻ ڪو مسئلو ڪونهي، انھيءَ سان چيني ٻولي بہ جلد سِکي وٺجي ٿي

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

اُڻويھ آڪٽوبر 2024: رات وشال چيو ته ”ابو، منھنجي هڪ بنگالي دوست بار کولي آهي، ڪجهه ڏينھن اڳ ان بار جي افتتاح جي مون کي دعوت ڏني هئائين، پر وڃي نه سگهيو هوس. ھوٽل بند ڪري پوءِ هلو ته چڪر هڻي اچون…. ابوذر به اچي ٿو.“

چيومانس ته، ”جيڏانھن به وٺي هلندين هلندس…“

ايئن اسان تيار ٿي ٻاهرنڪري اچي بائيڪ تي ويٺاسين. بائيڪ نئننگ جي رستن تي روان دوان هئي. ان وقت رات جا ٻارهن ٿيا هئا. روڊن تي گاڏين جي رش هئي. هينئر چين ۾ قسمين قسمين ڪارون وغيره آهن. مھانگي کان مھانگيون. هوٽلون ۽ بارون کليل هيون. دڪان به کليل هئا. مون اڪثر سفرنامن ۾ پڙهيو هو ته چيني ڇھين بجي ماني کائي نوين بجي تائين سمھي پوندا آهن ۽ ڪُڪڙو ڪُو ٿي ويندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته 1978ع کان اڳ ۾ جڏهن چين اڃا ٻاهرين ماڻهن لاءِ دروازا نه کوليا هئا، ايئن هجي، پر هاڻ ته چين ڄڻ مغرب جو ٻيو روپ بنجي ويو آهي. ڪي. ايف. سي، ميڪڊونلڊ، ماني جون هوٽلون، بارون، سڄي رات کليون پيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته چين جي ٻھراڙين ۾ ماڻهو نوين بجي تائين سمھي رهندا هجن ۽ ڪڪڙو ڪو ٿي ويندي هجي. مون کي ٻين شھرن جي ته خبر ڪونهي، پر نئننگ منھنجي اکين اڳيان آهي، سو منھنجو هي مشاهدو فقط نئننگ شھر جو آهي. اڃا ٻين شھرن ۾ نه ويو آهيان. جڏهن ويس ته اتي جيڪو مشاهدو ٿيو يا جيڪو ڏٺم اهو لکندس.

وشال، بائيڪ مختلف رستن تان ڦيرائيندو، هڪ هنڌ اچي بيٺو، ابوذر اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. ٻنهي ڄڻن بائيڪون هڪ هنڌ پارڪ ڪيون ۽ ٿورو اڳيان وڌياسين ته هڪ شاپ جي اڳيان ڪجهه ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکيون هيون، جن تي ڪافي نوجوان ويٺا هئا. ايئن محسوس ٿيم ته حيدرآباد ۾ علي سي. اين جي ويجھو ڪيفي ارسلان تي پھچي ويو هجان، جتي به شام جو ايئن ئي ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکيل هونديون آهن. اسان کي ڏسي هڪ ننڍي قد جو نوجوان، جنھن کي ڪارو پھراڻ ۽ اڇو پاجامو پاتل هو، مُرڪندو اچي اسان سان مليو. ”هي ياسين آهي. سندس واسطو بنگلاديش سان آهي ۽ تازو ئي هيءَ بار کولي اٿائين.“ وشال مون سان سندس تعارف ڪرايو ۽ پوءِ چيائين، ”هي منھنجو ابو آهي.“

”ويلڪم! انڪل! ڪيئن آهيو؟“ گُن چيو. هُو اردو ڳالهائي رهيو هو، پر سندس لھجو ڏاڍو مزيدار هو. پوءِ اتي ويٺل ٻيا نوجوان به اٿي اچي اسان سان مليا. سڀ بنگالي نوجوان هئا، رنگ جا سانورا ۽ قد جا ننڍا، پر ياسين رنگ جو ڳورو هو. سڀني سان ملي خوش خيرعافيت ڪري، اسان ياسين سان گڏ اندر اچي ويٺاسين. بار ڇا هئي، هڪ دڪان هو، جنھن ۾ هڪ پاسي دخل هو، دخل جي پويان ڀت ۾ لڳل شيلف ۾ قسمين قسمين شراب رکيا هئا. پريان هڪ ننڍو ڪِچن هو، باقي بار ۾ ڪرسيون ۽ ٽيبلون رکيون ويون هيون. انهن مان هڪ ٽيبل جي چوڌاري ڪجهه چيني ۽ بنگالي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ويٺا پي رهيا هئا. سگريٽ جي به ڌُم لڳي پئي هئي. خوب انجواءِ ڪري رهيا هئا. ڪرسين تي ويھندي ئي ياسين پڇيو، ”انڪل! ڇا هلندو… وائين، بيئر يا ڪولڊ ڊرنڪ…. کائيندا ڇا؟“

”ماني ته اسان کائي آيا آهيون، باقي ڪولڊ ڊرنڪ بھتر رهندو.“ وشال چيو.

”آءٌ بيئر پيئندس. “ابوذر چيو.

ٿوري دير کان پوءِ ياسين ويو ۽ ڪِچن مان هڪ پليٽ چانورن جي کڻي آيو، جيڪا اسان ٿوري ٿوري ڪري کاڌي. بنگالي طريقي سان ٺھيل اهي چانور بي حد لذيذ هئا.

هتي مون اچي ڏٺو ته چين ۾ ڪاروبار جا تمام وڏا موقعا آهن، هتي جيڪي شاگرد پڙهڻ اچن ٿا، انهن مان پوءِ ڪيترائي هتي ٽِڪيو پون ۽ ورڪ ويزا تي پنھنجا ڪاروبار ٿا ڪن يا شاگرديءَ جي دوران ئي ننڍا وڏا ڪم ڪريو پنھنجو پيٽ ڇڏايو ويٺا آهن. چيني کاڌي پيتي جا به تمام گهڻا شوقين آهن، تنھن ڪري تمام گهڻيون کاڌي جون هوٽلون، فوڊ شاپس کلي ويا آهن، انهن ۾ هڪڙا چيني عام کاڌن جا آهن ۽ ٻيا پاڪستاني ۽ بنگالي. جنھن شاهراهه ’هوچو لو‘ تي وشال جي هوٽل آهي، ان تي ٻه ته رڳو پاڪستاني اسٽائيل ريسٽورينٽ آهن ۽ ڪيتريون ئي چيني ريسٽورينٽ پڻ.

چين ۾ ارڙهن سالن جي عمر کان پوءِ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري آزاد هوندا آهن ۽ هو پنھنجي مرضيءَ جي زندگي گذارڻ جو حق رکن ٿا. مون ڏٺو ته اڪثر چيني نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا بواءِ ۽ گرل فرينڊ آهن. هو شام جو هٿ هٿ ۾ ۽ چيلھه ۾ هٿ ڏيو پيا ٽيلارا ڪندا آهن. شراب ۽ سگريٽ ته هنن جي زندگي جو حصو هوندو آهي.

هتي جيڪي پرڏيھي شاگرد اچن ٿا، اهي به جلد ڪانه ڪا چيني ڇوڪري گرل فرينڊ ٺاهيو وٺن، هتي گرل يا بواء فرينڊ ٺاهڻ ڪو مسئلو ڪونهي، پرڏيھي ڇوڪرا جيڪي گرل فرينڊس ٺاهيندا آهن، ان جو هڪ سبب چيني ٻولي سکڻ به آهي. ڪلهه وشال هڪ پنجابي نوجوان عمر سان ملايو، جيڪو ٽيون ڏينھن منھنجي موجودگي ۾ پنھنجي چيني گرل فرينڊ کي پاڻ سان وٺي آيو. عمر وشال جي هوٽل تي پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو آهي. وشال چيو ته، ”هن نوجوان چئن مھينن ۾ چيني سکي آهي.“ مون پڇيومانس ”عمر… ڪيئن؟“ ته چيائين ته، ”آءٌ چيني ٻوليءَ جا ڪلاس به وٺندو هوس، پر مون گهڻي پنھنجي گرل فرينڊ کان سِکي. آءٌ ڳالهائيندو هوس ته هوءَ منھنجو تلفظ ۽ جملا درست ڪندي هئي.“

گهڻا ڇوڪرا جيڪي چين ۾ رهي ڪونه ڪو ڪاروبار يا ٻيو ڪم ڪار ڪرڻ گهرندا آهن ته هو چيني ڇوڪرين سان شاديون ڪندا آهن ۽ پوءِ کين ان بنياد تي فئملي ويزا ملي ويندي آهي. جنھن ڏينھن اسان نئننگ آياسون، ان ڏينھن وشال پنھنجي هڪ دوست عاديءَ جي شاديءَ ۾ وٺي هليو، جنھن پڻ هڪ چيني ڇوڪري سان شادي ڪئي، جيڪا طلاق يافته هئي ۽ ٻن ڇوڪرين جي ماءُ هئي. وشال ٻڌايو ته عادي هتي ڪوبه ڪم ڪار نه ٿو ڪري، ڇوڪري ڪافي امير آهي، ۽ ڪافي بيوٽي پارلر اٿس. عادي ان جي ئي خرچ تي هلي ٿو. اتي ئي هڪ ٻئي پنجابي نوجوان عليءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو اڳ ۾ ٽي شاديون ڪري چڪو هو ۽ ٽنھي کي طلاق ڏيئي ڇڏيائين. هاڻ چوٿين شاديءَ جي تيارين ۾ آهي. اهڙيون ڪجهه ٻيون به ڳالهيون معلوم ٿيون. نه فقط اهو، پر ڪيترين ئي پاڪستاني ڇوڪرين جون چينين سان پڻ شاديون ٿيل آهن. وشال وٽ هوٽل تي پنجاب جو هڪ نوجوان شھزاد مسيح بورچي طور ڪم ڪري ٿو، ان جي ڀيڻ جي هڪ چيني نوجوان سان شادي ٿيل آهي.

اسان ياسين سان ڪچھري ڪري رهيا هئاسين، جو ياسين ابوذر کي ڪن ۾ ڪجهه چيو، جنھن تي ابوذر کليو ۽ وري وشال جي ڪن ۾ چيائين، جنھن تي وشال کليو ۽ مون کي چيائين، ”ياسين چوي ٿو ته انڪل سگريٽ پيئندو آهي؟“ جنھن تي مون ياسين کي چيو ته ”نه باقي اوهان پيئو ته اجازت اٿوَ.“

جنھن مھل ابوذر چيو ته ”آءٌ بيئر پيئندس.“ ته وشال مون کان پڇيو، ”ابو بيئر پيئندين؟“ مون نھڪار ڪندي چيو ته ”نه، باقي اوهان پيئو ته ڀلي پيئو.“ جنھن تي وشال چيو ته، ”مون نه ڪڏهن شراب پيتو آهي نه بيئر.“

اسان ڪلاڪ کن ياسين وٽ ويٺا رهياسين. پوءِ کانئس موڪلائي، ساڻس گڏ فوٽو ڪڍي روانا ٿي وياسين، ابوذر پنھنجي ماڳ ۽ اسان فليٽ تي.

اڄ وشال ۽ کشين جي شاديءَ جي ٽين سالگرھ هئي. شام جو کشين هڪ خوبصورت ڪيڪ وٺي آئي، جيڪو اسان تاڙين جي گونج ۾ ڪٽيو ۽ کاڌو. ان مھل هوٽل ۾ جيڪي گراهڪ ويٺل هئا، تن کي ڪيڪ کارايوسين. کشين جي امڙ کشين کي ٻه سو يوان تحفي طور ڏنا. اسان اڳ ۾ ئي پاڪستان مان آندل سون جو سيٽ کشين کي تحفي طور ڏيئي چڪا هئاسين. ڪيڪ ڪٽڻ دوران مريم بار بار ذرو ذرو ڪيڪ جو کائيندي ۽ وري ٽشو پيپر سان وات اگهندي ”شي شا“ ڪندي رهي. جنھن تي اسان سڀ کلڻ ٿي لڳاسين.

________________ 

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ ھُو چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button