ھماليائي مُلڪ نيپال جو نوجوان نسل ھاڻ ماٺ ڪري ويھڻ لاءِ تيار ناھي
نيپالي نوجوان هاڻي صرف آن لائين آزادي نٿا گهرن، پر هڪ شفاف، جوابده ۽ بااختيار سياسي نظام جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
سياسي مبصرن موجب، جيڪڏهن عبوري انتظامي ڍانچي سان گڏ حقيقي اصلاحي قدم نه کنيا ويا، ته استحڪام ممڪن نه هوندو.
مُشتاق ٽانوري
نيپال، جيڪو هماليه جي دامن ۾ هڪ خوبصورت پر سياسي طور اڻٿلهو ملڪ آهي، گذريل ڏهاڙن ۾ هڪ اهڙي سياسي ۽ سماجي بحران مان گذريو جيڪو ملڪ جي مستقبل بابت نوان سوال اٿاري ويو آهي. سوشل ميڊيا تي ھنيل پابنديءَ سبب جنم وٺندڙ احتجاج نه رڳو نوجوانن جي آواز کي نئون رخ ڏنو، پر سڄي رياستي ڍانچي کي لوڏي ڇڏيو.
چوٿين سيپٽمبر تي حڪومت اوچتو فيس بُڪ، انسٽاگرام، يوٽيوب، واٽس ايپ ۽ ٻين پليٽفارمن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. سرڪاري دليل اهو ڏنو ويو ته انهن پليٽفارمن نيپال جي مقامي قانون مطابق رجسٽريشن ناهي ڪرائي. پر نوجوان نسل ان فيصلي کي رڳو قانوني قدم نه پر آزاديءَ تي حملو قرار ڏنو.
سوشل ميڊيا تي پابندي لڳڻ شرط يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ شهرن جي گهٽين ۾ احتجاج شروع ٿي ويو، جيڪو تيزيءَ سان ملڪ گير تحريڪ ۾ بدلجي ويو. هيءَ تحريڪ رڳو سوشل ميڊيا تائين محدود نه رهي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مظاهرا بدعنواني، سياسي موروثيت ۽ وڌندڙ بيروزگاريءَ خلاف هڪ وڏي عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويا. نوجوانن ان کي نالو ڏنو ”جين زي ريوولوشن“. انهن جي نعريبازيءَ ۾ رڳو انٽرنيٽ جي آزادي نه پر شفاف ۽ جوابده حڪومت جا مطالبا به شامل هئا.

احتجاجن دوران پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 ماڻهو مارجي ويا ۽ سؤ کان وڌيڪ زخمي ٿيا. کٽمنڊو ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ رستا بند ڪيا ويا، ڪرفيو لاڳو ٿيو ۽ فوج کي به طلب ڪيو ويو. مظاهرين وزيراعظم جي رهائش، پارليامينٽ ۽ ٻين اهم سرڪاري عمارتن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سان صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي. مسلسل وڌندڙ عوامي دٻاءُ ۽ پرتشدد مظاهرن کان پوءِ وزيراعظم ڪي پي شرما اولي 9 سيپٽمبر تي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿيو. حڪومت ساڳئي ڏينهن سوشل ميڊيا پابندي ختم ڪري فيس بُڪ، واٽس ايپ ۽ ٻين پليٽفارمن جي بحاليءَ جو اعلان ڪيو. گڏوگڏ متاثر خاندانن لاءِ مالي امداد، زخمين لاءِ مفت علاج ۽ 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندڙ هڪ اعليٰ سطحي جاچ ڪميشن جو به اعلان ڪيو ويو. احتجاجن سبب کٽمنڊو جو بين الاقوامي هوائي اڏو بند ٿي ويو، ڪيتريون ئي اُڏامون ڀارت ڏانهن موڙيون ويون.
ان سموري صورتحال جي ڪري معيشت کي وڏو ڌڪ لڳو. اڳ ئي ڪمزور معيشت هاڻي وڌيڪ بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿي. سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن بحران جا بنيادي سبب گهرا آهن جھڙوڪ بدعنواني، سياسي عدم استحڪام ۽ بيروزگاري. ياد رهي ته 2008 کان وٺي اڄ تائين نيپال ۾ 13 حڪومتون تبديل ٿي چڪيون آهن، جيڪو ملڪ جي سياسي اٿل پٿل جو وڏو ثبوت آهي.
وزيراعظم جي استعيفيٰ ۽ سوشل ميڊيا جي بحاليءَ سان حالتون عارضي طور ماٺيون ٿي رھيون آهن، پر نوجوان نسل جو احتجاج مڪمل طور ختم نه ٿيو آهي. هو هاڻي صرف آن لائين آزادي نٿا گهرن، پر هڪ شفاف، جوابده ۽ بااختيار سياسي نظام جو مطالبو ڪري رهيا آهن. سياسي مبصرن موجب، جيڪڏهن عبوري انتظامي ڍانچي سان گڏ حقيقي اصلاحي قدم نه کنيا ويا، ته استحڪام ممڪن نه هوندو.
نيپال هن وقت هڪ نازڪ موڙ تي بيٺو آهي. ”جين زي ريوولوشن“ صرف هڪ تحريڪ نه پر هڪ علامت بڻجي چڪي آهي ــ اهڙي علامت جيڪا ڏيکاري ٿي ته نوجوان نسل هاڻي خاموش رهڻ لاءِ تيار ناهي. هي تحريڪ شايد نيپال جي سياست ۾ اهڙو موڙ آڻي، جيڪو ملڪ کي نئين دور ۾ داخل ڪري سگهي.
________________