Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ننڍي کنڊ ۾ گھڻو مزاحمتي ادب سنڌيءَ سميت چئن ٻولين ۾ تخليق ٿيو

انھن ٻولين ۾ تامل، تلنگانا، سنڌي ۽ بنگالي ٻوليون شامل آھن، جڏهن ته ون يونٽ جي خلاف به سنڌ ۽ بنگال جدوجهد ڪندا رهيا. ٻن سنڌي ڪتابن جي مھورت واري تقريب ۾ ڳالھيون

ڪراچي

برصغير ۾ مزاحمتي ادب گهڻو ڪري چئن ٻولين، تامل، تلنگانا، سنڌي ۽ بنگاليءَ ۾ تخليق ٿيو آهي، جڏهن ته ون يونٽ جي خلاف به سنڌ ۽ بنگال جدوجهد ڪندا رهيا.

اھا ڳالھ پروفيسر ڊاڪٽر رياض شيخ ڇنڇر ڏينھن ٻن ڪتابن جي مھورت واري تقريب ۾ ڳالھائيندي چئي. هن چيو ته مرده قومون پنهنجو ادب تخليق ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿيون.

انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي سهڪار سان لطيف راولاڻي جي ڪتاب “ڪوھ ٿُو ڪاڳر ڪورِيئن” ۽ محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب “چوڏهين چنڊ ۽ چارا” جي تقريبِ ڪوٺائي ھئي.

 مختلف اديبن انھيءَ موقعي تي ڳالھائيندي چيو ته ترقي پسند ادب کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوجوانن کي اڳتي آڻڻ ضروري آهي ۽ ڊجيٽل دور جي تقاضائن موجب تصنيفات کي ترتيب ڏيڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ نوجوان نسل انهن لکڻين مان فائدو حاصل ڪري سگهن.

تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته نوجوانن کي اڳتي آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ترقي پسند ادب جي واڌ ويجهه ۽ ترويج ٿئي ۽ ترقي پسند تحريڪ اڳتي وڌي.

انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاهد دايو چيو ته انجمن جي طرفان هاڻي انور پيرزادَي جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي. پروفيسر ساجده چنه چيو ته ڪتابن جي هي آخري صدي آهي، هاڻي اسان کي ڊجيٽل طرزِ تحرير اختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن پنهنجي لکڻين کي نوجوانن تائين منتقل ڪري سگهون. هن چيو ته نوجوان پڙهڻ ته چاهين ٿا، پر انهن کي پنهنجي مرضي مطابق پڙهڻ جون سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن. جڏهن ڪرنسي ڊجيٽل ٿي رهي آهي ته اسان کي به تيار رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ دور ڊجيٽل دور آهي ۽ اديبن ۽ مفڪرن کي به پاڻ کي انهيءَ طرز مطابق سموئڻ گهرجي.

لطيف راولاني چيو ته ادبي سنگت سان سندس پراڻو لاڳاپو آهي. سندس والد پروفيسر رحيم راولاڻي مهراڻ لائبريري جو بنياد وڌو. هن چيو ته هو نوجواني کان لکندو اچي ٿو ۽ “رولاڪي” کيس الڳ سڃاڻپ ڏني آهي.

صحافي يونس مهر چيو ته مزاحمتي ادب سنڌ جي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صحافي جاويد مهر چيو ته آرٽس ڪائونسل ۾ شاه لطيف، تاجل بيوس ۽ شمشيرالحيدري جي نالن سان هال هجڻ گهرجن. عبدالواحد سومرو چيو ته محمد علي پٺاڻ ڊرامي، ڪهاڻي ۽ شاعري ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. ايوب شان خاصخيلي چيو ته لطيف راولاڻي جو ڪتاب سندس سادي اندازِ تحرير جي عڪاسي ڪري ٿو. محمد علي پٺاڻ چيو ته اسان کي ٻين ٻولين سان به پيار ۽ احترام آهي، پر پنهنجي ماءُ ٻولي سنڌي ۾ لکڻ آسان به لڳي ٿو ۽ عام فهم به آهي. تقريب ۾ انجمن ڪراچي جي صدر ڪرم علي شاهه ڪرم، سيڪريٽري جنرل نعيم شيخ، ضرار پيرزادو ۽ ٻين پڻ ڳالھايو.

تقريب ۾ منصور کوکر، طالب ڪڇي، ايڊووڪيٽ واحد بخش ناريجو، ممتاز شاعرہ قمر جهان قمر ۽ گل ناز منگي پڻ شريڪ ٿيا، جڏهن ته نظامت جا فرض انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي چيپٽر جي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نوجوان صحافي لياقت عباسي سرانجام ڏنا. (پريس رليز)

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button