دل جي تھخاني مان: سنڌين کي شڪست پسنديءَ واري سوچ ڇڏڻي پوندي
الائي ڇو ايتري وڏي تعداد ۾ ھوندي به اسان پنھنجي “ھُجڻ” يا موجودگيءَ جو احساس پنھنجي اندر ۾ توڙي سندن ھن شھر تي قبضو ڪري راڄ ڪندڙن جي ذھنن ۾ پيدا نه ڪري سگھيا آھيون ـ
اھو احساس شايد “شڪست پسندي” آھي جنھن تي امر جليل ھڪ ڏينھن چئي ڏنو ته اسان کي شڪست پسندي Defeatism مان جان ڇڏائڻي پوندي
قومن جو حوصلو ۽ روحاني سگھه وڌائڻ لاءِ ثقافتي سرگرميون وڏو ڪردار ادا ڪنديون آھن، پر اسان سنڌي پنھنجا حوصلا ۽ ھمت وڃائي پستيءَ جي اونھائين ۾ غرق ٿيندا پيا وڃون ـ
پنھنجو شھر ھوندي اسان گھر کان ٻاھر ايئن نڪرون ٿا ڄڻ اسان ختم ٿيندڙ پارسي برادريءَ جا فرد ھجون ـ پنھنجي ڌرتي، پنھنجي شھر جي مالڪي ڪرڻ جو نه ئي ڪو احساس آھي اسان منجھه ۽ نه ئي حوصلو ـ
نصير اعجاز
(ھڪ تازي ڳالھ مونکي ھيءُ ڪجھ ورھيہ پُراڻو ڪالم ٻيھر ڇاپڻ تي مجبور ڪيو آھي. تيرھين سيپٽمبر تي دوست شاعر اياز گُل جي ٻن ڪتابن جي مھورت وارو ڪاڄ ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ رکيل ھو. اھو رُڳو ڪتابن جي مھورت تائين محدود ڪونہ ھو پر اُن ۾ شاعري پڙھي بہ وئي تہ ڳائي بہ وئي. فيس بُڪ تي ڏٺل تصويرن ۽ وڊيوز مان لڳو تہ پروگرام سُٺي نموني آرگنائيز ڪيل ھو، پر ھال ۾ موجود ماڻھن جو انگ ٿورو ھو، جنھن تي سوشل ميڊيا تي ڪِن دوستن تبصرا بہ ڪيا آھن. ھڪ تہ ڪراچيءَ ۾ ادبي ۽ ثقافتي پروگرام گھٽ ٿين ٿا ۽ وري انھن ۾ سنڌين جو گھٽ اچڻ ڏاڍي افسوس جي ڳالھ آھي. انھيءَ صورتحال جي ڪارڻن تي سڀني کي سوچڻو پوندو. مان پنجاھ ورھين کان ڪراچيءَ ۾ ثقافتي ۽ ادبي پروگرام نہ رُڳو ڏسندو رھيو آھيان پر اڳي مون پاڻ بہ ڪيترائي اھڙا پروگرام ڪرايا. ڪراچيءَ ۾ تہ اڳي اسٽيج ناٽڪ بہ ٿيندا ھئا. تڏھن انھن سمورن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌين جو انگ ايترو گھڻو ھوندو ھو جو ماڻھن کي ويھڻ جي جاءِ بہ ڪانہ ملندي ھئي. پر ھاڻ ڏينھون ڏينھن سنڌين جي پنھنجي پروگرامن ۾ سنڌين جو اچڻ گھٽبو پيو وڃي. (جيڪڏھن منھنجو مشاھدو غلط ھجي تہ دوست اُن کي درست ڪن). منھنجو ھيءُ ليک ڪراچيءَ ۾ گذريل ڪيترن ئي ورھين کان نظر ايندڙ انھيءَ صورتحال تي لکيو ھيم جيڪو ھيٺ ڌيان ٿو. )
مان به ڪو صفا چريو آھيان ـ ورھين جا ورھيه دل جي تھخاني ۾ بند ڪري رکيل اُڌمن ۽ جذبن کي کولي ڇڏيو اٿم ـ مون ته انھن کي سنگھرن ۾ ٻڌي دل جي قيدخاني جي سڀني ڳڙکين کي به تالا ھڻي ڇڏيا ھا ـ نٿي چاھيم ته ڪجھه لکان جو ورڻو ته ڪجھه به ڪين ھو ـ پر شايد گھُٽ ۽ ٻُوسٽ ڪجھه حد کان وڌي وئي آھي ۽ ھاڻي ته ھانءُ ڦاٽي ٿو ـ اھي اُڌما ۽ جذبا لفظن جو رُوپ وٺي نڪري نروار ٿي رھيا آھن ـ سوچيان ٿو ته اھي شايد وِسوسا آھن، جيڪي سُک سان ويھڻ به نٿا ڏين ـ سنڌ جو ڇا ٿيندو، سنڌين جو ڇا ٿيندو، سنڌي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو؟ اھي سوال بڙڇيون بڻجي ھانءَ ۾ چُڀجي رھيا آھن ـ ڪي سال اڳ اھا آنڌ مانڌ ان وقت اڃان وڌي وئي ھئي جڏھن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاھه عبدالطيف ڀٽائي چيئر پاران سرڳواسي لڇمڻ ڪومل جي 79 ھين جنم ڏينھن ۽ سندس آتم ڪٿا “وھي کاتي جا پنا” جي ٽنھي جِلدن کي ھڪ ئي ھنڌ ڇپرايل ڪتاب جي مھورت لاءِ نيشنل ميوزم آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ تقرير ڪندي امر جليل چيو : “سنڌ اسان جي آھي ۽ ڪراچي سنڌ جي دل آھي، پر پنھنجي ھڪ وڏي اديب ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ شخص لڇمڻ ڪومل جي ياد ۾ ھتي گڏ ٿيلن جو انگ ڏسي ڇا اھڙي دعوى ڪري سگھجي ٿي ته ڪراچي اسان سنڌين جي آھي ۽ اسان سنڌي به ھن شھر ۾ رھون ٿا؟” مون ان مھل ٻه اڍائي سئو ماڻھن جي گنجائش واري ھال تي نظر ڦيرائي ته اھو اڌ کان وڌيڪ خالي ھو ـ امر جي ان سوال جو جواب ڪنھن وٽ ڪونه ھو ـ اسان ته جيئري ڪنھن کي مانُ ڪونه ڏيون ته ھزارين ڪوھه پري ھندستان ۾ فوت ٿي ويل سنڌ جي ان ديواني کي ڪير ٿو ياد رکي ؟ ڪنھن کي پئي آھي جو پنھنجا ڪم ڪاريون ۽ يارن دوستن سان ڪچھريون ڇڏي ھتي تقريرون ٻُڌڻ لاءِ اچي؟ جيڪڏھن سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جا نمائندا به ھتي گڏ ٿين ھا ته اڌ ھال ڀرجي وڃي ھا پر انھن کي ھن قسم جي پروگرام مان ملڻو ته ڪجھه ڪونه ھو، سو ھڪ اڌ ٽي وي چينل جي نمائندي کانسواءِ ٻيو ڪو نظر ڪونه آيو ـ
ان کان اڳ آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي 42 ھين سالگرھه جي پروگرام ۾ اوپن ايئر آڊيٽوريم، جتي اڳي ويھڻ جي جاءِ ڪانه ملندي ھئي، اُتي شروع ۾ سوا سئو ماڻھو موجود ھئا، جيڪي پڻ سگا جي مختلف برانچن کان آيل ھئا ـ ساڍي ڏھين ڌاري سنگيت جي محفل شروع ٿيڻ مھل ماڻھن جو تعداد وڌي چار سئو کن مس ٿيو ـ باقي سمورو آڊيٽوريم خالي پيو ھو ـ ڪنھن شخص مختصر لفظن ۾ تبصرو ڪندي افسوس ڏيکاريو ته سگا ھاڻي ايترو سُسُي وئي آھي جو سندن فنڪشنن ۾ سئو سوا ماڻھو به مشڪل ٿا اچن ـ اھڙو ئي حال ھڪ ڏينھن اڳ گڏاپ جي پبلڪ اسڪول ۾ سگا جي سالياني ڪنوينشن جو ھو ـ (سگا، جنھن کي ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ سندس دوستن 42 ورھيه اڳ جنم ڏئي اوج تي پھچايو، تنھن کي اھڙي افسوسناڪ حال تائين پھچائڻ جي ذميوار سگا جي بي اثر قيادت آھي، جيڪا گذريل ڪيترن ئي ورھين کان ان کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران پوئتي ڌڪيندي پئي وڃي) ـ ان کان به ٻه ڏينھن اڳ 20 مارچ تي سنڌ ثقافت کاتي جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ خادم سومري پاران سورھيه بادشاھه شھيد پير صبغت الله شاھه راشديءَ جي ورسيءَ تي ڪوٺايل پروگرام ۾ ته شريڪ ماڻھن جو انگ اڃان گھٽ ھو ـ پنجاھه سٺ ماڻھن جي گنجائش واري ان ھال ۾ 25 کان وڌيڪ سنڌي سڄڻ ڪونه ھئا ـ جنھن شخص انگريزن سان جنگ جوٽي ۽ ڌرتيءَ لاءِ سُوريءَ تي چڙھڻ قبوليو، تنھن جي ورسي ايئن پنجويھن ماڻھن جي ميڙاڪي سان ملھائي وئي ۽ ساڳيو حال فبروريءَ ۾ سنڌ جي ھڪ ٻي عظيم ھستي حشو ڪيولراماڻيءَ جي ورسيءَ جو ھو جو ساڳئي ھال ۾ ويٺلن مان اسٽيج تي ويھڻ لاءِ ڪوٺيو ويو ته پوئتي ٻُڌڻ وارا ڪي چند وڃي بچيا ـ
مون پھرين جنوري 1976 کان وٺي ھيل تائين زندگيءَ جو سمورو عرصو ڪراچيءَ ۾ گھاريو آھي ـ مون ھتي آمر جنرل ضياءَ جي زماني وارو گھُٽ ۽ ٻُوسٽ جو ماحول به ڏٺو، جنھن ۾ ڪن سنڌي فردن توڙي تنظيمن پاران اسٽيج ڊراما، راڳ رھاڻ ۽ اھڙا ٻيا ثقافتي پروگرام آرٽس ڪائونسل، ابراھيم علي ڀائي آڊيٽوريم، آدمجي آڊيٽوريم، ٿياسافيڪل ھال ۽ ٻين ھنڌن تي ڪوٺايا ويندا ھئا، جن ۾ تمام وڏي تعداد ۾ سنڌين جي شرڪت ھوندي ھئي، پر وقت گذرڻ سان گڏ انھن پروگرامن جو انگ به گھٽجي ويو ته انھن ۾ شريڪ ٿيندڙن جو تعداد ان کان به گھڻو ڪري پيو ـ قومن جو حوصلو ۽ روحاني سگھه وڌائڻ لاءِ ثقافتي سرگرميون وڏو ڪردار ادا ڪنديون آھن، پر اسان سنڌي پنھنجا حوصلا ۽ ھمت وڃائي پستيءَ جي اونھائين ۾ غرق ٿيندا پيا وڃون ـ پنھنجو شھر ھوندي اسان گھر کان ٻاھر ايئن نڪرون ٿا ڄڻ اسان ختم ٿيندڙ پارسي برادريءَ جا فرد ھجون ـ پنھنجي ڌرتي، پنھنجي شھر جي مالڪي ڪرڻ جو نه ئي ڪو احساس آھي اسان منجھه ۽ نه ئي حوصلو ـ

جڏھن حيدر منزل اڃان وڪرو ڪونہ ٿي ھئي ۽ اُتي پلازا جي اڏاوت لاءِ بُلڊوزر ڪونہ ھليا ھئا، تڏھن اُتي سيد جلال حيدر شاھه جي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ پاران دعوت تي آءِ بي اَي جي پروفيسر ڊاڪٽر ھما بقائيءَ ڪراچيءَ جي آباديءَ جي بدلجندڙ صورتحال تي پريزينٽيشن ڏني ھئي، جنھن ۾ کيس ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن جي وڌندڙ تعداد ۽ شھر جي آباديءَ ۾ اردو ڳالھائيندڙ آباديءَ جي گھٽجندڙ تناسب تي ڳڻتي ھئي ـ وٽس ڪراچيءَ جي موجوده آباديءَ جا ڪي به مستند انگ اکر ڪونه ھئا پر ھن ڌُڪا ھڻي ڪراچيءَ جي آبادي سوا ٻن ڪروڙن تائين پھچائي ھڪ پاسي دعوى ڪئي ته ھيءُ شھر اردو ڳالھائيندڙن جو آھي ۽ ٻئي پاسي ڊپ ڏيکاريو ته ايندڙ پنجويھه ٽيھه ورھين ۾ پٺاڻن جو انگ وڌي ويندو ۽ اردو آبادي گھٽجي 38 سيڪڙو وڃي مس بچندي ـ محترما ھما بقائيءَ چاليھه ورھيه اڳ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي آباديءَ جو ڪجھه سيڪڙو تناسب ھجڻ جو سرسري ذڪر ته ڪيو پر موجوده وقت سڌين جو تعداد ڪيترو آھي، ان ڳالھه کي گول ڪندي، پنھنجي مخصوص سوچ جو اظھار ڪندي پريزينٽيشن جي پڄاڻي ان جملي تي ڪئي ته “ڪراچي انھن حالتن ۾ به اردو ڳالھائيندڙن جو شھر آھي” ـ سندس خيال ۾ ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سنڌين جو واسطو اندروني سنڌ سان آھي، تنھنڪري ڪراچيءَ تي سندن مالڪيءَ کي ھوءَ مڃڻ لاءِ ذھني طور تيار ئي ڪانھي ـ
ھما بقائيءَ جھڙن ھٿ ٺوڪين دانشورن ۽ پنھنجي دماغ مان غلط سلط انگ اکر ٺاھي، نتيجا ڪڍي پاڻ کي محقق سڏائيندڙن ڪراچيءَ کي اردو ڳالھائيندڙن جو شھر ڇو سڏڻ شروع ڪيو آھي؟ سندن ذھنن ۾ اھڙي سوچ ڇو گھر ڪري وئي آھي؟ ان جا ذميوار اسان پاڻ سنڌي آھيون، جن پنھنجي ڌرتي، پنھنجي شھر جي مالڪي ڪرڻ ڇڏي ڏني آھي ـ وڏي عرصي کان اسان پاڻ سنڌ جي دل ڪراچيءَ کي ذھني طور ڌارين جو شھر ۽ خاص طور اردو ڳالھائيندڙن جو شھر سمجھڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو ـ بسن ۽ ويگنن ۾ سفر ڪندي ڀر ۾ ويٺل سنڌيءَ سان به اسان اردو ۾ ڳالھائيندا رھيا آھيون جو اسان جي خيال ۾ ڪراچيءَ اندر ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌين کانسواءِ باقي سڀ اردو ڳالھائيندڙ آھن ـ بيشڪ ورھاڱي وقت يا ان کانپوءِ مختلف مرحلن ۾ ھتان سنڌين جي ھندستان ۽ ٻين ملڪن ڏانھن لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو تعداد گھٽجي ويو ھو، پر ستر واري ڏھاڪي کان اندروني سنڌ مان نوڪرين ۽ ڪاروبار سانگي سنڌين جي ڪراچيءَ ڏانھن وڏي لڏپلاڻ ٿي آھي ـ سندن آباديءَ جي سروي ڪنھن به اداري نه ڪئي آھي پر ھاڻ ھر ھنڌ، ھر شعبي ۾، سيڪيورٽي گارڊ جي ڊيوٽي ڪندڙن کان ويندي رڪشا ۽ چنگچي توڙي پان ٻيڙيءَ جي ڪئبنن ھلائيندڙن تائين سنڌي نظر اچن ٿا ـ ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ سنڌين جا اڻ ڳڻت ڳوٺ آباد ٿي ويا آھن جيڪي چونڊن واري سياست ۾ به پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا ـ پر الائي ڇو ايتري وڏي تعداد ۾ ھوندي به اھي پنھنجي “ھُجڻ” يا موجودگيءَ جو احساس پنھنجي اندر ۾ توڙي سندن ھن شھر تي قبضو ڪري راڄ ڪندڙن جي ذھنن ۾ پيدا نه ڪري سگھيا آھن ـ اھو احساس شايد “شڪست پسندي” آھي جنھن کي امر جليل ان ڏينھن چئي ڏنو ته اسان کي شڪست پسندي Defeatism مان جان ڇڏائڻي پوندي ـ ھن چيو: “اسان سنڌين کي پنھنجي پروگرامن ۾ وڌ ۾ وڌ شريڪ ٿي پنھنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻو پوندو ـ پنھنجي شھر جي مالڪي ڪرڻي پوندي ـ” ڪراچي اسان جي آھي، ۽ وقت ويو ڪونھي، بس ضرورت ھن ڳالھه جي آھي ته لٽا لاھڻ کان اڳ ئي ٻُڏڻ جو ڊپ پنھنجي ذھنن مان ڪڍڻو پوندو ـ
_________________
دل جي تھخاني مان لفظ سائين امداد حسينيءِ جي ھڪ نظم مان ورتل آھن، جيڪو ھن لڇمڻ ڪومل لاءِ لکيو ھو ۽ سندس جنم ڏينھن واري پروگرام ۾ پڙھيو ـ جيئن ته امر جليل پنھنجي دل کولي اندر جون ڳالھيون ڪيون، تيئن مون به ھي اکي لکيا آھن، تنھنڪري ھن آرٽيڪل جو عنوان به مون ان مناسبت سان رکيو آھي