آڳاٽي سنڌ جي سرحدي علائقي ڪئڪان کان اڄ تائين گھوڙن جو تاريخي سفر
ڪئڪان آڳاٽي سنڌ جو سرحدي شهر هو، جنهن جي گهوڙن کي ڪيڪاڻ سڏيو ويو. اڄ به انهيءَ نسل جا گهوڙا ڪيڪاڻ سڏجن ٿا. ڪيڪاڻ ٿر جي لوڪ شاعري ۾ ڳايا ويا آهن.

ٿر جا سگهڙ سياڻا چون ٿا ته مڙس ۽ گهوڙي جو ڀاڳ ڪنهن ڏٺو آهي پر مڙس ۽ گهوڙي جي هلڻي مان نسل جو پتو پوندو آهي.
گهوڙو سنڌ ۽ خاص ڪري ٿر جي ثقافت، راندين ۽ لوڪ ڏاهپ جو هڪ لازمي حصو رهيو آهي. هيءُ ليک گهوڙي جي مختلف نسلن، رنگن، چال، ۽ کيس درجي به درجي پنڌ سيکارڻ جي مقامي طريقن، ٿر جي ناميارن گهوڙي سوارن، قديم روايتن، لوڪ بيت ۽ صحرائي سياحت ۾ گهوڙي سواريءَ جي اهميت تي خوبصورت اندز ۾ روشني وجھي ٿو.
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
گهوڙو کير ڏيندڙ جانور آهي، جنهن جو بائيولاجيڪل نالو Equus Caballus آهي ۽ Equidae جي خاندان جي 8 قسمن مان هڪ آهي. گهوڙو پهرين جهنگلي جانور هو، پوءِ هن کي پالتو جانور بڻايو ويو. گهوڙو سواري ۽ بار ڍوئڻ جي ڪم ايندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ گهوڙن جي قرباني ڪئي ويندي هئي، جنهن کي ‘اشو ميڌ يگيه’ چيو ويندو هو. گهوڙي جو پسنديده کاڌو داڻو آهي. عام چوڻي آهي ته ”اُٺ کي لاڻو ۽ گهوڙي کي داڻو“. ٿر ۾ گهوڙي کي ٻاجهر جا داڻا پاهوري ۾ ڏنا ويندا آهن ۽ ڪانن جو ڪرهيون گهوڙن جي لاءِ ٺاهي رکندا آهن. گهوڙي جي لاءِ ڊامڻ گاهه آمڻ آهي. گهوڙو مرندو آهي ته ان کي دفنايو ويندو آهي. گهوڙِي جي ويامڻ کي ‘ٺهاڻ’ ڏيڻ چئبو آهي. جيڪڏهن گهوڙِيءَ ڏينهن جو ٺهاڻ ڏنو ته سٺو سنئوڻ نه سمجهيو ويندو آهي. بد سنئوڻ جو اثر گهٽائڻ جي لاءِ ڪو وڏو ڪُوڙ يا اهڙو افواهه عام ڪيو ويندو آهي جو ماڻهو حيرت ۾ هجن. گهوڙي کي پنڌ سيکارڻ جي لاءِ پهرين درجو وک ٻيو درجو ڊگ
ٽيون درجو رلو آهي. انهن ٽنهي درجن ۾ گهوڙي کي صرف چالو سيکاريو ويندو آهي. واڳ ۾ قيد نه ڪيو ويندو آهي. پوءِ هلڪو مُن، پورو من، من کان پوءِ ’وارو،‘ جنهن ۾ هلندڙ گهوڙي کي ’وارڙيو‘ گهوڙو سڏيو ويندو آهي. هن ۾ جيترو تيز گهوڙو ڀڄي سگهي اوترو تيز ڊوڙائبو آهي، واري ۾ سوار تمام گهڻو سکيو هوندو آهي. هَنو به نه هلندو آهي. مختصر ايئن چئجي ته هي متوازن چال آهي.’واري‘ کان پوءِ چوباز جو پنڌ آهي. هن پنڌ ۾ گهوڙي جي چال تمام تيز هوندي آهي، جنهن ۾ گهوڙي سوار کي تڪليف رسندي آهي. ٿر ۾ هيءَ چال ايتري پسند نه ڪئي ويندي آهي.
گهوڙي جي نر ڦر کي ’وڇيرو‘ ۽ ماديءَ کي ’وڇيري‘ چئبو آهي.گهوڙي کي پنڌ ڪچي عمر ۾ سيکاربو آهي، گهوڙو ٻن سالن جو ٿيو ته گهوڙي سوار ان کي پنڌ ڏيڻ شروع ڪندو آهي، ڇهه مهينن کان ٻن سالن تائين گهوڙو تيار ٿي ويندو آهي. پنجن سالن جي عمر کان پوءِ گهوڙي کي سيکارڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. وڌ ۾ وڌ ڊُگ سکي سگهندو آهي. گهوڙي سوار گهوڙي کي سيکارڻ جي لاءِ گهوڙي جا پير، سينو وغيره نهاريندو آهي ته ڪٿي پير ۾ ڦڏو نه آهي؟ گهوڙي جو سينو ويڪرو يا سنهو؟ سوارن موجب گهوڙي جي ڪنڌ جا وار به گهاٽا نه هجن، پير ۾ گهوڙو گڏهه کر به نه هجي. گهوڙي کي سيکارڻ دوران جيڪڏهن گهوڙي جا پير ريشو ڪري ويا ته پوءِ لوڪ ڏاهپ تحت علاج طور پيرن تي تيل ۾ لوڻ ۽ هئيڊ وجهي گرم ڪري پها رکندا آهن.
ٿر جا سگهڙ سياڻا چون ٿا ته مڙس ۽ گهوڙي جو ڀاڳ ڪنهن ڏٺو آهي پر مڙس ۽ گهوڙي جي هلڻيءَ مان نسل جو پتو پوندو آهي. گهوڙي جي مشهور نسلن ۾ هي نسل شامل آهن.1، ڪاٺياواڙي نسل؛ هن کي ڪڇي نسل به چوندا آهن هن جو ڪنڌ سنهو، ڪن ڪيٽا به ائين ، ڪن تي ڪن چڙهيل، ڪاٺياواڙي نسل جو گهوڙو ٽپڻ جو ڀلو آهي، سپوٽ گهوڙو ڪوٽ ٽپي ويندو. هلڻ جو گهٽ، سراڙي جو ڀلو 2. عربي نسل؛ قد جو وڏو پير جو ڏاٻورو به پورو ، سينو ويڪرو. عربي نسل جو گهوڙو سراڙي جو ڀلو آهي. عربي گهوڙن جي نسل ۾ هڪ قسم ڏورڙي گهوڙي جو به آهي. چيو وڃي ٿو ته عربي نسل جا گهوڙا بنيادي طور تي سنڌي نسل جا آهن. آڳاٽي زماني ۾ عربن هتان جا گهوڙا عربستان موڪليا، اتي جي ماحول ۾ پليل گهوڙا عربي نسل طور مشهور ٿيا 3.سنڌي نسل؛ قد جو پورو، سينو ويڪرو، ڪنڌ پورو، ڪن ڇوٽا پر سڌا هوندا آهن، پڇ ڊگهو ، پير جو ڳاريو سنهڙو، پٺ جي پڇاڙي سنهڙي، ميلن ملاکڙي جي ڪم جو آهي، سنڌي گهوڙي جو هڪ قسم ’تارو گهوڙو‘ به آهي. 4. کارائي نسل ؛ هي بنيادي طور تي سنڌي گهوڙي جو هي قسم آهي. ڪنڌ ڇوٽو، قد ڇوٽو 5. مارواڙي نسل؛ 6. اسپتي ڪشميري نسل جو گهوڙو قد جو ڇوٽو، ڪن ڇوٽا سڌا 7. سامونڊي گهوڙي 8. عراقي نسل؛ 9. ترڪي نسل 10. تازي نسل 11. زهري نسل 12. ڪيڪاڻ نسل، آڳاٽي سنڌ جو ڪئڪان سرحدي شهر هو، جنهن جي گهوڙن کي ڪيڪاڻ سڏيو ويو. اڄ به انهي نسل جا گهوڙا ڪيڪاڻ سڏجن ٿا. ڪيڪاڻ ٿر جي لوڪ شاعري ۾ ڳايا ويا آهن. ڪوي بانڪيداس ڍاٽ جي گهوڙن جو نسل ڳايو آهي؛
ڪي ايران، عراق، ڪي ڪيسُون ڪيچ مڪران،
کيت ترنگان ڍاٽ جم، وانڪا ڍاٽ وکاڻ.
(ايران، عراق ۽ ڪيچ مڪران جا گهوڙا ڍاٽي گهوڙن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، ڍاٽ سٺن گهوڙن جي ٻني آهي، جن جي ڍاٽي ونڪا واکاڻ ڪن ٿا)
گهوڙي جا رنگ به پنهنجي ڌار حيثيت رکن ٿا، ڳاڙهو ڪميت، ڪارو ڪميت سرخو، سرخو گهڻو اڇو هوندو آهي. ڪي ڪي وار ساوا هوندا آهن. ڪبوتر گهڻو اڇو، هلڪا ڳاڙهيسرا وار، مڪڙو پيلو، سنجاپ يا ابلک اڌ اڇو ۽ اڌ مٿي وري ڪارا پٽا هوندا آهن، بور ڀوري رنگ مان شور نه ويندو آهي، هلندي وڙهي به پوندو آهي. جي هلي پيو ته پوءِ بور جو مقابلو ئي نه آهي. گهوڙي سواري جا ماهر سنجاپ کي ڪپوٽ گهوڙن ۾ شامل ڪن ٿا. ٿر ۾ ڪي اهڙا لوڪ ڏاها رهيا آهن، جيڪي گهوڙيءَ کي گهوڙو ڏسڻ وقت پنهنجي ڏاهپ سان هٿرادو طريقي سان پسند وارو رنگ ٻج ۾ رکندا آهن. ’واگهي جي ويري جو شوڪت نهڙيو، ڳوٺ يوسفاڻي جو هارون لنجو ٻج رکڻ جي لوڪ ڏاهپ جا مشهور رهيا آهن‘.
گهوڙي جي واڳ سمجهڻ ۽ سنڀالڻ وڏي ڏاهپ آهي. گهوڙي سواري ننڍپڻ ۾ لکي ويندي آهي. ڀلي نسل جي گهوڙي تي سواري هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. لوڪ ڏاهپ جي ڪوي چيو آهي ته ؛
پڙهڻ ترڻ تير هڻڻ، چوٿي سواري،
ننڍي هوندي نه سکيو، وڏي هوندي خواري،
_
پاتر پهرڻ، ڀل چڙهڻ، ڀوم تريان اتم ڪل،
لالچ ڪيڻي نه لڀڻا، ڍولا لکيا لاڀيا ول،
(اي ڍولا! نازڪ نفيس ڪپڙا پهرڻ ۽ چڙهي جي لاءِ ڀليون گهوڙيون جن جو بڻ روءِ زمين تي بڻن ۾ اتم آهي، اهي سڀ لالچ ڪندي نه ملن ، پر هي ته لکئي جو نصيب آهن)
گهوڙو تڪليف ۾ مالڪ کي ساٿ ڏيندو آهي. گهوڙو ڪو خطرو محسوس ڪندو آهي ته ٻنهين پيرن جي کرن سان زمين کرڙڻ سان گڏ ڪن ڪيٽا ڪري هڻڪ ڪندو آهي، جنهن کي زيلون هڻڻ چئبو آهي. ٿر کي مدد خان جي گهوڙن لٽيو هو. ٻيا به ڪيترائي گهوڙي سوار ٿي ٿر کي لٽڻ آيا، ان ڪري اڄ به ٿر جي ڳوٺاڻن جي ڏيل ۾ ڪنهن آفت جي رڦڻي ٿيندي آهي، تڏهن رڙ ‘گهوڙا ڙي گهوڙا’ سان نڪرندي آهي. گهوڙو شاهي سواري آهي. جنگ جي ميدان ۾ سورمن گهوڙن تي چڙهي ويڙهه ڏني آهي. لطيف سائين چيو آهي ته:
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
ٿر ۾ گهوڙا ٻي چوپائي مال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن پر پوءِ به هر ڳوٺ ۾ ٻه چار اهڙا گهر هوندا هئا جن جي اڳيان گهوڙو ٻڌل هوندو هو. پارڪر ۾ اڃان گهوڙي ڌارڻ جو رواج ٿر جي ٻين ڀاڱن کان وڌيڪ آهي. ٿر ۾ گهوڙن جا شوقين ۽ خفتي موجود آهن.جيڪي گهوڙن کي پنڌ سيکاريندا آهن.ميلن ملاکڙا ۾ گهمائيندا آهن. ٿر جي نامور گهوڙيسوارن ۾ سيد جڙيل شاهه، بابو شيخ، شوڪت حسين جنجهي، محمد يعقوب جکرو، محمد جکرو، مير خان نهڙي، خان محمد نهڙي، محسن درس، جيئندو خان رند، انور علي سنهڙو، شمس دين جکرو، خميسو خان سميجو، مجنون نهڙي، پيرو مڱڻهار، عثمان مڱڻهار، عبدالله سميجو، حسن خاصخيلي، گهرام کوسو، دلاور کوسو، سگرام مينگهواڙ، منٺار فقير، گلاب ڀيل، چترو مل، ارباب لنجو، سومر لنجو، صديق ساند، دادو ساند ۽ ٻيا گهوڙي سوار مشهور آهن. ارباب امير حسن جي فرزند ارباب امان الله، ارباب انعام الله، مٺي جي ڀڳت ماتورام، ٻگهار جي انور هنڱورجي، کاروڙي جي سيد نور علي شاهه ۽ علي مردان شاهه جا گهوڙا مشهور رهيا آهن. صالح جنجهي جي شوڪت جنجهي جي گهوڙي جي نامياچاري پوري سنڌ ۾ رهي آهي. سيد قابل شاهه جي گهوڙي سواري قابل ذڪر رهي آهي. سندس فرزند سيد دين محمد شاهه به نامور گهوڙي سوار هو. سيد جڙيل شاهه ۽ سيد دين محمد شاهه گهوڙي سواري دوران گهوڙي تان ڪريا ۽ ٽنگ ڀڃائي ويٺا. ٿر جا گهوڙا ميلن ۾ وکون وڌائي وارڙيا هلي ويرچڙهن ٿا.’ ٿرجي لوڪ ڏاهپ کي همٿائڻ گهرجي. سياحت جي حوالي سان ريگستان ۾ گهوڙي سواري سياحن جي دل ڇڪي سگهي ٿي. دنيا جي صحرائن ۾ گهوڙي سواري سياحت جي اهم سرگرمي آهي.
__________

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



