Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

اجرڪ جي نمبر پليٽ تي اعتراض ڇو؟

سنڌ حڪومت صوبي ۾ بدامني ءَکي روڪڻ لاءِ ھڪ نمبر پليٽ متعارف ڪرائي آھي جنھن تي اجرڪ جي پٽي لڳل آھي جنھن تي روشني پوڻ سان ھو رات ۾ بہ چمڪي ٿي  

ماجد مقصود

سنڌ حڪومت صوبي ۾ بدامني ءَکي روڪڻ لاءِ ھڪ نمبر پليٽ متعارف ڪرائي آھي جنھن تي اجرڪ جي پٽي لڳل آھي جنھن تي روشني پوڻ سان ھو رات ۾ بہ چمڪي ٿي ۽ سي سي ٽي وي جي ڪيمرائن ۾ آساني سان اچي ٿي ۽ اُن موٽر سائيڪل يا ڪار جي سڃاڻپ ٿي وڃي ٿي. سنڌ سرڪار جو موقف آھي تہ پراڻيون نمبر پليٽون سي سي ٽي وي ڪئمرائن ۾ نٿيون اچن انڪري اڪثر واردات ڪندڙ فرار ٿي ويندا آھن.

سنڌ ۾ ھن وقت پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت آھي ۽ ان کي اھو تہ اختيار آھي تہ ھو ڪھڙا فيصلا ڪري ۽ ان تي ھر ماڻھوءَ کي اعتراض ڪرڻ جو بہ حق آھي تہ ھو حڪومت جي پاليسيءَ تي تنقيد ڪري سگھي ٿو. مان پاڻ اڪثر حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندو رھندو آھيان ۽ اھو ئي جھموريت جو حُسن آھي مگر افسوس تہ سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالھائيندڙن جو ووٽ وٺڻ ۽ سياست ڪرڻ لاءِ ڪي زھريلو ذھن رکندڙ ھٿ ٺوڪيا اڳواڻ ۽ سندن ڪي پوئلڳ  پيپلزپارٽيءَ جي ڪاوڙ سنڌ ڌرتيءَ سان نفرت ڪري ڪڍندا آھن. ايم ڪيو ايم حقيقيءَ (جيڪا اصل ۾ غير حقيقي آھي) جو اڳواڻ آفاق احمد تہ سنڌي اجرڪ تي تنقيد ڪندي چوي ٿو سنڌي اجرڪ اسان جي ثقافت ناھي انڪري اسين سنڌي اجرڪ واري پليٽ نہ لڳائيندا سين. ان کان سواءِ ڪراچيءَ جي مخصوص طبقي اھو چوڻ شروع ڪيو آھي تہ پيپلزپاٽي سنڌين جي پارٽي آھي انڪري اھي اھڙا فيصلا ٿي ڪري، مگر حقيقت اھا آھي تہ پيپلزپارٽيءَ جو وجود ئي لاھور ۾ پيو ۽ اڄ بہ مرڪزي باڊي ۾ پنجاب جا تمام گهڻا ماڻھو آھن ۽ ان کان سواءِ ٻين صوبن جا پڻ آھن. ان کان سواءِ جڏھن بہ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت آئي آھي تہ گھڻائيءَ ۾ وزيرن جو تعداد پڻ پنجاب جو ھوندو آھي. پيپلزپارٽيءَ کي نيشنل پارٽي تہ چئي سگھجي ٿو، ان کي سنڌين جي پارٽي چئي سنڌ ڌرتي جي ثقافت تي چٿر ڪرڻ ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نٿي ڪري سگھجي. سنڌ ۾ بہ پيپلزپارٽيءَ جي ووٽرن کان وڌيڪ مخالفت ڪندڙ آھن ۽ اُھي پڻ پيپلزپارٽي جي حڪومت مان خوش ناھن مگر اُھي تہ ڌرتي سان  جڙيا ويٺا آھن، مگر خبر ناھي ھنن ماڻھن کي ڪھڙي غلط فھمي آھي.  

سوشل ميڊيا تي اجرڪ پليٽ جي آڙ ۾ سنڌ بابت اھڙيون بي تڪيون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن جنھن جو ڪو دليل ناھي. اسان جي اردو ڳالھائيندڙ ڀائرن کي ڪا بلوچستان سان دلچسپي ناھي مگر سنڌ دشمنيءَ ۾ ھو چون ٿا تہ ڪراچي ڪڏھن سنڌ جو حصو ئي نہ رھي آھي، ڪراچي بلوچستان جو حصو آھي. مگر ھو تاريخ کولي پڙھن ئي نٿا. گھڻو پوئتي بہ نٿا وڃون رڳو 17 صديءَ ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ پورو سُر سامونڊي ڪراچيءَ جي سمنڊ تي لکيو آھي ۽ پاڪستان کان اڳ بہ ڪراچي کي ٺاھڻ ۾ رڳو ھندو سنڌين ۽ جي ايم سيد جو ڪردار پڙھي وٺن تڌھن بہ انھن کي ڳالھ سمجھ ۾ اچي وڃي مگر ھو مسلسل پنھنجي عوام کي بيوقوف ٺاھين ٿا.

مون ھڪ اردو ڳالھائيندڙکي سوشل ميڊيا تي اھڙي سوال جو جواب ڏيندي چيو تہ تاريخ ٻڌائي ٿي تہ سنڌ تہ ڪشمير تائين ھئي ۽ اڄ اگر سنڌ وارا چون تہ ملتان سنڌ جو حصو آھي تہ ڇا ملتان سنڌ کي ملي ويندو. اسٽيٽ جو تصور تہ  17 صدي جو آھي ۽ تڏھن کان سنڌ ھڪ آزاد ۽ ڪنھن وقت انگريزن جي قبضي ۾ رھيو آھي مگر سنڌ ھميشہ پنھنجي آزاديءَ جي جنگ ۾ رھي آھي ۽ پنھنجي وجود جي حفاظت ڪئي اٿس. 

ھنن ماڻھن کي تہ سنڌ سڀ ڪجھ ڏنو آھي، اڪثر ڪراچي جھڙي بھترين شھر ۾ رھن ٿا، ٻين قومن کان وڌيڪ سکيا ستابا آھن مگر پوءِ بہ انھن کي سنڌ سان نفرت سمجھ کان ٻاھر آھي. سوشل ميڊيا تي اڪثر سنڌي آفيسرن ۽ پوليس وارن جون تصويرون لڳائي لکندا آھن  تہ ڪراچي  غير مقامي ماڻھن جي قبضي ۾ آھي. ھي عجيب قسم جي نفرت آھي، جيڪڏھن ڪو ماڻھو لاڙڪاڻي، خيرپور، ميرپورخاص کان پنھنجي گاديءَ واري شھر ۾ وڃي ٿو  تہ اُھو غير مقامي آھي، مگر جيڪو انڊيا، ڪشمير، مانسھرہ، فيصل آباد، لاھور، پشاور ، مردان ۽ افغانستان مان اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿين، انھن کي ڪير بہ غير مقامي ماڻھو نٿو چوي .  

ھاڻي سنڌ ۾ رھندڙ اردوڳالھائيندڙ  ڪافي ماڻھن کي تہ ڳالھ سمجھ اچي وئي آھي مگر مخصوص سوچ ۽ تعصبي ذھن  وارا ماڻھو سنڌ کي پنھنجي ڌرتي نٿا سمجھن، ھو پاڻ کي مھاجر ٿا سمجھن ۽ آمريڪا ۽ دنيا جي ملڪن ۾ ھو وري پاڻ کي مسلمان، يا انھن ملڪن جي نيشنلٽي سڏرائيندا آھن مگر 78 سالن کان سنڌ ۾ رھي ھو پاڻ کي مھاجر ٿا سڏرائين . ھو پاڻ بہ ايترا ڪنفيوزڊ آھن جو باني ايم ڪيو ايم لنڊن ۾ پريس ڪانفرس ڪندي چيو اڄ کان پوءِ اسين مھاجر ناھيون ۽ اسين اردو اسپيڪنگ سنڌي آھيون مگر خبر ناھي اڄ بہ جيڪي ماڻھو الطاف حسين کي پنھنجي قوم جو ابو سمجھن ٿا اُھي بہ پاڻ کي مھاجر ٿا سڏرائين. اسان سنڌ واسين کي انھن کي مھاجر سڏرائڻ تي ڪو اعتراض ناھي مگر انھي سڃاڻپ سڀ کان وڌيڪ نقصان بہ مھاجرن جو ڪيو آھي، جنھن جو اعتراف ملڪ جي نامور رائيٽر انور مقصود پڻ ڪيو آھي، جيڪو پاڻ مھاجر آھي.  

سنڌ ۾ الاھي ڪيتريون قومون  آيون اُھي سنڌي ٿي ويون آھن، سنڌ ۾ آيل سيد پڻ ٻاھر جا آيل آھن پر انھن پاڻ کي سنڌي تسليم ڪرايو. سنڌ جي وڏي ۾ وڏي سنڌي قومپرست ليڊر سائين جي ايم سيد جا وڏا بہ ٻاھران آيل ھئا. ان کانسواءِ بلوچ جيڪي سنڌ  ۾ آيا آھن اُھي پڻ سنڌ جي ثقافت سان رچي ويا آھن مگر انڊيا مان آيل 78 سالن کان سنڌ ۾ مھاجر آھن جيڪو پڻ ھڪ وڏو لطيفو آھي. مھاجر ڪنھن بہ انٽرنيشنل ڪورٽ ۽ قانون ۾ قوم ثابت ٿي نٿي سگھي ۽ ڪنھن ماڻھو وٽ ڪو اھڙو دليل بہ ناھي جيڪو ثابت ڪري سگھي تہ دنيا ۾ مھاجر ڪڏھن قوم رھي آھي، دنيا ۾ مھاجر تہ ھميشہ ڪيمپن ۾ رھيا آھن ۽ يو اين جي مطابق مھاجر اُھي ھوندا آھن جيڪي ڪن حالتن کان تنگ ٿي ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ اچي پناھ وٺن مگر ھي اسان جا دوست چون ٿا اسين مھاجر آھيون. اگر ھي سنڌين سان ضم ٿي وڃن ھا، ھي بہ صوبي جا وزيراعلي ۽ ٻين اھم پوزيشنن تي ھجن ھا ۽ سنڌ ۾ مھاجر ۽ سنڌي وارو فرق ئي ختم ٿي وڃي ھا. بھرحال ھاڻي ڪافي اردو ڳالھائيندڙ ماڻھن پنھنجو پاڻکي سنڌي بہ سڏرائڻ شروع ڪيو آھي. بھرحال اميد ڪجي ٿي اردو ڳالھائيندڙ ڀائرن کي اھا ڳالھ سمجھ اچي ويندي تہ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ ۾ فرق آھي ۽ پيپلزپارٽي جي دشمنيءَ ۾ ھو سنڌ جي ڪلچر تي چٿر ڪرڻ کان پاسو ڪن.

_____________

ليکڪ سنڌ جي شھر ميرپورخاص ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

  1. مهاجرن کي سنڌي ماڻهن ئي ڳاٽي تي چاڙهيو آهي…
    اترادي ماڻهو ويڙها آهن ته اُتي مهاجر سڌا آهن. اردو ميڊيم صفا نه برابر آهي. باقي جيڪي سادا ماڻهو آهن انهن کي پيا ٿا ڀڀڪيون ڏين.

  2. مسئلي جي سولي ۽ سلجھيل سمجھاڻي ۽ بھتر ڇنڊ ڇاڻ

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button