Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوِندر

سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي گُونج“ سيپٽمبر ۾ سئنيمائن ۾ ڏيکاري ويندي

آڪٽوبر مھيني ۾ لنڊن ۾ پاڪستاني فلمن جي فيسٽيول ۾ بہ ”سنڌوءَ جي گونج“ جو پريميئر ٿيندو. 28 ورھين کانپوءِ ھيءَ پھرين سنڌي فلم ھوندي جيڪا سئنيمائن ۾ رليز ٿيندي

سنڌوءَ جي گُونج پھرين بين الاقوامي سنڌي فلم آھي جيڪا ڏکڻ ڪوريا ۽ بنگلاديش جي فني سھڪار سان تيار ڪئي وئي آھي  

ڪراچي

سنڌي فيچر فلم ”سنڌوءَ جي گونج“ ھڪ ڊگھي انتظار کانپوءِ ھتي سئنيمائن ۾ رليز ڪرڻ جو مرحلو اچي ويو آھي.

سنڌوءَ جي گونج 12 سيپٽمبر تي سئنيما ۾ رليز ڪئي ويندي،“ فلمساز ۽ ھدايتڪار راھُل اعجاز انگريزي ڊان اخبار ۾ شائع ٿيل خبر جو حوالو ڏيندي اھڙي پڌرائي ڪندي چيو آھي تہ ٻي خُوشيءَ جي ڳالھ ھيءَ آھي تہ سنڌوءَ جي گونج Indus Echoes ايندڙ آڪٽوبر مھيني ۾ لنڊن پاڪستاني فلم فيسٽيول ۾ بہ ڏيکاري ويندي. ھُن چيو تہ ھڪ ٽيون اعلان بہ ھُو جلد ئي ڪندو.

انگريزي اخبار ڊان لنڊن واري فلم فيسٽيول جي حوالي سان خبر شائع ڪئي آھي تہ اھو فيسٽيول 10 کان 12 آڪٽوبر تائين جينيسز سئنيما ۽ ڪُئين ميري يونيورسٽيءَ ۾ ھلندو. ساڳي خبر ۾ چيو ويو آھي تہ فيسٽيول ۾ ڏيکارجندڙ ٻين فلمن جا تفصيل تہ اڃان ظاھر ٿيندا پر ان ڳالھ جي تصديق ٿي وئي آھي تہ سنڌي فلم سنڌوءَ جي گونج ھن سال جي فيسٽيول ۾ شامل آھي. لنڊن ۾ پاڪستاني فلمن جو فيسٽيول گذريل سال بہ ٿيو ھو.

سنڌوءَ جي گونج فلم جي حوالي سان اخبار لکي ٿي تہ 28 ورھين کانپوءِ ھيءَ پھرين سنڌي فلم آھي جيڪا 12 سيپٽمبر تي ھتي سئنيمائن ۾ رليز ٿيندي.

ھيءَ فلم ھلندڙ سال جي شروع ۾ انڊيا جي جئپور شھر ۾ ٿيل انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ بہ ڏيکاري وئي ھئي ۽ انڊيا جي مختلف شھرن مان سنڌين وڏي تعداد ۾ اچي فلم ڏٺي ھئي. ڪراچيءَ جي ھڪ سئنيما بہ ميڊيا جي لاءِ جنوريءَ ۾ ھڪ پريميئر ٿيو ھو.

واضح ھجي تہ ھيءَ پھرين انٽرنيشنل سنڌي فلم آھي جيڪا بنگلاديش ۽ ڪوريا جي سھڪار سان ٺاھي وئي آھي. ھن فلم جي شوٽنگ تہ سنڌ ۾ سنڌوءَ ۾ ڪئي وئي پر فلم جي سموري پوسٽ پراڊڪشن ڏکڻ ڪوريا ۽ بنگلاديش ۾ ٿي.

سنڌوءَ جي گونج ۾ وجدان شاھ ۽ ٻين اداڪارن ڪم ڪيو آھي. ھيءَ فلم سنڌو درياھ ۽ ان سان جُڙيل ماڻھن جي پنج ڪھاڻين تي مشتمل آھي.

انھيءَ کان اڳ راھل اعجاز جي ھڪ شارٽ فلم ”رڻ مان لنگھندڙ ريل گاڏي“ عالمي سطح تي مڃتا ماڻي چُڪي آھي. انھيءَ فلم جا آمريڪا، ترڪي، انڊيا، ميڪسيڪو، قازان (روس) ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪوٺايل عالمي فلم فيسٽيولز ۾ يارھن پريميئر ٿيا ھئا. قازان واري انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ تاھل اعجاز پاڻ بہ شريڪ ٿيو ھو.

___________

تصويرون ڊان اخبار جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button