حواسن کان حافظي تائين: يادگيريءَ جو عمل ۽ ان جا مرحلا
هي جامع مضمون انساني يادگيريءَ جي قسمن، ذهن جي حيرت انگيز گنجائش ۽ ويسر جي سببن تي روشني وجهندي، حافظي کي بهتر بڻائيندڙ عملي طريقن ۽ غذائن جو تفصيلي احوال پيش ڪري ٿو

ڊاڪٽر خادم منگي
يادگيري انسان جي اها گوناگون ذهني صلاحيت آهي، جنھن جو سڌو سئون تعلق ادراڪ سان آھي۔ يادگيري انساني دماغ جي ھڪ الڳ فيڪلٽي آھي۔ جنھنجي ذريعي معلومات کي سکي، محفوظ ڪري ۽ ضرورت پٽاندڙ استعمال ڪري، زندگيءَ جي وھنوار کي ھلائبو آھي. انسان جي شڪل شبيھ، ڏيک ويک، ھاٺي ڪاٺي، چال ڍال سڀ ظاھري صلاحيتون آھن۔ پر يادگيري انسان جي لڪيل صلاحيتن مان ھڪڙي وڏي صلاحيت آھي۔ اها انسان کي سکڻ، سمجهڻ، تجربن مان فائدو وٺڻ، گفتگو ڪرڻ ۽ روزمره جا ٻيا ڪيترائي ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. يادگيري ساٿ ڇڏي وئي تہ پوءِ سڀ ڪجھ ويو.
انسان پنھنجن تجربن مان سکي ٿو۔ نئين ڄاول ٻار کي جڏھن بک لڳي ٿي، ٿڌ يا گرمي لڳي ٿي، ڪو زخم رسي ٿو تہ ھو روئي ٿو. نتيجي ۾ کيس خوراڪ ۽ تحفظ ملي ٿو۔ ان ڪري ھو ياد ڪري ڇڏي ٿو تہ بک لڳڻ مھل يا ڪنھن ٻي تڪليف مھل روئجي۔ ايئن ئي انسان زندگيءَ جي پھرين ڏينھن کان ھڪ تہ تجربا ڪندو رھي ٿو ۽ ٻيو وري انھن تجربن کي ياد بہ ڪندو رھي ٿو، ۽ وقت اچڻ تي انھن تجربن جي روشنيءَ ۾ پنھنجي زندگيءَ جي ڪاروھنوار کي ھلائي بہ ٿو۔ انساني دماغ ھن صلاحيت کي ڪنھن خاص وقت، موقعي ۽ مھل اچڻ تائين محفوظ رکي ٿو، ۽ جيڪڏھن ساڳئي ئي صورتحال کيس ھر ڀيري پيش اچي ٿي تہ پنھنجي ھن صلاحيت کي بار بار استعمال ڪري ٿو۔ ان ڪري انسان جو ماضي، واقعن ۽ تجربن جي صورت ۾ محفوظ ٿيندو وڃي ٿو۔ ھن صلاحيت جي ڪري ئي ھڪ دفعو اڳ ڏٺل ماڻھن، شين، جاين ۽ لقائن کي وري وري سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ آسان ٿي پوندو آھي. اھو سڀ ڪجهہ يادگيريءَ جي بنياد تي آھي۔ ان ڪري يادگيريءَ جو ذهانت، فيصلا سازي ۽ مسئلا حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آھي۔ ۽ اھي سڀ صلاحيتون ملي انسان جي شخصيت کي جوڙين ۽ نکارين ٿيون۔
جيمس جوائس جي مشھور چوڻي آھي تہ
“Your mind will give back to you exactly what you put into it.”
يعني جيڪو ڪُني ۾ رڌبو، اھو ئي پاٽ ۾ پوندو۔
يادگيرين جا چار قسم آھن۔
١۔ محسوس ڪرڻ واري/حسي يادگيري/Sensory Memory۔ هيءُ يادگيريءَ جو پھريون مرحلو آهي. اها حواسن ذريعي حاصل ٿيل معلومات کي تمام ٿوري وقت لاءِ ئي سھي پر محفوظ رکي ٿي. پنج ئي حواس الڳ الڳ يادگيري جوڙين ٿا۔ ۽ انھن کي سانڍڻ ۽ بروقت استعمال ڪرڻ جو طريقو بہ الڳ الڳ اٿن۔ محسوس ڪرڻ واري يادگيريءَ جا وري مکيہ ٽي قسم آھن۔
ڏسي ياد ڪرڻ/ بصري يادگيري/Iconic Memory۔ ھيءَ يادگيري تصويرن، منظرن، پس منظرن ۽ ڏٺل وائٺل شين سان جڙندي آھي۔ مثال اوھان کنوڻ جو چمڪو ڏٺو ۽ اکيون بند ڪرڻ کان پوء بہ جهٽ پل لاءِ ئي سھي پر اوھان کي روشني محسوس ٿيندي ئي رھندي۔ ھي ڏسي ياد ڪرڻ واري مختصر يادگيري/بصري حسي يادگيري چئبي۔ ڇو جو ھن ۾ ڏسڻ واري حس استعمال ٿي آھي۔ پر اھا يادگيري ٿوري وقت لاءِ ھوندي آھي۔ ھيءَ يادگيري اڳتي ھلي گهڻي دير واري يادگيريءَ ۾ بہ منتقل ٿي ويندي آھي۔ اوھان ڪا گونگي فلم ڏٺي ھجي ۽ سالن کانپوءِ بہ ان جي ڪھاڻي ٻين کي ٻڌايو تہ ھي ڏٺل وائٺل يادگيري چئبي۔
ٻڌي ياد ڪرڻ/سمعي يادگيري/Echoic Memory۔ ھي ڪنن ذريعي ٻڌل آوازن ۽ ٻڌل ڳالھين جي يادگيري آھي۔ مثالطور اوھان وڏي آواز ۾ موسيقي ٻڌي ۽ پوء اھا بند ٿي وئي، پر ڪنن ۾ اوھانکي ان ساڳئي ئي موسيقيء جا آواز بند ٿيڻ کانپوء بہ ٻرندا رھن ھي سمعي يادگيري آھي۔ مثال اوھان ڪو فلمي گانو پھريون دفعو ٻڌو ۽ پھرين دفعي ٻڌڻ کانپوءِ ئي پاڻ ھرتو ۽ ھوبھو اھڙو ئي ڳائڻ شروع ڪيو تہ ان کي بہ ٻڌڻ واري يادگيري ئي چئبو آھي۔ اوھان پکین کي سندن لاتين سان سڃاڻيندا آھيو۔ ڪويل وڻ ۾ ڏسندا ناھيو پر ڪوڪ ٻڌي سمجهي ويندا آھيو تہ ھيءَ ڪويل جي ڪوڪ آھي۔ ھي سڀ ڪنن ذريعي ٻڌل آواز آھن جيڪي اوھان پھريان مختصر مدت لاء ۽ پوء گهڻي مدت تائين ياد رکو ٿا۔
ڇھي ياد ڪرڻ/لمسي يادگيري/Haptic Memory۔ ھيءَ ڇھاءَ ۽ لمس جي احساسن جي يادگيري آھي۔ مثالطور ڪنھن گرم ٿانو کي ھٿ لڳي وڃي تہ پوءِ ٿوري دير ھٿ، ان جي گرميءَ کي محسوس ڪندو ئي رھي ٿو۔ ڇو تہ ھٿ جون nerve endings تحرڪ ۾ اچي ويون۔ جيستائين وڃي ماٺيون ٿين تيستائين اوھان وٽ ان گرميءَ جو احساس ھوندو۔ پر جيڪڏھن گهڻي دير تائين، يا بار بار ساڳيو ئي لمس محسوس ٿيندو رھي تہ دماغ ان ياد کي گهڻي وقت لاءِ بہ محفوظ ڪري سگهي ٿو۔ ۽ پوءِ اوھان ٻڌو ھوندو تہ گرم کير جو سڙيل، ڇاڇ/گج بہ ڦوڪي ڪري پيئندو آھي۔ اھو ان ڪري آھي جو کير جي مٿان آيل گج بہ ان ئي کير جي پيداوار آھي۔ ۽ ان جو رنگ بہ ساڳيو آھي۔ لمسي حس کي بار بار استعمال ڪرڻ سان انکي مضبوط ڪري سگهجي ٿو۔ جیئن نابين فقير ڇھي ڇھي ھڪ دفعو جيڪڏھن ھڪ روپئي وار سڪو سڃاڻي ويو تہ پوءِ اڳتي ھلي اوھانکي پاڻ ئي ٻڌائيندو تہ ھي ھڪ روپئي جو سڪو آھي۔
سنگهڻ ۽ چکڻ واري حسي يادگيري بہ ايئن ئي آھي۔ گلاب ۽ رابيل جي گل کي اوھان اکيون ٻوٽي ان جي خوشبو سان سڃاڻي ويندا آھيو۔ انسان جي ڀيٽ ۾ ٻين جانورن جي سنگهڻ جي صلاحيت ۽ يادگيري وڌيڪ آھي۔ اوھان کاڌن جا ذائقا سڃاڻي ويندا آھيو۔ شڪارپوري کٽاڻ جو ذائقو لکن ۾ پڌرو۔ امڙ جي ھٿ جا ٺاھيل ٻٽالن وارا اڦراٽا يا بسريون لکن ۾ پڌريون، لالي پٺاڻ جي چانھن جو چسڪو جنھن کي لڳو بس پوءِ ٻئي جي چانھن نہ پیئندو۔
٢. مختصر مدت لاءِ ڪيل يادگيري اهڙي يادگيري آهي، جيڪا معلومات کي ٿوري وقت لاءِ محفوظ رکي ٿي. ان کي تازي يا ويجھڙائيءَ واري يادگيري بہ چئبو آھي۔ مثال طور ڪنھن کان پڇو تہ اڄ صبح نيرن ۾ ڇا کاڌو اٿئي؟ جيڪڏھن ٻڌائي وڃي تہ سمجهو تہ کیس تازیون ڳالھيون ياد آھن۔ ايئن ئي ڪجهہ لمحن لاءِ فون نمبر ياد رکي سگهجي ٿو جيڪو بعد ۾ وري وسري بہ ويندو آھي. ذهن ۾ حساب ڪرڻ/زباني حساب وارو عمل ٿوري دير تہ ياد رھندو آھي پر پوءِ وري وسري ويندو آھي، ٿوري دير لاءِ رستو بہ ايئن ئي ياد رھندو آھي۔
٣. ڪم ڪندڙ يادگيري بہ مختصر مدت واري يادگيريءَ جي ٿوري وڌيڪ سڌريل ۽ سرگرم شڪل آهي، جيڪا معلومات کي عارضي طور محفوظ ڪرڻ سان گڏ ان تي ڪم بہ ڪندي رھندي آهي. جیئن مسئلا حل ڪرڻ، ٻوليءَ کي سمجهڻ، دليل ۽ سوچ ويچار ڪرڻ مثال رياضيءَ جو سوال حل ڪندي اڳين مرحلن کي ذهن ۾ رکڻ. جيئن سائيڪل وارو پنڪچر ڳنڍيندو آھي ۽ کيس خبر ھوندي آھي ڪھڙي مرحلي کانپوءِ ڪھڙو مرحلو ايندو ۽ ان لاء ڇا ڪرڻو آھي۔ جيئن ڊاڪٽر ياد ڪري ڇڏيندو آھي تہ پھريان ڇا تپاسڻو آھي ۽ پوءِ ڇا تپاسڻو آھي۔ مرحليوار ۽ ترتيب وار ٿيندڙ روزمره جا ڪم ڪاريون ايئن ئي ياد ٿي ويندا آھن۔
٤. ڊگھي مدت لاءِ ڪيل يادگيري معلومات کي ڊگهي عرصي تائين محفوظ رکي ٿي۔ جيڪا ڪلاڪن کان وٺي ياعمر تائين بہ محفوظ رهي سگهي ٿي. ھن ۾ تمام وڏي گنجائش آھي۔ ھي يادگيري مستقل ۽ پائيدار آھي۔ سموري ڄاڻ، اطلاع، علم يا مھارتون، ھن اسٽور روم ۾ جمع ٿيندا ويندا آھن۔ ھي يادگيرين جو ڄڻ تہ ڪو گودام آھي۔ جتي عڪس، واقعا، احساس، لقاءَ وغيره ھڪ ٻئي مٿان ڳوڻين وانگر سٿيا پيا ھوندا آھن۔ ھي ياگيري علم ۽ مھارتن جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ تمام ضروري آھي۔
ڊگھي مدي واري يادگيريءَ جا وري ھي قسم آھن۔
الف) شعوري يا بيانیہ يادگيري اها يادگيري آھي جنھن کي اسين شعوري طور ياد ڪري سگهون ٿا. ڳالھيون ڪندي جڏھن پنھنجي منفرد ڳالهہ ڪيون ٿا، جيڪا ٻين جي انداز کان مختلف آھي۔ دراصل اھا اسانجي بيانيہ یادگیري آھي۔ جيڪا ڳالهہ ڪيون ٿا ان جي پويان اسان جي ذھن ۾ ٺوس دليل آھن۔ جيڪي پائدار بہ آھن تہ پنھنجن ئي تجربن تي آڌاريل بہ آھن۔
ھن يادگيريءَ جا وري ٻہ قسم آھن۔
١۔ واقعاتي يادگيري ۾ ذاتي تجربن، مشاھدن ۽ واقعن جي يادگيري محفوظ ٿيل ھوندي آھي۔ جيئن ھرڪو پنھنجي آپ بيتي لکندو آھي۔ جيڪا ساڳئي ئي دؤر جو بيان ھجڻ جي باوجود بہ منفرد ھوندي آھي۔ مثالطور شاگردن کي چئبو آھي تہ اسڪول/ڪاليج جي پھرين ڏھاڙوي تي مضمون لکو۔ ھر ڪنھن جا واقعا ۽ احساس جدا جدا ھوندا آھن، ڪنھن سالگرهہ جي تقريب، ڪو شاديءَ جو واقعو، ڪو يادگار سفر يا ڪنھن وبا جو ڦھلجڻ، ھي واقعا سڀني کي ياد ھوندا آھن پر سڀني جو، بيان ڪرڻ جو انداز مختلف ٿيندو آھي۔
٢. معنوي يادگيري
ھيءَ حقيقتن، ڄاڻ ۽ معلومات جي يادگيري آھي مثالطور ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي، پاڻي ١٠٠ ڊگري سينٽي گريڊ تي اُٻري ٿو يا ٽڪنڊي جي ٽنھي ڪنڊن جو جوڙ ١٨٠ ڊگري ٿيندو آھي۔ ٻہ ۽ ٻہ چار ٿيندا آھن۔ ھھڙا جملا اوھان ھڪ ڀيرو ياد ڪيا تہ یاعمر نہ وسرندا۔ ۽ سڀ ماڻھو ھڪ دفعو ياد ڪرڻ کان پوء انھن جا جواب ساڳيا ئي ٻڌائيندا۔ سڀني جي بيان ۾ رتيءَ برابر بہ فرق نہ ھوندو۔
ب) لاشعوري يا غير بياني يادگيري
اها يادگيري جيڪا شعوري ياد ڪرڻ بدران عملن ۽ ڪارڪردگيءَ منجهان ظاهر ٿئي ان کي لاشعوري يادگيري چئبو آھي. ھن جا وري ٻہ قسم آھن۔
١. عملي يادگيري
مھارتن ۽ عادتن جي يادگيري. مثالطور سائيڪل هلائڻ، جيڪڏھن اوھان ننڍي ھوندي سکي آھي تہ ڀلي سالن جا سال نہ ھلایو پر جڏھن بہ اوھانکي موقعو ملندو تہ ھلائي ويندا۔ ھي عمل اوھان جي لاشعور ۾ محفوظ ٿيل آھي۔ ھن کي روز روز ياد ڪرڻ جي بہ ضرورت ناھي. ڪمپيوٽر جي ڪيبورڊ تي ٽائيپ ڪرڻ، گهوڙي سواري، نشان بازي يا تير اندازي ھن جا وڌيڪ مثال آھن۔ ھي عمل اوھان ھڪ ڀيرو سکي ڇڏيا تہ وري زندگيءَ ڀر نہ وسرندا ۽ جڏھن بہ اھي عمل ورجائيندا تہ تر برابر بہ تفاوت نہ ایندو۔
٢. مشروط ردِعمل يا سکيل جذباتي يا رويي وارو ردِعمل. مثالطور امتحان کان اڳ پريشاني محسوس ڪرڻ. اوھان پھريون دفعو امتحان ڏيڻ مھل بہ پریشان ٿيا ھوندا ۽ اڄ بہ جیڪڏھن وري امتحان ڏيندءُ تہ ساڳيو ئي وري پریشان ٿي ويندءُ۔ ٽريفڪ جي سگنل واري ڳاڙھي بتي ڏسي اسين پاڻمرادو بيھي رهندا آھيون يا وري ريل جي سيٽي ٻڌي پليٽفارم تان ڀڄي ريل ۾ چڙھندا آھيون۔ ھي سڀ لقاءَ اسانجي لاشعور ۾ محفوظ ٿيل آھن۔ ھنن کي ادا ڪرڻ لاءِ اسانکي ڪنھنجي چوڻ جي/حڪم ڏيڻ جي ضرورت ناھي۔ ھي پاڻ مرادو ٿي ويندا آھن۔
يادگيريءَ جو عمل ھیئن ڪم ڪري ٿو۔
يادگيري ٽن اهم مرحلن تي ٻڌل آهي:
پھريون مرحلو رمز بندي/سکڻ: ھي مرحلو معلومات کي اهڙي شڪل ۾ تبديل ڪري ٿو جيڪا دماغ ۾ محفوظ ٿي سگهي. تنتي جيو گهرڙا معلومات جي صورت تبديل ڪري، ان کي code ھڻي ياد ڪن ٿا ۽ ضرورت پوڻ تي decode ڪري ان کي پڙھي واپس موڪلن ٿا۔ مثالطور ڪنھن ماڻھو ڪڏھن جوانيءَ ۾ ڪا ڀڳل گوشت جي ديڳ، اڪيلي سر کاڌي ھئي تہ ھاٹي اھا سڄي ديڳ دماغ ۾ تہ نہ ویندي ني۔ دماغ ان ديڳ کائڻ واري عمل کي ياد ڪرڻ لاء ڪوڊ جوڙيندو ۽ ان کي ڪنھن تھ خاني ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندو۔ وري ساڳيو ھمراھ پيريءَ ۾ ڪڏھن وري پنھنجي سنگت ساٿ يا گهر ڀاتين سان پنھنجي جوانيء جا جوھر بيان ڪندو تہ دماغ اھو ڪوڊ ڪڍي، ڇنڊي ڦوڪي، ان کي ڊي ڪوڊ ڪري، وري پڙھندو ۽ ھو بھو ساڳيو ئي واقعو سربستو پيش ڪندو۔ ھاڻي اھو ان ماڻھوء تي دارومدار رکي ٿو تہ ھو ڪيترو ايماندار آھي۔ ھوبھو ساڳيو واقعو ٿو بيان ڪري يا ان ۾ ڪي مرچ مصالحا ملائي ان ۾ وڌاءُ ڪري ٿو۔ ھن جا بہ ڪجهہ قسم آھن۔
بصري رمز بندي: تصويرن جي صورت ۾ محفوظ ٿيڻ۔
سمعي رمز بندي: آوازن جي صورت ۾ محفوظ ٿيڻ۔
معنوي رمز بندي: معنيٰ ۽ مفھوم جي صورت ۾ محفوظ ٿيڻ۔
مثالطور ٻار سبق پڙهي ان کي لفظ بلفظ یاد نہ ڪندو آھي۔ پر ان جي معنيٰ ۽ مفھوم کي سمجهي محفوظ ڪندو آھي۔ ۽ وقت اچڻ تي پنھنجن لفظن ۾ بيان ڪري ويندو آھي.
ٻيو مرحلو آھي، ذخيرو ڪرڻ يا محفوظ ڪرڻ/Storage۔ ھن مرحلي ۾ رمز بندي ٿيل معلومات کي ڪنھن وقت تائين ذهن ۾ محفوظ ڪري رکڻ، اچي وڃي ٿو۔
ذخيري جا وري ٽي درجا آھن۔
*حسي ذخيرو
*مختصر مدتي ذخيرو
*طويل مدتي ذخيرو
يادگيري تي اثرانداز ٿيندڙ عنصر تمام گهڻا آھن پر ڪجهہ اھم ھتی ڏجن ٿا۔ جيئن ورجاءُ ۽ مشق، معلومات جي ترتيب، معنيٰ ۽ مفھوم کي سمجهڻ، مناسب ننڊ ۽ توجھ يا ڌيان. ھي عمل انسان جي يادگيري وڌائن ٿا۔ ڌيان بابت مشھور انگريزي چوڻي آھي تہ
Knowledge isn’t free; you have to PAY attention”— Richard Feynman
يعني علم مفت حاصل نہ ٿيندو آھي توھانکي ڌيان ڏيڻو پوندو آھي۔ جيئن چئبو آھي time is money. ھتي وري attention is money.
ٽيون مرحلو آھي ٻيھر ياد ڪرڻ ۔ معنا ذخيرو ٿيل معلومات کي ٻيھر شعور ۾ آڻڻ. ھن کي وري 3R سان ياد ڪيو ويندو آھي۔ recall, recognition ۽ relearning۔
ياد ڪري وڃڻ ۔ معنی جڏھن بہ ڪو سوال پڇجي تہ بغير اشارن جي معلومات فراھم ڪري ڏجي. جيئن امتحان ۾ سوالن جا جواب لکبا آھن۔
سڃاڻپ: اڳ ۾ سکيل معلومات کي سڃاڻڻ. مثالطور ڪنھن واقف چھري کي ڏسي سڃاڻڻ. جيئن اڻ سڃاتل/ غير واقف چور کي ھڪ دفعو ڏسجي ۽ پوء ھو غائب ٿي وڃي۔ پر ان کي اوھان وري ٻيھر ڏسي سڃاڻي وڃو۔ يا ھن جو ھليو ٻڌائيندا ويندا آھيو۔
ٻيھر سکڻ: اڳ ۾ سکيل شيءِ کي وري جلد سکڻ.
مثالطور سالن کان پوءِ ٻيھر ڪا ٻولي سکجي. ممڪن آھي ان جا ڪي لفظ وسري ويا ھجن پر پوء بہ اوھانکي ايتري ڏکيائي نہ ٿيندي جيتري پھريون دفعو ياد ڪرڻ وقت ٿي ھئي۔
علم سکڻ لاءِ learn, unlearn and relearn ھي ھڪ اھڙو چڪر آھي جيڪو انسان جي شعوري سگهہ کي وڌائي ٿو۔ انسان ڪجهہ بہ سکي ٿو پر سکڻ کانپوءِ ھو selective ٿي وڃي ٿو۔ غلط، غير پيداواري، نامناسب ۽ نقصانڪار ڄاڻ کي سمجهڻ کانپوءِ نيٺ وساري يا ميساري ڇڏي ٿو۔ جيئن ٻار پٽي/ڦرھي ميٽي ڇڏيندو آھي۔ ميساريل ڄاڻ جي جاءِ تي جيڪا جڳھہ بچي ٿي، ان کي وري درست، پيداواري، مناسب ۽ فائديمند ڄاڻ سان ڀري ڇڏيندو آھي۔
يادگيريءَ جا اهم نظريا ھي آھن۔
١۔ گهڻن مرحلن وارو نظريو/Multi-Store Model۔ هن نظريي موجب معلومات جو وهڪرو هن ريت آهي:
حسي يادگيري کان مختصر مدت واري يادگيري ۽ پوءِ طويل مدت واري يادگيري۔
ورجاءُ ھڪڙو اھڙو عمل آھي جيڪو معلومات کي مختصر مدت واري يادگيريءَ مان طويل مدت واري يادگيريءَ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
٢۔ پروسيسنگ جي سطحن وارو نظريو
هن نظريي موجب گھري سمجهہ ۽ بامعنيٰ سکيا وڌيڪ مضبوط يادگيري پيدا ڪري ٿي. مثالطور۔ رڳو رٽڻ جي ڀيٽ ۾ سمجهي سکڻ وڌيڪ اثرائتو آهي. رٽيل مضمون امتحان تائين تائين بہ مشڪل ياد پئي پر سمجهيل مضمون سڄي حياتي ياد رھندو آھي۔
يادگيريء جو ضد آھي ويسر يا وسارڻ ۔ وسارڻ مان مراد آھي ھڪ دفعو محفوظ ٿيل معلومات کي ٻيھر ياد ڪرڻ ۾ ناڪامي. وسارڻ جا سبب وري ھي آھن۔ ھڪ تہ عمر جي وڌڻ سان يا گهڻو وقت گذري وڃڻ کانپوءِ يادگيرين جو ڪمزور ٿي وڃڻ ھڪ فطري عمل آھي۔ ھن کي senile dementia چئبو آھي۔ دماغ جي ياد ڪرڻ واري صلاحيت جي بہ ھڪ capacity آھي۔ ان کان وڌيڪ ياد ڪندء تہ دماغ اڳ ۾ ياد ڪيل شين يا لقائن کي وساري delete button ھڻي پوءِ ئي ڪنھن نئين شيء يا لقاء کي ياد ڪرڻ جي گنجائش ڪڍندو۔ ان ۾ اولیت جو وڏو عمل دخل آھي۔ دماغ ۾ اھا صلاحيت پاڻ مرادو موجود آھي تہ ھو وڌيڪ اھم شين ۽ معاملن کي ياد رکندو آھي ۽ غير اھم شين کي وساريندو ويندو آھي۔ ھن معاملي ۾ دماغ auto تي رکيل آھي۔ مثالطور اوھان جا بئنڪ ۾ ڪيترا پئسا پيا آھن اھي اوھانکي ياد آھن پر گهر ۾ ڪيترا ڪتاب پيا آھن اھي اوھانکي ياد نہ ھوندا۔ ماٹھو ڏنل اوڌر ياد رکندو آھي ۽ ورتل اوڌر وساري ڇڏيندو آھي۔ انسان پنھنجي يادگيريء مان ڪنھن ناخوشگوار واقعي کي ذھن یا یادن مان ڪڍي ويسر جي ڊسٽ بن ۾ اڇلائڻ چاھيندو آھي جيئن ڪارروائيءَ منجهان ڪو جملو يا ڪا تقرير، يا تقرير جو ڪو حصو خارج ڪيو ويندو آھي۔ پر ڪڏھن ڪڏھن ايئن ڪري نہ سگهندو آھي ڇو تہ ياد جي ریشمي ڏور ڄڻ ڪنھن ڄاڱري ڪنڊي ۾ ڦاسي پوندي آھي۔ ڪا ياد اوھان جي پچر ئي نہ ڇڏيندي آھي، چچڙ وانگر چنبڙي پئي ھوندي آھي۔ ڀلي ڪيتريون بہ نیون یادون اچن پر پراٹي ياد جيئن جو تيئن سانڍيل ھوندي آھي۔ ايئن ئي ڪا يادگيري عذاب بڻجي ويندي آھي۔
“يادِ ماضي عذاب ہے یا رب!
چھین لے مجھ سے حافظہ میرا۔”
ڪي يادون اوھانجي سرشت ۾ شامل ٿي وينديون آھن، اھي انسان پاڻ سان گڏ قبر ۾ کنيون ويندو آھي۔
ڪڏھن ڪي نيون شيون ڪجهہ فردن لاءِ ايتريون ڏکيون ٿي پونديون آھن جو گهڻي ڪوشش جي باوجود بہ یاد ٿي نہ سگهنديون آھن۔ ڄيئن ڪي ٻار ڪن سبجيڪٽس ۾ ڪمزور ھوندا آھن ۽ ٻين ۾ ڀڙ ھوندا آھن۔ ان ۾ سندن طبيعت/ دماغ جي لاڙي جو وڏو عمل دخل آھي۔ autism جي بيماريء واري ٻار کي ڪجهہ شيون سيکارڻ وڏو مسئلو آھي۔ چؤمپل جو ساڄو پادر کاٻي پير ۾ پائيندو ۽ کاٻو پادر ساڄي پير ۾ پائيندو۔ ڀلي ڪيترو بہ سمجهايوس نہ سمجهندو۔ ڪجهہ ماٹھن کي چڱائي چئو يا سمجهايوس پر ان کي غصو ايندو۔ اوڏانھن ويندو ئي نہ۔
“جانتا ہوں ثوابِ طاعت و زہد،
پر طبیعت ادھر نہیں آتی۔”
زخم جو بہ عمل دخل آھي۔ اوھان پراٹن فلمن ۾ ڏٺو ھوندو تہ مٿي تي لٺ لڳڻ سان ماڻھن جي يادگيري ختم ٿي ويندي آھي۔ يادگيري واپس آڻڻ لاء وري کين ٻئي لٺ ھڻڻي پوندي آھي۔ سو دماغي زخم يا بيماريءَ جو يادگيري جي معاملي ۾ وڏو عمل دخل آھي۔ ڪڏھن ڪڏھن ڪو ذهني دٻاءُ يا ڪا پريشاني بہ یادگیريء تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي۔
يادگيريءَ سان لاڳاپيل دماغ جا ڪجهہ حصا آھن جيڪي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کان علاوه ٻين حصن سان لاڳيتو تعلق ۽ ھم آھنگيءَ ۾ رھندا آھن۔ انھن ۾ هيپوڪيمپس/ Hippocampus جي وڏي اھميت آھي۔ جيڪو نيون نيون يادگيريون ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ وري ٻئي طرف سيريبرل ڪورٽيڪس/cereberal cortex آھي۔ جيڪو اکروٽ جي شڪل جھڙو آھي۔ ۽ ڄاڻ ۽ تجربن جي ذخيرن جو مرڪز آھي۔ انساني دماغ جي ياداشت جي صلاحيت عملي طور تي لامحدود آهي. پر سائنسي ماهرن جي اندازي مطابق دماغ لڳ ڀڳ 2.5 پيٽابائيٽس/25 لک گيگابائيٽس ڊيٽا محفوظ ڪري سگهي ٿو، جنهن جو مطلب آهي تہ جيڪڏهن توهان پنهنجي يادداشت کي وڊيو رڪارڊنگ سمجهو، تہ اها لڳاتار 300 سالن تائين هلندي. bits مان bites جڙندا آھن۔ Bit/بٽ يادگيري جو ننڍي ۾ ننڍو يونٽ آھي۔ bits مان bytes جڙندا آھن۔ اٺ بٽس ملي ڪري ھڪ بائيٽ ٺاھيندا آھن۔ جدول ۾ انگ ھڪ ھزار چوويھ جي وڏي اھميت آھي۔ ھڪ ھزار چويھ بائيٽ ملي ڪري ھڪ ڪلو ڪلوبائيٽ/KB ٺاھيندا آھن۔ ھڪ ھزار چوويھ ڪلوبائيٽ ملي ڪري ھڪ ميگا بائيٽ/MB ٺاھيندا آھن ۽ ھڪ ھزار چوويھ ميگا بائيٽ ملي ھڪ گيگا بائيٽ/GB ٺاھيندا آھن۔ ھڪ ھزار چوويھ گيگا بائيٽ ملي ڪري ھڪ ٽيرا بائيٽ/TB ٺاھيندا آھن ۽ ھڪ ھزار چوويھ ٽيرا بائيٽ ملي ڪري ھڪ پيٽا بائيٽ/PB ٺاھيندا آھن۔ ۽ انسان وٽ اڍائي پيٽا بائيٽس جو memory card لڳل آھي۔ اوھان اندازو ڪيو تہ اھا chip ڪمپيوٽر جي memory card جي ڀيٽ ۾ ڪيڏي نہ وڏي آھي۔
ايمگڊالا/Amagdala ھي باداميءَ جي شڪل جھڙو دماغ جو ننڍڙو حصو آھي۔ پر وڏي ڪم جو ذرڙو آھي۔ جيڪو جذبن ۽ احساسن کي يادگيرين جي شڪل ۾ تبديل ڪري دماغ ۾ محفوظ ڪري رکي ٿو۔ مثالطور خوشيءَ جي موقعن تي پراڻيون خوشيون ورجائي ٿو يا خطري جي واقعن کي ياد رکي ٿو تہ جیئن مستقبل ۾ خطري واري صورتحال کان ٽارو ڪجي۔ ڪجهہ ماٹھن جو خيال آھي تہ بادامیون کائڻ سان يادداشت وڌي ٿي، شايد ايمگڊالا جي شڪل جي ڪري بہ متان ایئن ھجي پر يادگيري وڌي يا نہ وڌي، باداميون ضرور کائڻ کپن۔ ڪجهہ ماٹھو بادامیون خريد ڪري ايندا آھن پر الائي ڪٿي رکي ڇڏيندا آھن کين ياد ئي نہ پوندو آھي۔ چوندا آھن ارفيت ئي لھي ويو۔ (ارفيت جي معني آھي خيال، ساروڻي، سانڀر، يادگيري) سو باداميون کائن تہ یادگیري درست ٿئين ني۔ ڪجهہ ماٹھن جو صافو نہ لڀندو آھي پر پيو ڳچيءَ ۾ ھوندو اٿن۔
يادگيريءَ جون بيماريون ھي آھن۔
١. نسيان/Amnesia۔
دماغي زخم يا صدمي سبب يادگيريءَ جو مڪمل طور تي وڃائجي وڃڻ. جبل تان ڪرڻ سان، ايڪسيڊنٽ ٿيڻ سان، جھيڙي جهٽي جي ڪري مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سان۔ يا ڪنھن بيماريء جي پيچيدگيءَ جي ڪري ھي نسيان ٿي سگهي ٿو۔
“یاد تھے ہم کو بھی رنگا رنگ بزم آرائیاں،
لیکن اب نقش و نگارِ طاقِ نسیاں ہو گئے۔”
٢. ڊيمينشيا/Dementia۔
يادگيري ۽ سوچڻ جي صلاحيت جو آهستي آهستي گهٽجڻ. جيئن الزائمر Alzhemir diseaese جي بيماري جي ڪري يا Amyloidosis جي ڪري ٿيندو آھي۔ يا وري ايڊز جي بيماريء ۾ بہ یادگیري آھستي آھستي ختم ٿي ويندي آھي۔ پيريءَ ۾ ٿيندڙ ويسر کي senile dementia چئبو آھي۔ سٺ سالن جي عمر کانپوءِ دماغ سڪڙجندو ويندو آھي، جنھنکي brain atrophy چئبو آھي۔ ان ڪري دماغ جا aloquent centers/ڪم ڪار وارا سينٽر بہ آھستي آھستي پنھنجو ڪم ڇڏيندا ويندا آھن۔ نظر جي ڪمزوري، ٻوڙو ٿيڻ، چڪر اچڻ، ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ، ھاضمو ڪمزور ٿيڻ، ھٿن پيرن ۾ سيون چڀڻ، ھنن سڀني جي پويان دماغ ۽ تنتن جي ڪمزوري آھي۔ پيرسن ماڻھو، ايتري قدر جو پنھنجي گهر جو رستو بہ ڀلجي ويندو آھي۔ گهران بازار ويندو آھي ڪا ھڪڙي شيء وٺڻ،ن ۽ وٺي وري ٻئي ايندو آھي۔ گهر جي در تي بار بار ويندو آھي تہ ڏسان تہ در بند آھي ۽ تالو لڳل آھي يا نہ۔ یادگیري وڌڻ ختم ٿيندي تہ وري نوان نوان وھم، وسوسا، ويچار ۽ ڳڻتيون پيدا ٿيندا رھندا۔ ان ڪري پيريءَ ۾ خوش رھڻ، متناسب خوراڪ کائڻ، مطالعو ڪرڻ، باغباني ڪرڻ، ڪمن ڪارين جي لسٽ ٺاھڻ۔ پاڻ جيڏن سان ڪچھري ۽ کل ڀوڳ يا چرچا ڪرڻ ۽ لاڳيتي ورزش سان ئي يادگيريءَ سميت دماغ جي سمورين فيڪلٽيز کي چست رکي سگهجي ٿو۔
٣. هائپرٿائميسيا/Hyperthymesia۔
ھيءَ هڪ ناياب حالت آھي، لکن ڪروڙن مان ڪنھن ھڪ کي نصيب ٿيندي آھي۔ جنهن ۾ ماڻھو پنهنجي ماضيءَ جي واقعن کي غير معمولي تفصيل سان ياد رکي ٿو. ھھڙن ماڻھن کي تاريخ ۽ آٽوبائيوگرافي لکڻ کپي۔
يادگيري بهتر ڪرڻ جا طريقا ھي آھن۔
١۔ٽڪرن ۾ ورهائڻ (Chunking)
وڏي معلومات کي ننڍن حصن ۾ ورهائڻ.
مثالطور ٽيليفون نمبر کي ٽڪرن ۾ ياد ڪرڻ
0346-36-70-774
يا پنھنجو ئي شناختي ڪارڊ نمبر ٽڪرن ۾ ياد ڪرڻ۔
٢. يادگار اشارا
معلومات کي نشانين يا لاڳاپن ذريعي ياد رکڻ. جيئن ڪنھن نئين دوست جو نالو پنھنجي ڪنھن پراڻي رشتيدار جي نالي جي نسبت سان ياد ڪرڻ۔ ریاضيءَ ۾ ڪٽ، ضرب ۽ ونڊ کي ترتیب سان یاد رکڻ لاء PEMDAS (Parentheses, Exponents, Multiply, Divide, Add, Subtract) جو استعمال ڪيو ويندو آھي۔ اسين ڊاڪٽري جي ايناٽامي پڙھڻ ويل ويڻين جا ننڍڙا اٺ ھڏا ھيئن ياد ڪيا ھئا سين۔
She looks too pretty.
Try to catch her
Scaphoid, Lunate, Triquetrum Pisiform
Trapezium, Trapezoid, Capitate, Hamate.
٣۔ ورجاءُ (Rehearsal)
معلومات کي بار بار دهرائڻ سان
Repeatation is the mother of learning.
٤. تصور سازي (Visualization)
ذهني تصور/تصويرون ٺاهڻ بہ یادگیريءَ کي وڌائي ٿو۔
يادگيري کي، صحتمند غذا، ستن اٺن ڪلاڪن جي ننڊ، باقاعده ورزش ۽ مناسب پاڻي پيئڻ سان ھڪ طرف تہ وري ٻئي طر ف ڌيان ۽ توجھ، سکڻ جي دلچسپي، حوصلا افزائي، ورجاءُ ۽ مشق سان بھتر ڪري سگهجي ٿو۔
يادگيري بھتر ڪندڙ غذائون ھي آھن۔ سالمن/Solmen ۽ ٻيون مڇيون جيڪي اوميگا-٣ سان ٽمٽار آھن۔ اوميگا-٣ دماغي خلين جي ڪارڪردگي ۽ يادگيريءَ کي بھتر ڪري ٿو.
سڪل ميوا/Dry fruits ۽ ٻج، جيئن باداميون، اکروٽ، ڪدوءَ جا ٻج، گدري جا ٻج ۽ السي وغيره۔ ھنن ۾ وٽامن E ۽ antioxidents/ اينٽي آڪسيڊنٽس جو مقدار وڌيڪ آھي. ساون پنن واريون ڀاڄيون جيئن پالڪ، سرنھن، پلي، لوڻڪ، ھرٻو ۽ بروڪلي وغيره۔ ھي ذهني چستي برقرار رکڻ ۽ يادگيريءَ جي ڪمزوريءَ کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا۔ ٻير، بلو بيري، اسٽرابيري دماغي خلين جي رابطي کي بهتر ڪن ٿا. سڄا اناج جيئن جوَ، ڳاڙهو چانور، جوئر، مڪئي، ٻاجهري، ڪرنگهہ، سڄي ڪڻڪ جي ماني وغيره ھي دماغ کي مستقل توانائي فراهم ڪن ٿا. آنا/بيضا، ھي ڪولين ۽ بي گروپ وٽامنز سان مالا مال آھن، جيڪي يادگيريءَ جي ٺھڻ ۾ مدد ڪن ٿا، ڪارو چاڪليٽ ڌيان ۽ مزاج کي بھتر ڪري ٿو۔ ھي دماغ ڏانھن رت جي دوري کي بھتر بڻائي ٿو۔
ڳالھ جي ڳر کي وٺجي تہ ٿلھي ليکي يادگيري انسان جي اھا ذھني صلاحيت آھي جيڪا روزمرھ جي ڪمن ڪارين ۾ مددگار ٿئي ٿي ۽ زندگي آسان ڪري ٿي۔ جيتري بھتر يادگيري اوتري بھتر شخصيت۔
______________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.




يادگيرين جي حوالي سان بھترين ڄاڻ ڀريو ليک