Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

جڏهن جوڌپور جي راجا لاءِ سنڌ مان ٽرين ذريعي مٺو پاڻي موڪليو ويندو ھو

ميرپور خاص جي حدن کانپوءِ سنڌ جو بيراجي علائقو ختم ٿيندي ئي جر جو پاڻي کارو ملي ٿو. جوڌپور جو راجا بہ انھيءَ ڪري سنڌ مان تاجپور ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان کوھ جو پاڻي ريل ذريعي پنھنجي لاءِ گھرائيندو ھوندو. سنڌ جا گدرا ۽ ٻيو ميوو بہ ٽرين ذريعي جوڌپور جي نواب ڏنھن موڪليو ويندو ھو. جوڌپور جي راجا جو سنڌ سان ھڪ ٻيو بہ ويجھو تعلق ھو. سندس ٻہ نياڻيون سنڌ ۾ ميرپور خاص جي ويجھو ڪنھن علائقي ۾ پرڻيل ھيون.

تاجپور ريلوي اسٽيشن وارو تاريخي کوھ. ڀر ۾ ڳنڍيل فوٽو کوھ مٿان لڳل ڇٽيءَ جو آھي

نصير اعجاز

ڪڏھن ڪنھن سوچيو ھوندو يا ڪنھن کي ڄاڻ آھي تہ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان گھڻو اڳ سنڌ مان ذري گھٽ پنج سئو ڪلوميٽر پري جوڌپور رياست جي راجا لاءِ ريل گاڏيءَ ذريعي مٺو پيئڻ جو پاڻي موڪليو ويندو ھو. گھٽ ۾ گھٽ مونکي مھينو ٻہ اڳ تائين اھڙي ڄاڻ ڪانہ ھئي. اھا معلومات بہ سويڊن ۾ ويٺل اسان جي ھڪ دوست ليکڪ عبداللہ عثمان مورائيءَ ڏني جنھن کي بہ سندس ڪنھن دوست ڪجھ تصويرون ۽ ھڪ وڊيو موڪلي ھئي. عبداللہ عثمان جي انداز ۾ بہ ھڪ سوال ۽ حيرانگي ھئي.

مان بہ حيران ھيس.  مونکي تہ ذھن ۾ ٿر جا پُراڻا منظر اُڀري آيا جڏھن ٿري ماڻھو پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ لاءِ ريل گاڏيءَ جي اوسيئڙي ۾ ھوندا ھئا جيڪا حيدرآباد کان رواني ٿي کوکڙا پار اسٽيشن تي پھچندي ھئي تہ انھيءَ جي ٻاڦ تي ھلندڙ ڪاري انجڻ شنٽنگ  ڪندي پاڻي خارج ڪندي ھئي. انھيءَ پاڻيءَ جي اوسيئڙي ۾ آسپاس جا ڳوٺاڻا ٿانءَ کڻي پنھنجي اُٺن ۽ ٻين ڍورن سان گڏ ريل جي پھچڻ کان اڳ ئي اُتي موجود ھوندا ھئا. سنڌ اطلاعات کاتي جي اڻويھ سئو اسيءَ واري ڏھاڪي جي اوائل ۾ ڏٺل دستاويزي فلم جو اھو منظر منھنجي ذھن تان اڄ تائين ميسارجي نہ سگھيو آھي، جڏھن انجڻ مان نڪرندڙ پاڻي ڏسي ٿرين جي مُنھن تي اھڙي سرھائي اچي ويندي ھئي جيئن اڻلڀ ۽ قيمتي شئي ڪنھن کي ملڻ تي ٿئي. اُٺ ۽ ٻيا ڍور ھيٺ ڪرندڙ پاڻي پيئڻ لڳندا ھئا تہ ماروئڙا پنھنجا ٿانءَ ڀرڻ ۾ جُنبي ويندا ھئا.

کوھ مٿان لڳل ڇٽي ۽ چوڌاري پکڙيل گاھ ۽ جھر جھنگ

جوڌپور ۾ بہ پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ جو ڪال ھوندو، ڇو تہ ريگستان ۾ جر جو پاڻي کارو ٿئي ٿو. ”ميرپور خاص جي حدن کانپوءِ سنڌ جو بيراجي علائقو ختم ٿيندي ئي جر جو پاڻي کارو ملي ٿو. جوڌپور جو راجا بہ انھيءَ ڪري سنڌ مان ريل ذريعي پنھنجي لاءِ پاڻي گھرائيندو ھوندو. ھونئن بہ جوڌپور جي راجا جو سنڌ سان ھڪ ٻيو بہ ويجھو تعلق ھو. سندس ٻہ نياڻيون سنڌ ۾ ميرپور خاص جي ويجھو ڪنھن علائقي ۾ پرڻيل ھيون،“ جھوني سياسي شخصيت ۽ سينئر وڪيل محمد قاسم ميرجت ٻُڌايو، جنھن جو ڳوٺ نصرپور جي ويجھو آھي. جوڌپور جي راجا ڏانھن ويندڙ پاڻي تاجپور ريلوي اسٽيشن جي کوھ  جو ھو، ۽ منھنجو خيال ھو تہ جيئن تہ تاجپور محمد قاسم ميرجت جي ڳوٺ ايندي ويندي واٽ تي پوي ٿي، تنھنڪري کيس ضرور ڄاڻ ھوندي.  

”چيو وڃي ٿو تہ تاجپور جي نوابن سان جوڌپور جي راجا جا دوستاڻا لاڳاپا ھئا ۽ شايد کوھ بہ جوڌپور جي راجا ئي کوٽرايو ھو،“ محمد قاسم ميرجت ٻُڌايو.

مان اُڻويھ سئو ستر واري ڏھاڪي جي شروعاتي ورھين ۾ ھر ٻئي ٽئين مھيني ڏينھن جا ڏينھن ٽنڊي ڄام ۾ پنھنجي چاچي ڊاڪٽر رفيق احمد وٽ وڃي رھندو ھئس جيڪو رُورل ھيلٿ سينٽر جو انچارج ميڊيڪل آفيسر ھوندو ھو. ٽنڊي ڄام جي ويجھو ئي کيسانا موريءَ جو ھڪ نوجوان سومار ويجھو دوست ھو ۽ کيسانا موريءَ سان لڳ ئي تاجپور ڳوٺ ھو جتان جي نواب خاندان جي نوجوانن سان نيازمندي ھوندي ھئي. پر انھيءَ جي باوجود منھنجو ڪڏھن بہ کيسانا موري ڳوٺ توڙي تاجپور وڃڻ ڪونہ ٿيو. تاجپور جو تعارف بہ منھنجي لاءِ صرف ان حوالي سان ھو تہ اُتان جو نواب نانگ پالڻ جو شوقين ھو ۽ انھيءَ ڪري کيس نانگن جو بادشاھ سڏيو ويندو ھو. انھيءَ نواب صاحب جا ٻہ ڀائٽيا منھنجي ھڪ ڀاءُ جا سنگتي ھئا، جنھن ڪري منھنجي بہ ساڻن ڄاڻ سُڃاڻ ٿي. ھاڻي تاجپور جي نئين سِر سُڃاڻپ انھيءَ تاريخي حوالي سان ٿي.

جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم، مھينو ٻہ اڳ عبداللہ عثمان مورائي صاحب واٽس ايپ تي تاجپور ريلوي اسٽيشن ۽ انھيءَ سان لڳ ھڪ کوھ جا ڪجھ فوٽو ۽ ھڪ وڊيو شيئر ڪندي جڏھن ٻڌايو تہ سندس  ڪنھن دوست موجب اھو کوھ تاريخي اھميت جو آھي جتان ورھاڱي کان اڳ ٽرين ذريعي انھيءَ کوھ جو پاڻي جوڌپور جي راجا ڏانھن موڪليو ويندو ھو، تہ پھرين تہ اعتبار ئي ڪونہ ٿي آيو. مونکي پاڻ تي بہ حيراني ٿي. ايتري لاعلمي، اڻ ڄاڻائي؟ پنھنجي ئي سنڌ جو اھڙو علائقو، جنھن جي ويجھو حياتيءَ جا ڪيترائي ڏينھن گذاريم، انھيءَ کان بي خبر ھيس. پر پوءِ دل کي تسلي ڏنم سٺي سنڌ ڪنھن ڏٺي آھي؟ ھتي ڪراچيءَ ۾ تہ اورنگي ٽائون ۾ سڄي حياتي  گھاريندڙن ڪڏھن شھر جو ڪورنگي ٽائون بہ ڪونہ ڏٺو آھي.   

تاجپور نصرپور ريلوي اسٽيشن جي عمارت

کيسانا موري ۽ تاجپور جو تصور ڪندي سنڌ جي زرخيز ۽ تاريخي خطي مان گذرندڙ حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ جي ٻنهي پاسن کان انبن جا گهاٽا باغ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ زرخيزي ءَ جا منظر ذھن ۾ ڦرڻ لڳا. ان ئي سرسبز علائقي ۾ تاجپور ريلوي اسٽيشن واقع آهي، جيڪا اڄوڪي دور ۾ مڪمل طور وقت جي رفتار کان ڪٽيل ۽ هڪ ماٺار واري ماحول ۾ گم نظر اچي ٿي. برطانوي راڄ دوران ٻاڦ تي ھلندڙ انجڻين جي سيٽين ۽ ريل گاڏين جي اچ وڃ سبب مصروف  اسٽيشن جي عمارت بہ، جيڪا بيٺڪي دور جي فنِ تعمير جي هڪ خاموش ۽ وساريل نشاني آهي،  پنھنجي زبون حال سِرن ۽ ويران پليٽ فارمن جي پٺيان هڪ شاندار تاريخ لڪايو ويٺي آهي، جيڪا سنڌ جي هن ننڍڙي ڳوٺ کي سڌو سنئون هندستان سان ڳنڍيو بيٺي ھئي.

تصويرون ۽ وڊيو ڏسڻ سان خبر پئي تہ جوڌپور جي راجا عميد سنگھ جو کوهه تاجپور اسٽيشن جي ويٽنگ ايريا کان ٿورو اڳتي ئي آهي، ۽ جهنگلي ٻوٽن جي وچ ۾ پراڻو، اونهو ۽ پڪين سِرن جو ٺهيل کوهه اڄ بہ واضح نظر اچي ٿو.

وڊيو موجب توڙي  گُوگل سرچ مطابق ويهين صديءَ جي شروعات ۾، هيءُ کوهه هڪ غير معمولي لاجسٽڪ آپريشن جو مرڪز هو. مقامي روايتن ۽ تاريخي احوالن موجب، جوڌپور (مارواڙ) جي مھاراجا عميد سنگهه (جنهن جو دورِ حڪومت 1918ع کان 1947ع تائين هو) کي هن کوهه جو پاڻي بيحد پسند هو. پنهنجي مٺاس، نفاست ۽ بيحد صفائيءَ جي ڪري مشهور هن کوهه مان پاڻي سخت نگرانيءَ هيٺ ڪڍيو ويندو هو، ان کي محفوظ ڪيو ويندو هو ۽ خاص ريلوي گاڏين جي ذريعي ريگستاني سرحد پار ڪرائي راجستان جي شاهي محل تائين پهچايو ويندو هو.

ريلوي اسٽيشن جو پليٽفارم

هن علائقي جي پاڻيءَ جي اهڙي اعليٰ معيار جو راز سنڌو نديءَ جي جاگرافيائي تاريخ ۾ لڪيل آهي. صديون اڳ، سنڌو نديءَ جو مکيه وهڪرو نصرپور جي ويجهو گذرندو هو، جنهن جي ڪري زمين جي هيٺان درياهي واريءَ جا گهاٽا تهه (Strata) رهجي ويا. واريءَ جي هن قدرتي فلٽريشن (Sand-bed filtration) مقامي زيرِ زمين پاڻيءَ کي هڪ منفرد ۽ لذيذ ذائقو بخشيو، جيڪو راجستان جي خشڪ ۽ قحط زده علائقن ۾ سون برابر قيمتي سمجهيو ويندو هو.

شاهي پھچ صرف پاڻيءَ تائين محدود نه هئي. سنڌ جا مشهور ۽ مٺا مقامي گدرا، موسمي ميوا ۽ ٻيون سوغات به تاجپور اسٽيشن تان پيڪ ڪري جوڌپور-بيڪانير ريلوي لائين ذريعي مھاراجا جي دسترخوان جي زينت بڻائڻ لاءِ موڪليون وينديون هيون.

وڊيو موجب اڄ تاجپور-نصرپور روڊ ريلوي اسٽيشن جي حدن ۾ قدم رکڻ ايئن آهي ڄڻ ماڻهو ڪنهن زنده عجائب گھر ۾ داخل ٿيو هجي. اسٽيشن جو بنيادي بورڊ جنهن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ تاجپور نصرپور ريلوي اسٽيشن نالو لکيل آهي، وقت  گذرڻ سان گڏ گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ ان جا انگريزي اکر مٽبا پيا وڃن.

هيءَ عمارت برطانوي ريلوي آرڪيٽيڪچر جو هڪ شاهڪار نمونو آهي. موجوده دور جي سيمينٽ ۽ ڪنڪريٽ جي برعڪس، هن اسٽيشن ۾ پڪين سرن جون اوچيون محرابدار ڇتيون ۽ ٿلهيون پٿر جون ڇتيون ٺهيل آهن، جيڪي ڪمري کي سنڌ جي سخت اونهاري جي گرميءَ کان محفوظ رکڻ لاءِ ڊيزائن ڪيون ويون هيون. پراڻي ٽڪيٽ دري اڄ به سيڪنڊ ڪلاس ويٽنگ روم جي کنڊرن سان گڏ قائم آهي، جتي هٿ سان لکيل ڪاٺ جا شيڊيول بورڊ (جنهن تي ٽنڊو ڄام ۽ ڪامارو شريف جهڙا نالا لکيل آهن) اڃان تائين ديوارن تي لٽڪيل آهن.

حيرت انگيز طور تي، هن ويران ماٺار جي باوجود، هيءَ اسٽيشن مقامي ريلوي عملي جي نگرانيءَ ۾ اڄ به ڪم ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ بيٺڪي دور جون وڏيون مشينريون هاڻي خاموش ٿي چڪيون آهن، پر ٽريڪ جي روزاني زندگي اڃا تائين انهن پراڻن طريقن سان ئي هلي ٿي. اسٽيشن ماسٽر جي آفيس جي اندرهڪ ڪلاسڪ ميڪانيڪل ليور فريم (Mechanical lever frame) موجود آهي. هٿ سان وڄائڻ واري پتل جي گهنڊڻي اڃا تائين محفوظ آهي.

ماضيءَ جي ڏهاڪن ۾ جڏهن ڪا ريل ويجهي اسٽيشن تان رواني ٿيندي هئي، ته فون ڪال ذريعي اسٽيشن تي ميڪانيڪل گهنڊ وڄندو هو، جنهن کان پوءِ عملو لوهه جا وڏا ليور ڇڪي ريلوي سگنل کي هيٺ ڪندو هو. اڄ جي جديد ڪميونيڪيشن جي دور ۾ جيتوڻيڪ اهي طريقا سادا ٿي ويا آهن، پر اهي پراڻا اوزار ماضيءَ جي انجنيئرنگ جا بيحد خوبصورت شاهڪار آهن.

تاريخي کوھ زبون حالت ۾

تاجپور تان گذرندڙ ريلوي ٽريڪ پنهنجي اندر وڏي تاريخ  سمايو ويٺو آھي . اولهه طرف هي لائين سڌو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ڏانهن وڃي ٿي، جڏهن ته اوڀر طرف هيءَ لائين ميرپورخاص کان ٿيندي کوکراپار-موناٻائو سرحد ڏانهن نڪري ٿي. هي اهو ئي راهداري رستو آهي جنهن ڪڏهن سنڌ ۽ راجستان جي ثقافت، واپار ۽ شاهي تاريخ کي پاڻ ۾ جوڙي رکيو هو. انڊيا سان تہ پري جي ڳالھ، ھاڻي پيرپور خاص تائين بہ ڪا ٽرين ڪانہ ٿي ھلي. چيو وڃي ٿو تہ گذريل وڏي عرصي کان سنڌ جي ٻين علائقن جيان ھن پاسي بہ ٽرينون بند ڪيون ويون آھن.

گُوگل تي ٿوري گھڻي سرچ ڪرڻ سان معلوم ٿيو تہ تاجپور، اُتان جي کوھ ۽ جوڌپور سان لاڳاپن جي موضوع تي لکڻ لاءِ ڪتابن ۽ گزيٽيئرن ۾ ٽڙيل پکڙيل گھڻو مواد موجود آھي. ضرورت انھيءَ ڳالھ جي آھي تہ ڪو تحقيقي ادارو ان ڏس ۾ باقاعدہ ڪم ڪري ھن ورثي کي دستاويزي شڪل ۾ محفوظ ڪري.   

تاجپور ريلوي اسٽيشن جي اها ڪهاڻي اسان جي تاريخي ورثي جي نازڪ صورتحال کي ظاهر ڪري ٿي. جيئن جيئن انفراسٽرڪچر جديد ٿيندو پيو وڃي، تيئن تيئن اهڙيون تاريخي نشانيون اوجهل ٿيڻ جي خطري ۾ آهن. ريلوي جي وفاقي کاتي جي ملڪيت ھجڻ جي ڪري سنڌ حڪومت تہ ڪجھ نٿي ڪري سگھي پر ثقافت کاتي کي گهرجي ته اهي اسٽيشن ۽ ان جي تاريخي شاهي کوهه جي مرمت ۽ حفاظت لاءِ وفاقي ريلوي وزات کي لکن، ته جيئن سنڌ جي مٺي پاڻيءَ ۽ گڏيل تاريخ جون اهي شاندار ڪهاڻيون ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رهي سگهن. حڪومت کي اھو بہ سوچڻ گھرجي تہ ھن ورثي جي بحاليءَ کانپوِ ان کي سياحت لاءِ بہ استعمال ڪري سگھجي ٿو.

___________

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button