ڪراچي ۽ تھران وچ ۾ سِڌيون اُڏامون شروع ڪرڻ تي وِيچار
وڏي وزير سان ايران جي نئين قانصل جنرل جي ملاقات ۾ ٻنھي ملڪن چ ۾ واپار وڌائڻ ۽ گڏيل واپاري نمائشون ڪوٺائڻ تي اتفاق
ڪراچي، سنڌ
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان خميس ڏينھن ايران جي نئين مقرر ٿيل قانصل جنرل اڪبر عيسي زاده وزيراعلي هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سنڌ ۽ ايران وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سھڪار بابت ڳالھيون ڪيون۔
وڏي وزير مسٽر عيسي زاده کي سنڌ آمد تي ڀليڪار چيو ۽ کيس نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني۔ وڏي وزير چيو ته ايران هڪ برادر اسلامي ملڪ آهي جنهن سان پاڪستان خاص طور سنڌ جا گھرا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن۔
قونصل جنرل مسٽر عيسي زاده سنڌ ۾ تازو ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو۔

ٻنهي ڌرين اقتصادي، واپاري ۽ سياحتي لاڳاپن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن تہ وڏي وزير سنڌ حڪومت پاران مستقبل ۾ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو۔ وڏي وزير مراد علي شاهه اميد ظاهر ڪئي ته مسٽر عيسي زاده جي دور ۾ ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا۔
ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايران ۽ پاڪستان خاص طور ڪراچي ۾ واپار 5 ارب رُپين مان وڌائي 10 ارب رُپين تائين آندو ويندو۔ ٻنھي طرفن گڏيل واپاري نمائشون ڪرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو تہ جيئن ڪاروباري لاڳاپا وڌائي سگهجن۔
وڏي وزير چيو ته ڪراچي واپاري نمائش لاءِ هڪ اهم مرڪز آهي۔ ان موقعي تي ثقافتي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ ميڊيا جي مٽاسٽا ۽ زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ بابت پڻ ڳالهيون ٿيون۔
وڏي وزير ٻڌايو ته صوبائي وزير جلد ئي قانصل جنرل سان ملاقات ڪندا ته جيئن انهن منصوبن کي اڳتي وڌائي سگهجي۔ ملاقات ۾ ڪراچي کان تھران تائين سڌين اُڏامن جي شروعات تي به ڳالھ ٻولھ ٿي۔ وڏي وزير چيو ته اهڙيون اُڏامون زيارتين لاءِ سهولت بڻبيون ۽ خانگي ايئر لائينن کي اهڙيون خدمتون شروع ڪرڻ لاءِ همٿايو ويندو۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو وزيراعلي هائوس جو دورو سنڌ لاءِ هڪ اعزاز هو۔ قونصل جنرل ايران جي سفير پاران وڏي وزير کي ايران جي دوري جي آڇ ڪئي جيڪا وڏي وزير قبول ڪندي چيو ته هو جلد ايران جو دورو ڪندو۔ (پريس رليز)
_________________




Iranian Air is already operational.No Pakistani airline is functioning on the route.As long as America is controlling Pakistan there will be no progress in any sector.This meeting is a simple call on by newly arrived diplomat.