Editor's pickMain Slideڪالم

سنڌي ادب: اچو تہ شاعريءَ ۾ غزل ۽ انھيءَ جي فن کي سمجهون

فڪري طور دنيا جھان جا سڀ موضوع، غزل جا موضوع ٿي سگهن ٿا پر اڪثر غزل، “فراق” جي موضوع تي لکيل آھي۔ غزل ۾ “وصال” جي موضوع تي اٽي ۾ لوڻ برابر بحث ٿيل آھي۔ محبوب جي بيحسي ۽ عاشق جي بيوسي غزل ۾ ور ور ڏئي ڪري شامل ٿيل ھوندي آھي۔ غزل وقت جي حساب سان پنھنجا موضوع تبديل ڪندو رھي ٿو۔

 (ڀاڱو ٻيون)

ڊاڪٽر خادم منگي

شاعريءَ جون تمام گهڻيون صنفون آھن مثال طور، ڏيڍوڻا، بيت، دوھا، سورٺا، ماھيا، ٽپا، ھائيڪا، ٽہ سٽا، رينگا، نولکا، تروينيون، چؤسٽا، رباعيون، مثنويون، پنجڪڙا، ڇھ سٽا۔ ترائيل، سانيٽ، اشلوڪ، وايون، ڪافيون، گهڙوليون، ھوريون، ٺمريون، گيت، لوڪ گيت، لوليون، پروليون، ڪھ مڪرنيون، ھمرچا، لاڏا، سھرا، اوپيرائون، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، تجريدي نظم ۽ غزلَ وغيره۔ ھنن سمورين صنفن جو فن يا گهاڙيٽو الڳ الڳ ٿيندو آھي۔ جيڪو پنھنجو موضوع ناھي۔ پنھنجو موضوع آھي غزل۔ سو ھاڻي اڳتي غزل جو ئي بيان ٿيندو۔

“ہم سے پوچھو غزل کیا ہے، غزل کا فن کیا ہے۔

چند لفظون میں کوئی آگ چھپائی جائے۔”

غزل، عربي ٻوليءَ جي قصيدي جي شروعاتي يا تمھيد واري حصي مان کنيل آھي۔ قصيدي جي ان شروعاتي حصي کي “تشبيب” چئبو آھي۔ قصيدو تشبيب سان گڏ گريز، مدح ۽ دعا يا حسن طلب سان مڪمل ٿيندو آھي۔ پر غزل ۾ گريز، مدح ۽ دعا جي گنجائش ناھي۔ ان ڪري قصيدي جي تمھيد وارو موضوع ئي غزل جو موضوع آھي۔ عرب شاعر امراءُ القيس قصيدي جو بنياد رکندڙ شاعر آھي۔ ان ڪري غزل جو بانيڪار شاعر بہ کيس ئي چيو وڃي ٿو۔ حسن ۽ جواني، دليري ۽ جوانمردي جي موضوعن تي امراءُ القيس کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو شاعر شعر لکي سگهي ٿو؟

“اليومَ خَمْرٌ وغَداً أمْرٌ”

(ھلي آء تہ اڄ ھن پل کي ماڻي وٺئون۔ سڀاڻي ڪنھن ڏٺي آھي، سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان۔)

اڙدو جا وڏا قصيده گو شاعر، سودا، ذوق، ۽ اقبال آھن۔

”بنا ہے شہ کا مصائب پھرے ہے اتراتا،

وگرنہ شہر میں “غالب” کی آبرو کیا ہے“

يا وري۔

”غالب وظيفہ خوار ہو، دو شاھ کو دعا،

وہ دن گئے جو کہتے تھے نوکر نہیں ہوں میں۔“

نج ۽ شد غزل، فارسي زبان جي شاعرن، عربي زبان جي قصيدي مان صرف تشبيب وارو حصو کڻي ايجاد ڪيو۔ رودڪيءَ کي فارسي غزل جو ابو چئجي ٿو۔ ھي پھريون صاحبِ ديوان شاعر آھي۔ حافظ شيرازيءَ جي ”ديوان حافظ“ منجهان اڄ بہ ماڻھو فال ڪڍندا آھن۔ حافظ شيرازيءَ جي ديوان جي پھرين غزل جي پھرين سِٽ يزيد جي سِٽ آھي۔

“اَلا یا اَیُّهَا السّاقی اَدِرْ کَأسَاً و ناوِلْها

کہ عشق آسان نمود اوّل ولی افتاد مشکل‌ ها”

سو يزيد سان اختلاف پنھنجي جاءِ تي، پر شاعريءَ کيتر مان ڪو سندس نالو نہ ٿو ڪڍي سگهي۔ جيئن قاضي قاضن سان سوين اختلاف، پر سنڌي شاعريءَ جي تاريخ، سندس بيان کان سواءِ اڻپوري آھي۔

فارسيءَ کانپوءِ اچون ٿا اڙدوءَ طرف۔ شروعاتي غزل امير خسري لکيا۔ ان کانپوءِ ولي دکنيءَ پاڻ مڃرايو۔ مرزا اسدالله خان “غالب” ھڪڙو ئي ديوان لکيو۔ پر صدين کان وٺي اردو غزل جي دنيا تي پنھنجي تخلص “غالب” وانگر راڄ ڪري رھيو آھي۔ واقعي ئي ھو غالب آھي ۽ ٻيا شاعر مغلوب۔

“ہیں اور بھی سخن ور دنیا میں بہت اچھے،

کہتے ہیں کہ “غالب” کا ہے اندازِ بياں اور۔”

مير تقي “مير”، خواجہ میر “درد” جيڪڏھن غالب کان وڏا شاعر ناھن تہ ننڍا بہ ناھن۔ غالب پاڻ ئي مير تقي “مير” جو معترف آھي۔

”ریختے کے تہمیں استاد نہیں ہو “غالب۔”

کہتے ہیں اگلے زمانے میں کوئی میر بھی تھا“

“مير” کي “شاعريءَ جو ابو” چيو ويندو آھي۔ غالب جيترو سولو شاعر آھي، اوترو ئي ڏکيو۔ غالب لاءِ مشتاق يوسفيءَ لکيو آھي تہ غالب اھو اڪيلو شاعر آھي، جيڪو سمجهہ ۾ نہ اچي تہ وڌيڪ مزو ڏيندو آھي۔

فڪري طور دنيا جھان جا سڀ موضوع، غزل جا موضوع ٿي سگهن ٿا پر اڪثر غزل، “فراق” جي موضوع تي لکيل آھي۔ غزل ۾ “وصال” جي موضوع تي اٽي ۾ لوڻ برابر بحث ٿيل آھي۔ محبوب جي بيحسي ۽ عاشق جي بيوسي غزل ۾ ور ور ڏئي ڪري شامل ٿيل ھوندي آھي۔ غزل وقت جي حساب سان پنھنجا موضوع تبديل ڪندو رھي ٿو۔ مثال طور: ماضيءَ ۾ خط، قلم، ڪاڳر، ڪبوتر، قاصد يا نامہ بر جھڙا لفظ غزل ۾ لکبا ھئا ۽ ظاھر آھي ھاڻي، يا اڳتي ھلي انھن جي جاءِ تي فون، واٽس ايپ، ميسيج، اي موجي، ٽوئٽر، انسٽاگرام وغيره جو ذڪر ٿيندو۔

غزل ۾ ٻولي/زبان، ۽ اسلوب (جنھنکي اردوءَ ۾ ملائي جلائي، لب و لھجہ ۽ انگريزيءَ ۾ diction چئبو آھي) جي وڏي اھميت آھي۔ جنھن مان مراد آھي انسان جي ڳالهہ ڪرڻ جو انداز، ۽ جڏھن ان خاص ماڻھوءَ کي ٻُڌجي تہ ان جي گفتگوءَ ۾ موجود آوازن جو ھيٺ مٿي ٿيڻ، اچار، تلفظ ۽ اھا ڪيفيت جيڪا لفظن جي اصل معني سان گڏ گڏ ڳالھائيندڙ جي جذبن، احساسن ۽ مزاج کي بہ ظاھر ڪري ٿي، ان کي اسلوب چئبو آھي۔ ادبي اسلوب کي اسٽائل بہ چئبو آھي۔ محبت ڀرئي لھجي وارن شاعرن کي رومانٽڪ شاعر چئبو آھي ۽ جديد، ترقي پسند لھجي واري شاعر کي انقلابي شاعر چئبو آھي۔ ھونء ڏٺو وڃي تہ رومانس پاڻ ھڪڙو وڏو انقلاب آھي۔ ۽ انقلاب پاڻ ھڪ ھڪ وڏو رومانس آھي۔

اچون ٿا غزل جي فن تي۔ غزل جي ٽرمينالاجي ئي پنھنجي آھي۔ مصرع، مصرعِ اول، مصرعِ ثاني، شعر يا بند، شاھ بند، رديف، قافيو، مطلع، حسن مطلع، مقطع، تخلص، بحر، وزن، تقطيع ۽ تغزل وغيره۔ پھريان اھي سڀ ٽرم سمجهون، تہ پوءِ اڳتي ٿا وڌون۔

غزل جي ھرھڪ سٽ کي مصرعو چئبو آھي۔ ھڪ مصرعو پنھنجي ٻئي جوڙيوال سٽ سان ملي شعر/بند/فرد ٺاھيندو آھي۔ مصرعي جي پھرين سِٽ کي مصرعہ اولی’ چئبو آھي ۽ ٻئي سٽ کي مصرعہ ثاني۔ مصرعي جون ٻئي سٽون ملائي ھڪ شعر يا بند تخليق ٿيندو آھي. ۽ ھر شعر جو خيال الڳ ۽ مڪمل ھوندو آھي۔ ايئن نہ ٿئي جو ھڪ سٽ اغرب ھجي تہ ٻئي مغرب۔ اڌ لوھ جو اڌ ڪاٺ جو۔ اڙدوءَ ۾ ان کي ”آڌا تيتر آڌا بٽير“ يا وري ”چون چون ڪا مربہ“ چئبو آھي۔ سو اھڙي لکت کان بچجي۔ ھر بند ۾ الڳ خيال جو نہ ھجڻ، دراصل غزل جي روح جي ئي منافي آھي۔ ان ڪري غزل جو ھر بند خيال جي حساب سان مڪمل ٿيندو آھي۔ نامڪمل خيال واري شعر جو موضوع ئي مئل ٿيندو آھي۔

غزل جي سڀ کان بھترين شعر کي شاھ بند، شاھِ غزل، بيت الغزل يا حاصلِ غزل چئبو آھي۔ غزل ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج بند ھجڻ کپن۔ وڌ ۾ وڌ بندن جو ڪو ڪاٿو ئي ناھي۔

اچو تہ مطلع ۽ ان کان پوءِ ايندڙ پھرين سٽ يعني مصرعہ اول ۽ ٻئي سٽ يعني مصرعہ ثاني کي مثال سان سمجهون۔

“یوں غلامی پہ رضامند نہیں کر سکتا۔

تو مری سوچ کو پابند نہیں کر سکتا۔

بات سچائی پہ مبنی ہے تو کڑوی ہوگی۔

اب میں لہجے کو قلاقند نہیں کر سکتا۔”

ھن ۾ پھريون ٻہ سٽون مطلع آھن۔ ۽ ٽئين سٽ مصرعہ اولی’ آھي ۽ چوٿين سٽ وري  مصرعہ ثاني آھي۔ مصرعہ ثانيءَ جو مطلع سان ھم قافيہ ۽ ھم رديف ھجڻ ضروري آھي۔

مطلع ۽ مصرع ۾ فرق اھو آھي تہ مطلع کانپوءِ ايندڙ ھر ھڪ سٽ ٻن مصرعن جي ٿيندي آھي۔ پھرئين سٽ يا مصرعہ اولی’، صرف مطلع جو ھم وزن ٿيندي آھي ۽ ٻئي سٽ يا مصرعہ ثاني، نہ صرف ھم وزن ٿيندي آھي، پر ھم قافيہ بہ ٿيندي آھي۔ ۽ جيڪڏھن غزل ۾ رديف ھوندو تہ اھو بہ مصرعہ ثانيءَ ۾ ورجائبو۔

اچو تہ ھاڻي رديف ۽ قافئي کي سمجهون۔ رديف، ھڪ لفظ کان وٺي ھڪ جملي تائين ٿيندو آھي۔ جيڪو مطلع جي ٻنھي سٽن ۾ ۽ ھر بند جي آخري سٽ ۾ بار بار ورجائبو آھي۔ رديف جو مطلب آھي ٻيلهہ سواري ڪرڻ۔ قافيو رديف کان اڳ ۾ ايندڙ ھم آواز لفظ آھي۔ جيڪو بہ رديف وانگر مطلع جي ٻنھي سٽن ۽ ھر بند جي آخري سٽ ۾ ايندو آھي۔ قافيو تز بہ ٿيندو آھي ۽ ڪمزور بہ۔ اصولن پور اکري قافيو ھجڻ کپي۔ جيئن ٽہ اکري قافيو مٽي، ٻٽي، گهٽي، ڪٽي، چٽي وغيره يا ڇھ اکري قافيو گوليون، ٻوليون، لوليون، روليون، سوليون، چوليون يا ڇوليون وغيره۔ پر ڇوليون سان پروليون جھڙو قافيو استعمال ڪندو تہ اھو عيبدار ٿي پوندو۔ غزل جھڙي محبوب صنف ۾ ڪمزور ۽ ڇسا قافيہ وجهي غزل جي عمارت کي بدگونيا ڇو ڪجي؟ غزل جي قافين جي زير، زبر ۽ پيش جو بہ خيال ڪبو آھي۔ ٿورو سوت برابر قافيو ٽيڙو ھوندو تہ غزل جي سڄي عمارت ٻاونجيري ٿي پوندي۔ قافين جا آخري اکرَ، حروف روي آھن۔ جيئن مان ۽ شان ھنن ٻنھي لفظن جي آخر ۾ اکر “ن” ٿو اچي۔ اھو “ن” حروف روي آھي۔ ڪي ان کي قافيي جي قفه بہ چوندا آھن۔ سيکڙاٽ شاعر ھيڪوٽو قافيو بہ تز استعمال نہ ڪري سگهندا آھن پر ٻئي طرف ڪهنہ مشق شاعر، ٻِٽو قافيو بہ استعمال ڪندا آھن۔ ۽ اھو بہ تز۔ ساڳئي ئي غزل ۾ ساڳيو قافيو ھڪ کان وڌيڪ دفعا استعمال ڪرڻ قافئي جو عيب آھي۔ جيئن ھن غزل ۾، ڪلیم عاجز قافيو “بات” ھر ھر دھرايو ويو آھي۔ ھونءَ تہ ھن غزل ۾ حسن مطلع بہ آھي۔ ڪرامات جي قافئي وارو شاھ بند آھي پر قافيو ورجايل آھي۔ ان ڪري ھي قافئي جي شعبي ۾  عيبدار غزل آھي۔

“میرے ہی لہو پر گزر اوقات کرو ہو

مجھ سے ہی امیروں کی طرح بات کرو ہو

دن ایک ستم، ایک ستم رات کرو ہو

وہ دوست ہو، دشمن کو بھی تم مات کرو ہو

ہم خاک نشیں، تم سخن آرائے سرِ بام

پاس آ کے ملو، دُور سے کیا بات کرو ہو

ہم کو جو ملا ہے وہ تمھیں سے تو ملا ہے

ہم اور بھُلا دیں تمھیں، کیا بات کرو ہو

یوں تو ہمیں منہ پھیر کے دیکھو بھی نہیں ہو

جب وقت پڑے ہے تو مدارات کرو ہو

دامن پہ کوئی چھینٹ نہ خنجر پہ کوئی داغ

تم قتل کرو ہو کہ کرامات کرو ہو

بَکنے بھی دو عاجزؔ کو جو بولے ہے، بکے ہے

دیوانہ ہے، دیوانے سے کیا بات کرو ہو“

غزل ۾ رديف نہ ھجي تہ ان کي “ٻُٽو غزل” چئبو آھي۔ “ٻُٽو” معنا ڪنن کان بغير۔ چھري ۾ ڪَن، جيئن سونھن پيدا ڪندا آھن، تيئن ئي رديف غزل جي سونھن آھي۔ رديف کان سوا/ غير مردف غزل مڙوئي پنڌ ڪندو آھي ۽ مردف غزل اڏامندو آھي۔ رديف غزل غزللاء ايئن آھي جيئن پکيء لاء پر۔ ھڪ لفظي رديف کان وٺي لڳ ڀڳ پوري پوري سٽ وارا رديف بہ ٿيندا آھن۔ جيئن:

“بھارن جي معنا اسان کان پڇي ڪو۔

نظارن جي معنا اسان کان پڇي ڪو۔

ڪو خنجر لڳي ٿو، مُڙي ٿا نھاريون۔

غدارن جي معنا اسان کان پڇي ڪو۔”

مٿئين غزل جي سٽن ۾ صرف پھريان لفظ قافيا آھن جيئن بھارن، نظارن، غدارن۔

باقي سڀ لفظ رديف آھي۔ “جي معنا اسان کان پڇي ڪو” ھي لفظ بار بار ورجائجن ٿا ان ڪري رديف آھي۔

“فريب جبہ و دستار ختم ہونے کو ہے،

لگا ہوا ہے جو دربار ختم ہونے کو ہے۔”

مٿئين مطلع ۾ “دستار” ۽ “دربار” قافيا آھن ۽ “ختم ہونے کو ہے” رديف آھن۔ قافئي ۽ رديف کي ملائي غزل جي زمين چئبو آھي۔ ۽ جڏھن ڪو بہ شاعر ڪنھن شاعر جي قافئي ۽ رديف کي کڻي ڪو غزل لکندو آھي تہ ان لاءِ چيو ويندو آھي تہ پرائي زمين ۾ غزل ٿو لکي۔ طرحي مشاعرن ۾ اڪثر غزل گو شاعر پرائي زمين استعمال ڪندا آھن۔ ان ڪري طرحي مشاعرن مان ڪا نڪور تخليق گهٽ نڪري سامھون ايندي آھي۔ ھرڪو ويٺو ساڳئي طرح تي گرھ ھڻندو آھي۔ ڪنھن جهونڙي يا ڪھنہ مشق شاعر جي طرح سمورن شاعرن ڏانھن اماڻبي آھي۔ انھن کي بحر، وزن، قافيو ۽ رديف بہ سمجهائبو آھي۔ جنھن شاعر جي طرح تي ٻيا شاعر طبع آزمائي ڪندا آھن ان کي صاحب طرح چئبو آھي۔ ۽ گهڻو ڪري اھو استاد شعراءُ يا صاحب ديوان شاعر ھوندو آھي۔ ماضيءَ ۾ مشاعرن پڙھڻ وقت شاعر جي آڏو، ميڻ بتي رکي ويندي ھئي، جنھنکي “شمع محفل” چئبو آھي۔ شاعر ويچارو ڏڪندي ڏڪندي اجازت وٺندو ھيو ۽ چوندو ھيو “اجازت” آھي۔ تہ صدر محفل کان وٺي سمورا شرڪاءِ محفل يڪ آواز ٿي چوندا ھئا “ارشاد”۔ ۽ پوءِ بند بند تي “وھوا” ۽ “مقرر مقرر” جا ڌوڙيا لائي ڏيندا ھئا۔ مقرر جو مطلب آھي “وري ٻڌايو” اھي سڀ رجعت پرست قوتن جا ميڙ ھوندا ھئا ۽ “ادب براءِ ادب” وارا ايئن ڪندا ھئا۔

اچو تہ ھاڻي مطلع، حسن مطلع، مقطع ۽ تخلص جي لفظن کي سمجهون۔ مطلع غزل يا قصيدي جو شروع وارو شعر ھوندو آھي۔ مقطع وري آخري شعر کي چئبو آھي۔ مقطع اھو شعر آھي جنھن ۾ شاعر پنھنجو تخلص استعمال ڪندو آھي۔ مطلع لفظ جو ڌاتو “طلع” آھي۔ طلع معني اڀرڻ۔ ان مان ئي لفظ طلوع (اڀار) ورتل آھي۔ طلوع آفتاب معنا سج جو اڀرڻ۔ ۽ مطلع جي معنا وڃي بيٺي غزل جو اڀرڻ۔ سو غزل ۾ مطلع جو مقصد غزل جو شروعاتي شعر ورتو ويندو آھي۔ جتان غزل شروع ٿو ٿئي يا اڀري ٿو۔ مطلع جون ٻئي سٽون ھم وزن تہ ھوندیون ئي ھونديون پر ھم قافيہ ۽ ھم رديف بہ ھونديون آھن(جيڪڏھن غزل مردف معني’ رديف وارو ھوندو آھي). ڪڏھن ڪڏھن مطلع کان پوء ايندڙ پھريون بند ھو بھو مطلع جھڙو ئي ھوندو آھي۔ ان کي حسن مطلع، زيب مطلع يا مطلع ثاني چئبو آھي۔ مطلب وڃي اھو بيٺو تہ حسن مطلع جون ٻئي سٽون مطلع وانگر ئي ھم وزن، ھم قافيہ ۽ ھم رديف ھونديون آھن۔ بغير مطلع جي غزل کي ناقص غزل، غير رسمي غزل يا نامڪمل غزل چئبو آھي۔ ۽ جنھن غزل کي مطلع ھوندو آھي، ان کي ڪامل غزل چئبو آھي۔ مطلع جيترو شاندار ھوندو اوترو ئي غزل کي پڙھڻ تي دل چوندي۔ نہ تہ ناقص مطلع کي پڙھڻ سان، باقي غزل پڙھڻ تان روح ئي کڄي ويندو۔

“گهر گهر جي آ غربت سان جنگ۔

ڇيڻيءَ جي ڄڻ پربت سان جنگ۔”

ھنن ٻنھي سٽن ۾ قافيو ھم آواز ۽ رديف ساڳيو ئي آھي۔ جن غزلن ۾ رديف نہ ھوندو آھي انھن ۾ قافئي جي پابندي لازمي آھي۔ مثال طور:

“آء اڪيلو سامھون سٿ۔

خنجر خنجر ڪيئي ھٿ”

ھي مطلع آھي۔ ھن ۾ ٻئي سٽون ھم وزن ۽ ھم قافيہ آھن۔ سٿ ۽ ھٿ قافيا آھن۔

 مقطع لفظ جو ڌاتو “قطع” آھي۔ جنھنجي معنا آھي آخري۔ جيئن لفظ آھي قطع ڪلامي معنا گفتگو ختم ڪرڻ۔ ان ڪري مقطع آخري بند کي چئبو آھي جنھن ۾ شاعر پنھنجو نالو يا تخلص استعمال ڪندو آھي۔ ڪجهہ جید قسم جي شاعرن وري ان اصول جي پاسداري بہ نہ ڪئي آھي۔ جيئن۔

“انشا“ جی اٹھو اب کوچ کرو، اس شہر میں جی کو لگانا کیا۔

وحشی کو سکوں سے کیا مطلب، جوگی کا نگر میں تھکانا کیا“

ھن غزل ۾ شاعر پنھنجو نالو مطلع جي شروعات ۾ ئي ڏنو آھي۔ سو اھو طع آھي تہ مقطع ۾ شاعر پنھنجو تخلص يا نالو شامل ڪندو آھي۔ جنھن غزل جي آخري بند ۾ شاعر جو نالو يا تخلص نہ ھوندو آھي ان کي بغير مقطع جي غزل چئبو آھي۔ ڪجهہ شاعرن جا نالا ۽ تخلص ساڳيا ئي ھوندا آھن جيئن فيض احمد “فيض”، مير تقي “مير” پر ڪجهہ ماٹھن جا نالا ٻيا ۽ تخلص ٻيا ھوندا آھن۔ جيئن اسد الله “غالب”، شيخ مبارڪ علي “اياز” احمد شاھ “استاد بخاري۔”

ڪجهہ شاعر نالي ۽ تخلص جي جاءِ تي پنھنجي ذات استعمال ڪندا آھن۔ جيئن استاد بخاري ڪڏھن ”استاد“ تہ ڪڏھن ”بخاري“ استعمال ڪندو ھيو۔ تنوير عباسي پنھنجي تخلص “مغموم” مان جند ڇڏائي ويو ھيو۔ ۽ بعد ۾ تنوير استعمال ڪندو ھيو۔ ڪي شاعر يا ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن پنھنجن نالن سان پنھنجي علائقي شھر يا ڳوٺ جو نالو جوڙيندا ھئا۔ جيئن حڪيم فتح محمد “سيوھاڻي”، ارڏو “اترادي”، سيف “ٻنوي”، راشد “مورائي”، اميد “خيرپوري”، انور “ڏنگڙائي”، آثم “ناٿن شاھي”۔ وسند “ٿري” ساحر “لڌيانوي”، داغ “دھلوي” قمر “جلالوي” ۽ مجروح “سلطانپوري” وغيره۔

اچو تہ ھاڻي بحر، وزن ۽ تقطيع کي سمجهون۔ بحر جو مطلب سمنڊ ئي آھي۔شاعري پاڻ ھڪ بحر بيڪران آھي۔ اندر جي ايٽلانٽڪ منجهان اڻ ميا جذبا لھرن جي صورت ۾ ٻاھر اچن ٿا۔ پر جذبن جي مجبوري آھي تہ کین ٻوليءَ جي قالب ۾ بند ڪرڻو ٿو پوي۔ ٻولي وري لفظن جي محتاج آھي ۽ ھر لفظ کي ھڪ وزن/meter آھي۔ ان وزن جي علم کي، “علم عروض” چئجي ٿو۔ جنھن جا پنھنجا وٽ ۽ تارازيون آھن۔ وٽن کي وزن ۽ تارازيءَ کي تقطيع ٿو چئجي۔ وٽ دڪي، آني، پاءَ ۽ سير جا اوھان ڏٺا ھوندا پر ھي۔ فعلن، فاعلن، فعولن، مفعولن، مفاعيلن، مفاعلاتن، مستفعولن جي وزن جا ٿيندا آھن۔ ھنن جا رڪن يا اکر ساڪن ۽ متحرڪ ٿين ٿا۔ ان ڪري ٻوليءَ جي خرزين مان اھڙا لفظ ڪڍي ھتي رکڻا آھن، جيڪي مٿين وزنن جيترا ھجن۔ ھاڻي اوھانجي مرضي آھي تہ اوھان ڪھڙو وزن ٿا رکو۔ مثال طور: اوھان چار دفعا فعلن جو وزن ٿا کڻو تہ لفظ بہ انھن جا ھم وزن رکندءُ۔ نہ گهٽ نہ وڌ۔ گهٽ وڌ رکڻ سان شعر وزن مان نڪري ويندو ۽ بدگونيا ٿي ويندو۔ اوھان الڳ الڳ ارڪان کڻي بہ بحر ٺاھي سگهو ٿا۔

جيئن مفعول، فاعلاتن، مفعول، فاعلاتن۔

”یہ نہ تھی ہماری قسمت کہ وصال یار ہوتا،

اگر اور جیتے رہتے، یہ ہی انتظار ہوتا۔“

ترے واعدے پے جئے ہم تو یہ جان جھوٹ جانا،

کہ خوشی سے مر نہ جاتے، اگر اعتبار ہوتا۔

یہ کہاں کی دوستی ہے کہ بنے ہیں دوست ناصح،

کوئی چارہ ساز ہوتا، کوئی غم غسار ہوتا۔

تجھے کیا خبر یہ کیا ہے، شب غم بری بلا ہے۔

ہمیں کیا برا تھا مرنا، اگر ایک بار ہوتا۔

ہوئے مر کے ہم جو رسوا، ہوئے کیوں نہ غرق دريا۔

نہ کہیں جنازہ اٹھتا، نہ کہیں مزار ہوتا۔

یہ مسائل تصوف، یہ ترا بیان ”غالب۔“

تجھے ہم ولی سمجھتے، جو نہ بادہ خوار ہوتا۔“

 ھن ۾ چارئي وَٽَ الڳ الڳ آھن۔ ان ڪري لفظن جي لھڻ اڀرڻ تي ھڪ پابندي لاڳو ٿئي ٿي۔ شاعریءَ ۾ بحر مان مراد آھي جملن جو اھو مقرر وزن، پیمانو یا لفظن جو آھنگي قالب جنھن جي ترتيب ۽ جوڙجڪ ذريعي لفظن کي اھڙي سٽاء ۾ رکيو وڃي جو شعر ۾ موسيقيت، ڪن رس ۽ توازن برقرار رھي۔ غالب جو مشھور شعر آھي تہ

”ابن مریم ہوا کرے کوئی،

مرے دکھ کی دوا کرے کوئی۔“

ھاڻي سوال ٿو اڀري تہ مٿين شعر ۾ لفظ دک/ڏک جي جاءِ تي غم ڇو نہ وڌو ويو؟ جڏھن تہ ڏک ۽ غم نہ صرف ھم وزن آھن پر ھم معنا بہ آھن؟ تہ جواب آھي تہ صرف لفظن جو وزن ھڪ جيترو رکڻو ناھي پر موضوع جي ڪيفت کي بہ سامھون رکڻو آھي۔ ڏک شخصي احساس آھي ۽ غم عام احساس آھي۔ انڪري ھتي پنھنجي ذاتي درد جي اپٽار ٿيل آھي۔ جيڪر ابن مريم اچي منھنجي ڏک جي مسيحائي ڪري۔

سڀ کان طويل بحر وارو غزل مضطر خيرآباديء جو لکيل آھي۔ ان ڪري ان تي نالو ئي بحر طويل پيل آھي۔

غزل جو اصل روح تغزل آھي۔ ادبي اصطلاح ۾ تغزل مان مراد، شعر جي اھا اندروني خاص ڪيفیت آھي، جنھن کي پڙھي یا ٻڌي ڪري قاريءَ يا ٻڌندڙ جي  دل ۽ دماغ تي ھڪ رومانوي، درد انگیز يا  وجد آفرین ڪيفيت طاری ٿي ويندي آھي۔ ٻڌندڙ جي واتان بي ساختہ واھ واھ نڪري ويندي آھي۔ جيڪو شاعر سڀ کان وڌيڪ ڀيرا واھ واھ ڪرائي ويندو آھي۔ ان لاءِ چيو ويندو آھي تہ مشاعرو لٽي ويو۔ غزل جي بند بند ۾ تضاد کي اڀاري ان مان ڇرڪائيندڙ نتيجو ڪڍڻ تغزل آھي۔ غزل جي اندر جيڪو بيان ڪجي سو تغزل ناھي۔ پر جيڪو بيان ڪندي ڪندي، بيان ڪرڻ کان رھجي وڃڻ جي باوجود بہ محسوس ڪري وٺجي سو تغزل آھي۔

“جو دکھ رہا اسی کے اندر جو ان دکھا ہے وہ شاعری ہے

جو کہہ سکا تھا وہ کہہ چکا ہوں جو رہ گیا ہے وہ شاعری ہے

یہ شہر سارا تو روشنی میں کھلا پڑا ہے سو کیا لکھوں میں

وہ دور جنگل کی جھونپڑی میں جو اک دیا ہے وہ شاعری ہے

دلوں کے مابین گفتگو میں تمام باتیں اضافتیں ہیں

تمہاری باتوں کا ہر توقف جو بولتا ہے وہ شاعری ہے.

تمام دریا جو ایک سمندر میں گر رہے ہیں تو کیا عجب ہے

وہ ایک دریا جو راستے میں ہی رہ گیا ہے وہ شاعری ہے

(احمد سلمان)

غزل گو شاعرن ديوان لکيا آھن۔ الفابيٽ جي ترتيب سان الف کان وٺي ي تائين، رديف جو آخري لفظ استعمال ڪندي، لکيل غزلن جي مجموعي کي، ديوان چئبو آھي۔ ديوان ۽ ڪليات ۾ فرق آھي۔ ڪليات ۾ غزل، نظم، رباعيون مسدس ۽ ٻئي سموري شاعري گڏ ڪري ڇپائبي آھي۔

پھريون ڀاڱو پڙھڻ لاءِ لنڪ

_________

Khadim Mangi-TheAsiaN

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button