سنڌ کي تصوف جي نئين ڪردار جي ضرورت آهي
تصوف رڳو حوالن ۾ نه، عملي زندگيءَ ۾ به نظر اچڻ گهرجي. صوفيءَ جي منزل صرف عبادت نه، انسانيت آهي. صرف ذڪر جو ئي نه، ذميواري جو به نالو آهي. صرف محبت جو اظهار نه، محبت جي لاءِ قربانيون جي عمل جو پڻ گهرجائو آهي ۽ صرف پنهنجي نجات نه، سڀني جي ڀلائيءَ جي خواهش به ضروري آهي.

نسيم بخاري
سنڌ جي صوفي فڪر کي دنيا تائين پهچائڻ جي ضرورت بلڪل آهي، پر ان کان به وڌيڪ ضروري ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي صوفي فڪر کي پنهنجي اندر تائين پهچايو وڃي. شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي، بيدل ۽ سنڌ جي ٻين صوفين جا فڪر جيڪڏهن اسان جي ڪتابن، سيمينارن، تقريرن ۽ محفلن تائين محدود رهيا ۽ اسان جي گهرن، اوطاقن، اسڪولن، يونيورسٽين، بازارن ۽ روزمرهه جي روين تائين نه پهتا ته پوءِ تصوف اسان لاءِ علم ته ٿي سگهي ٿو، پر زندگيءَ جو عمل نٿو بڻجي سگهي.
شڪارپور جي شيخ اياز يونيورسٽي ۾ ”سنڌ جي صوفين جو عالمي امن جي حوالي سان فڪري پيغام“ جي عنوان سان ٿيل سيمينار ۾ يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو جو صدارتي خطاب، ان لحاظ کان، هڪ اهم فڪري سوال کڻي آيو ته اسان آخر تصوف مان ڇا حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا؟
ڊاڪٽر امام دين کوسي جو چوڻ هو ته سنڌ جي صوفي فڪر کي عالمي سطح تي مختلف حوالن سان عام ڪرڻ سان گڏ، ان فڪر تي عملي طور پاڻ به هلڻ ضروري آهي. شروعات ڪنهن وڏي تحريڪ، وڏي اداري يا وڏي تقرير کان نه، پر پنهنجي گهر کان ڪرڻي پوندي.
جيڪڏهن گهر ۾ ڪوڙ عام هجي، غيبت روزمرهه جو معمول هجي، هڪ ٻئي لاءِ نفرت، ڪاوڙ ۽ عدم برداشت هجي ته پوءِ اهي منفي رويا گهر جي چوديواريءَ تائين ڪيئن محدود رهندا؟ ٻار انهن کي ڏسي سکندا، پاڙو انهن جو اثر وٺندو، اسڪول انهن جو شڪار ٿيندا ۽ آخرڪار سڄو سماج ان ذهنيت جي قيمت ادا ڪندو.
تصوف جو پهريون سبق شايد اهو ئي آهي ته انسان پهرين پاڻ کي بدلائي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ به انسان جي اندر جي سفر کي بنيادي اهميت حاصل آهي. لطيف جو سڄو پيغام محبت، رواداري، سچ، همت، انسان دوستي ۽ پنهنجي اندر جي سڃاڻپ جي چوڌاري ڦري ٿو. هو اسان کي رڳو منزل جو پتو نٿو ڏئي، پر منزل ڏانهن ويندڙ اندروني رستي جو به شعور ڏئي ٿو.
لطيف سائينءَ جي اها دعا اڄ به جڳ جھان توڙي سنڌ جي اجتماعي روح جي ترجماني ڪري ٿي:
”سائينم سدائينم ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪريڻ.“
هيءَ دعا رڳو سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ دعا ناهي؛ هيءَ هڪ مڪمل صوفياڻو تصور آهي. ”عالم سڀ آباد ڪرين“ ۾ ذات، برادري، مذهب، مسلڪ ۽ سرحدن کان مٿانهين انسان دوستيءَ جو تصور سمايل آهي.
اسان جيڪڏهن لطيف کي واقعي سمجهون ٿا ته پوءِ اسان جي دل ۾ ڪنهن ٻئي انسان لاءِ نفرت جي جاءِ ۽ انجي گنجائش ختم ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن سچل کي پڙهون ٿا ته اسان جي سوچ ۾ وسعت اچڻ گهرجي. جيڪڏهن بيدل کي پڙهون ٿا ته اسان کي پنهنجي انا سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن تصوف کي زندگيءَ جو رستو سمجهون ٿا ته پوءِ اسان جي زبان، عمل ۽ ڪردار ۾ ان جو ثبوت به ھر ڪنھن کي نظر اچڻ گهرجي.
ريسرچ اسڪالر ساغر ابڙي به سيمينار ۾ سچي صوفيءَ جون نشانيون بيان ڪندي هڪ اهم ڳالهه ڪئي ته صوفي مساوات کي يقيني بڻائي ٿو، عشق صوفياڻي فڪر جو بنياد آهي، صوفيءَ جي دل ۾ انا، غرور، تڪبر ۽ شهرت جي بلندين کي ڇهڻ جي خواهش نه پلبي آهي، جڏهن ته عاجزي سندس زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي وڃي ٿي.
هيءَ ڳالهه اسان جي موجوده سماج لاءِ خاص اهميت رکي ٿي.
اڄ اسان وٽ ماڻهو ٿوري طاقت ملڻ سان وڏا مغرور ٿي وڃن ٿا، ٿورو پئسو اچڻ سان پاڻ کي ٻين کان مٿانهون سمجهڻ لڳن ٿا، ڪنهن اداري ۾ ننڍي وڏي ڪرسي ملڻ سان سندن رويو تبديل ٿي وڃي ٿو. اسان جي سماج ۾ ”مان“ ايترو وڏو ٿي ويو آهي جو ”اسين“ ان جي هيٺان دٻجي ويو آهي.
تصوف ان ”مان“ کي ٽوڙڻ جو نالو آهي.
صوفيءَ وٽ دولت کان وڌيڪ دل جي دولت، طاقت کان وڌيڪ محبت، شهرت کان وڌيڪ خدمت ۽ اختلاف کان وڌيڪ احترام جي اهميت هوندي آهي.
سچل سرمست جو فڪر به انسان کي تنگ دائري مان ڪڍي ڪائناتي محبت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. سچل جو پيغام اهو هو ته انسان پنهنجي اندر جي حقيقت کي سڃاڻي ۽ ظاهري فرقن کان مٿانهون ٿي انسان کي انسان سمجهي.
تصوف جو اصل حسن ئي اهو آهي ته اهو نفرت کي محبت سان، غرور کي عاجزيءَ سان، انتقام کي معافيءَ سان ۽ اونداهيءَ کي سوجھري سان تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
پر سوال اهو آهي ته اسان جي سماج ۾ اهي تبديليون ڇو نظر نٿيون اچن؟
پاڪستان ۾ ذهني صحت بابت ڳڻتيون وڌي رهيون آهن. مختلف رپورٽن ۾ لکين ماڻهن جي ذهني صحت جي مسئلن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، پر اسان وٽ اڃا تائين ذهني بيماريءَ کي به اڪثر بيماري ئي نٿو سمجهيو وڃي. ڪنهن شخص جي اندروني تڪليف کي سمجهڻ بدران کيس ”ڪمزور“، ”عجيب“ يا ”پاڳل“ قرار ڏيڻ آسان سمجهيو وڃي ٿو.
هتي تصوف اسان کي هڪ ٻيو سبق ڏئي ٿو: ٻئي انسان جي اندر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو.
هر اختلاف دشمني ناهي.
اسان جي سماج ۾ اختلافِ راءِ کي دشمنيءَ جي علامت سمجهڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. ڪو اسان کان مختلف سوچ رکي ٿو ته اسان فوراً کيس پنهنجو مخالف سمجهون ٿا. ڪو اسان جي راءِ سان اختلاف ڪري ٿو ته اسان ان جي نيت تي شڪ ڪرڻ شروع ڪريون ٿا.
حالانڪه صحتمند سماج ۾ اختلاف سوچ جي واڌ جو سبب بڻجي ٿو.
ٻين جي راءِ، عقيدي ۽ وجود جو احترام ڪرڻ اسان کي شرعي، سماجي ۽ قانوني طور سيکاريو ويو آهي. پر ان احترام جون تجليون صرف ڪتابن ۽ تقريرن ۾ نه، اسان جي روين ۽ حڪمت عملين ۾ به نظر اچڻ گهرجن.
شيخ اياز يونيورسٽيءِ ۾ ٿيل هي پروگرام ان ڪري به اهم آهي جو شڪارپور ۾ تصوف جي حوالي سان مختلف تنظيمن ۽ ادارن پاران ڪيتريون ئي تقريبون ٿينديون رهيون آهن، پر ڪنهن وڏي تعليمي اداري ۾ هن نوعيت جو فڪري پروگرام، ماضيءَ جي ويجهي عرصي کي نظر ۾ رکندي، پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد قدم محسوس ٿئي ٿو.
شڪارپور کي اهڙين سرگرمين جي شديد ضرورت آهي.
هڪ اهڙو شهر، جنهن جي تاريخ علم، ادب، تجارت، موسيقي، فن، ثقافت ۽ رواداري سان مالا مال رهي آهي، اڄ قبيلائي تڪرارن، انتهاپسندي، فرقيوارانه ذهنيت، جهالت، بدامني ۽ ٻين سماجي براين جي مختلف صورتن سان منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو تعليمي ادارو نوجوانن کي بندوق بدران ڪتاب، نفرت بدران محبت، انتقام بدران برداشت ۽ تعصب بدران انسانيت ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي رڳو هڪ پروگرام نه، سماجي سڌارو سمجهڻ گهرجي.
شيخ اياز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نويد احمد شيخ جي سربراهيءَ ۾ لڳاتار علمي، ادبي، ثقافتي ۽ فڪري سرگرمين جو سلسلو جاري رهڻ پڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته يونيورسٽي رڳو ڊگريون ڏيڻ واري اداري تائين محدود رهڻ بدران شهر ۽ سماج سان پنهنجي فڪري وابستگي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

يونيورسٽيءَ جا دروازا جڏهن سماج جي مسئلن، ادب، فڪر ۽ ثقافت لاءِ کلن ٿا ته انهن مان صرف شاگرد نه، سڄو سماج سکڻ شروع ڪري ٿو.
هن سيمينار ۾ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ اسڪالرن آن لائن ۽ رڪارڊ ٿيل خطابن وسيلي سنڌ جي صوفي فڪر ۽ عالمي امن بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. مختلف شهرن مان آيل محققن ۽ دانشورن پڻ پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ صوفي فڪر جي مختلف پاسن کي اجاگر ڪيو.
مقررن ۾ ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، پير محمد ڪيلاش، عروج ابراهيم، محسن علي، فهيم احمد، عبدالقدير، ميان علي رضا، محمد عثمان ۽ ٻيا شامل هئا.
۽ پوءِ صوفي محفل جو رنگ هو، جتي فنڪار ساقي بابر مغل جي مڌر آواز سامعين کي پنهنجي طرف ڇڪي ورتو. محفل ۾ ويٺل ماڻهو صرف ٻڌندا نه رهيا، پر موسيقيءَ جي روحاني ڪيفيت سان گڏ جهومڻ تي مجبور به ٿيا.
شايد تصوف جي هڪ خوبصورت خوبي اها به آهي ته اهو فڪر کي احساس سان ۽ احساس کي عمل سان ڳنڍي ٿو.
پر اسان کي هتي هڪ ڳالهه ياد رکڻي پوندي: صوفي محفل ۾ جهومڻ آسان آهي، صوفيءَ وانگر جيئڻ ڏکيو آهي.
شاهه لطيف جو بيت پڙهڻ آسان آهي، پر ان جي معنيٰ پنهنجي ڪردار ۾ پيدا ڪرڻ ڏکيو آهي.
سچل جو پيغام ٻڌڻ آسان آهي، پر پنهنجي دل مان نفرت ڪڍڻ ڏکيو آهي.
بيدل جو فڪر بيان ڪرڻ آسان آهي، پر پنهنجي انا کي مات ڏيڻ ڏکيو آهي.
ان ڪري اڄ سنڌ کي تصوف جي نون ڪتابن کان وڌيڪ تصوف جي نئين ڪردار جي ضرورت آهي.
اسان مان هر ماڻهو جيڪڏهن روزانو پنهنجي اندر هڪ ننڍڙي تبديلي آڻي، ڪنهن سان ڪوڙ ڳالهائڻ کان پاسو ڪري، ڪنهن جي غيبت نه ڪري، ڪنهن جي دل نه ڏکائي، ڪنهن اختلاف ڪندڙ کي دشمن نه سمجهي، ڪنهن ڪمزور سان طاقت جو ناجائز استعمال نه ڪري، ڪنهن محتاج جي مدد ڪري ۽ پنهنجي گهر ۾ محبت جو هڪ جملو وڌيڪ ڳالهائي ته شايد اها تبديلي آهستي آهستي گهر کان پاڙي، پاڙي کان شهر ۽ شهر کان سماج تائين پهچي سگهي ٿي.
تصوف جو سفر به شايد ائين ئي شروع ٿئي ٿو.
پاڻ کان.
پاڻ کي سڃاڻڻ کان.
پنهنجي حيثيت سمجهڻ کان.
پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪرڻ کان.
۽ پوءِ پنهنجي وجود کي اجتماعي ڀلائيءَ لاءِ وقف ڪرڻ کان.
اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته دنيا کي بدلائڻ کان اڳ انسان کي پنهنجو اندر بدلائڻو پوندو. جنهن فرد ۾ محبت ناهي، اهو دنيا کي امن جو سبق نٿو ڏئي سگهي. جنهن دل ۾ نفرت ڀريل آهي، اها عالمي امن جا نعرا ته هڻي سگهي ٿي، پر امن پيدا نٿي ڪري سگهي.
صوفيءَ جي منزل صرف عبادت نه، انسانيت آهي.
صرف ذڪر جو ئي نه، ذميواري جو به نالو آهي.
صرف محبت جو اظهار نه، محبت جي لاءِ قربانيون جي عمل جو پڻ گهرجائو آهي.
۽ صرف پنهنجي نجات نه، سڀني جي ڀلائيءَ جي خواهش به ان ھن ضروري آهي.
____________
نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



