Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڪراچي: بولٽن مارڪيٽ واري ميمڻ مسجد مھاڻن جي قبرستان تي اڏيل آھي

ڪراچيءَ جي سڀ کان قيمتي ۽ ڪمرشل علائقي تي ورهاڱي کانپوءِ اڏيل نيو ميمڻ مسجد (بولٽن مارڪيٽ)، مياڻيءَ مان ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيل مھاڻن جي قبرستان مٿان قائم ٿيل آهي.

ڪراچيءَ ۾ انگريز دور ۾ جوڙيل سولجر بازار سبزي فروٽ مارڪيٽ، ايمپريس مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ ٻين مارڪيٽن کان قديم، مياڻي (لسٻيله) مان ڪراچي ۾ آباد ٿيندڙ مھاڻن جو قائم ڪيل مڇي مياڻي مارڪيٽ (کارادر) آهي، جيڪو اڄ به هڪ نئين انداز سان قائم و دائم آهي.

ڪراچيءَ جو سڀ کان قديم عيدگاھ بندر روڊ وارو مشهور عيدگاهه يا چاڪيواڙي فقير محمد درا خان روڊ وارو نہ، بلڪ کڏي ۾ ”محمدن عيدگاهه ٽرسٽ“ جو قائم ڪيل عيدگاهه هو، جنهن جي آسپاس اڄڪلهه مدرسہ مظهر العلوم اسڪول، مدرسہ مظهر العلوم ۽ سندن موجوده عيدگاهه قائم آهي ۽ عبدالله هارون يتيم خانه اسڪول  ۽ ڪاليج جون عمارتون موجود آهن.

ليکڪ: ابراھيم صالح محمد

​سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلن تي آيل سونامي ۽ سونمياڻي (لسٻيله) جي ماهيگيري توڙي واپاري بندرگاهه جي تباهيءَ کانپوءِ، ٻيلي جي مھاڻن جو هڪ وڏو تعداد سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ ڪراچيءَ جي ساحل سان لڳل ٽڪري (جيڪا موجوده ٽاور، کارادر ۽ مٺادر تي مشتمل هئي) تي آباد ٿيو. بعد ۾ هتي هڪ ديوار بنائي هڪ محفوظ رهائشي شهر جو بنياد رکيو ويو.

​ان وقت لياري نديءَ جي هڪ شاخ، جنهن کي انگريزن جي دور ۾ پُوري هڪ نالي جي شڪل ڏئي تمام گهڻي زمين حاصل ڪئي وئي هئي، جتان هن وقت لائيٽ هائوس وارو نالو گذري رهيو آهي، ان ئي نديءَ جي ڪناري تي موجوده بولٽن مارڪيٽ واري علائقي ۾ جتي اڄڪلهه نيو ميمڻ مسجد آهي، انهن (مھاڻن) پنهنجي ميتن کي دفنائڻ لاءِ هڪ باقاعده قبرستان قائم ڪيو هو. جيڪو انگريز دور ۾ مھاڻن جي ان ٽڪريءَ تان کڏي ڏانهن منتقلي جي باوجود ”محمدن بريل گرائونڊ“ جي نالي سان موجود رهيو.

​پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ دهلي شهر مان آيل مهاجرن ۾ هڪ جماعت ”غربا اهلحديث“ ان قبرستان جي زمين تي قبضو ڪيو ۽ هتي پنهنجي مسجد کڙي ڪئي. بعد ۾ ڪراچيءَ جي ڪمشنر سيد هاشم رضا انهن کان اها زمين خالي ڪرائي کين برنس روڊ تي هندن جي ڇڏيل هڪ حويليءَ ۾ منتقل ڪيو ۽ هيءَ مسجد پنهنجي نگرانيءَ ۾ اهل سنت جي بريلوي جماعت جي حوالي ڪئي.

​هتي سرسري طور هڪ ڳالهه ڪندو هلان ته انگريزن پاران هندستان ۾ ديوبندي، بريلوي ۽ ٻين فرقن جا مدرسا قائم ڪرڻ کان اڳ ڪراچي جا اڪثر مسلمان انهن فرقن کان مٿانهان رڳو سني عقيدي جا هئا. ڪراچي ۾ شيعه مڪتبه فڪر انگريز دور ۾ آيل ڪڇي پيرائي (اسماعيلي) ۽ ڪڇي شيعه اثنا عشري ماڻهن جي ڪڇ مان آمد ۽ کارادر ۾ رهائش کانپوءِ شروع ٿيو. اهڙي طرح سُني به انگريز دور ۾ ديوبندي ۽ بريلوي مڪتبه فڪر ۾ تقسيم ٿيا. مدرسہ مظهر العلوم وارا، جيڪي گھوڙا ٻاري جي ميمڻن سان گڏ ڪراچيءَ آيا ۽ کڏي جي مھاڻن جي وچ ۾ آباد ٿيا، جتي مولانا عبدالله (مولانا صادق جو والد صاحب) پنهنجو مدرسو قائم ڪيو ۽ پوءِ اهي ماڻهو جمعيت علماءِ هند (ديوبندي مسلڪ) سان لاڳاپجي ويا. پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا صادق جي زماني ۾ قومپرستي جي رجحان واري ”جمعيت علماءِ سنڌ“ بنائي وئي، جڏهن ته ٻئي طرف صدر ۽ شهر جي آسپاس وارن علائقن سان لاڳاپيل مولانا ظهور الحسن درس (اصغر درس جو والد صاحب) وارا بريلوي مسلڪ سان لاڳاپيل هئا. ڪراچي ۾ ورهاڱي کان اڳ بريلوين ۽ ديوبندين جي قيادت سنڌي عالمن جي هٿ ۾ هئي، جيڪا بعد ۾ ورهاڱي کانپوءِ ايندڙ مهاجر، پشتون ۽ پنجاب جي عالمن ڏانهن هلي وئي.

​ٻئي پاسي ”غربا اهلحديث“، هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ ايندڙ مهاجر اهلحديثن جي پهرين جماعت هئي جيڪا باقاعده جماعتي حيثيت ۾ ڪراچي ۾ قائم ٿي. جڏهن ته اهلحديثن جي ٻي جماعت ”مرڪزي اهلحديث“ دهلي جي واپارين پاران ڪورٽ روڊ تي مسجد بنائي قائم ڪئي وئي هئي. اهلحديثن جي انهن ٻنهي گروهن ۾ هڪ واضح فرق هو: غربا اهلحديث وارا پنهنجي پيشوا کي نسل در نسل هلندڙ امامت جي حيثيت ۾ رکن ٿا ۽ هو الله (خدا) جي شخصي وجود جا قائل آهن، جڏهن ته مرڪزي جمعيت اهلحديث وارا پنهنجو امير مقرر ڪندا هئا ۽ هو خدا جي شخصي وجود جا قائل نه هئا.

​مڇي مياڻي مارڪيٽ کارادر بابت:

​جديد دور جي اسٽيم شپ، ڊيزل شپ ۽ ايٽمي توانائي تي هلندڙ بحري جهازن کان اڳ، سنڌو تهذيب جا واپاري پنهنجن بادباني ٻيڙن ذريعي لوٿل (گجرات) کان وٺي مڪران تائين جي پنهنجي ساحلي بندرگاهن ذريعي سنگاپور جي ساحلن کان وٺي ايران، عربستان جي ساحلن کان ٿيندا ڏکڻ آفريڪا جي ڪيپ ٽائون تائين بحري واپار جا بادشاهه هئا. انهن ٻيڙن جا ناخدا (ڪيپٽن) ۽ معلم (سمندري نيويگيٽرز، جيڪي لهرن، سمنڊ اندر چٽاڻن، رستن ۽ تارن جي علم جا ماهر هئا) سڄي سمنڊ جي چپي چپي کان واقف هوندا هئا. هي ماڻهو پنهنجن علائقن مان روزاني ضرورت جي شين سان گڏ قيمتي پٿر، سڪل مڇي، هڏا، مصالحا، چمڙي جا رنگ، ڪپڙو، اُن، گهه، ڪڻڪ، تيل ۽ نيل وغيره جو واپار ڪندا هئا ۽ اتان ٻيون قيمتي شيون برصغير کڻي ايندا هئا.

​هي ماڻهو جنهن به بندرگاهه تي ويندا هئا، اتي هڪ شهر ۽ واپاري مرڪز بڻجي ويندو هو ۽ اتي ئي بازارون لڳنديون هيون. ان ڪري شروع شروع ۾ ڪراچي جي بندر تي به بحري ٻيڙن جي اچ وڃ وقت ساحل تي ئي بازارون لڳنديون هيون. لسٻيلي جي مھاڻن جي ڪراچي آمد ۽ هڪ باقاعده قلعي بند شهر بڻجڻ کانپوءِ، قلعي جي اندر ئي موجود کارادر جي وڏي اسماعيلي جماعت خاني ۽ اڳوڻي جعفر فدو ڊسپنسري (هاڻوڪي ڪتياڻه ميمڻ اسپتال) جي ويجهو ٽالپر دور حڪومت ۾ ضرورت جي شين ۽ مڇي جي خريد و فروخت لاءِ ”مڇي مياڻي مارڪيٽ“ وجود ۾ آئي.

​ڪراچي (سنڌ) تي انگريزن جي قبضي کانپوءِ، انگريز دور حڪومت ۾ سن 1855ع جي لڳ ڀڳ هن مارڪيٽ جي نئين سر جوڙجڪ ٿي. انگريزن بعد ۾ ايمپريس مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ، سولجر بازار، لڪشمي داس مارڪيٽ، ڪوچن والا مارڪيٽ، رنڇوڙ لائين مارڪيٽ سميت ڪيتريون ئي بازارون قائم ڪيون، پر کارادر جي هي مڇي مياڻي مارڪيٽ اڄ به پنهنجو وجود برقرار رکيو بيٺي آهي.

​محمدن عيدگاهه ٽرسٽ بابت يادگيريون:

​انگريزن پاران لياري نديءَ جي مختلف شاخن کي پورڻ ۽ انهن کي وڏن نالن ۾ تبديل ڪري مارٽن ڪوارٽرز، گارڊن ڪوارٽرز ۽ لياري ڪوارٽرز جي زمين حاصل ڪرڻ کان اڳ، ۽ کارادر مٺادر جي ٽڪري تان مھاڻن جي کڏي ڏانهن منتقلي کانپوءِ لياري ۾ سڀ کان پهريان نئون آباد (نواباد) ۽ موسيٰ لين جو جنم ٿيو (هن موضوع تي مڪمل مضمون پوءِ لکندس). کڏي ۽ نواباد جي وچ ۾ انگريزن مسلمانن جي درخواست تي هڪ تمام وڏي زمين ”محمدن عيدگاهه ٽرسٽ“ جي نالي الاٽ ڪئي. ان ئي زمين ۽ ان جي آسپاس اڄڪلهه مدرسہ مظهر العلوم گرلز اسڪول، مدرسہ مظهر العلوم، موجوده هارون اسڪول و ڪاليج، عبدالله هارون يتيم خانه ۽ مدرسہ مظهر العلوم وارن جي عيدگاهه قائم آهن.

​ان ڪري تاريخ کي درست ڪندي اسان کي چوڻو پوندو ته ڪراچي جي سڀ کان قديم عيدگاهه نه بندر روڊ واري مشهور عيدگاهه آهي، نه چاڪيواڙو واري، بلڪه کڏي ۾ محمدن عيدگاهه ٽرسٽ جي هي عيدگاهه هئي. مونکي فخر آهي ته منهنجو مرحوم ڏاڏو حاجي بچل حسين ان ئي محمدن عيدگاهه ٽرسٽ جو هڪ ٽرسٽي پڻ رهيو هو.

_________________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمف ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button