ڏانوڌانڌل ايمبولنس سانحو: سنڌ جي صحت کاتي جي بدانتظامي!
نگرپار جي شھر ڏانوڌانڌل ۾ آڪسيجن سلئنڊر ڌماڪو ڏهن معصوم زندگين کي ڳڙڪائي ويو. اھو دردناڪ واقعو سنڌ جي صحت کاتي جي بدانتظامي ۽ غفلت جو واضح ثبوت آهي.

نسيم بخاري
ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر جي شهر ڏانوڌانڌل ۾ آڪسيجن سلينڊر ڦاٽڻ سبب ايمبولنس کي لڳل باهه ڏهن انسانن جون حياتيون ڳڙڪائي وئي آهي. فوتين ۾ صحت مرڪز جا ملازم، هڪ عورت، سندس خاندان جا ڀاتي ۽ هڪ تازو ڄاول ٻار به شامل آهن. هي واقعو رڳو هڪ حادثو نه، پر اسان جي صحت واري نظام ۾ حفاظت، فني تربيت ۽ انتظام ناڪاميءَ جو آئينو آھي.
28 آڪٽوبر 2026ع جي رات پيش آيل هن المناڪ واقعي بابت 30 آڪٽوبر تائين سامهون آيل رپورٽن موجب، ڳوٺ بودر جي رهواسڻ راجو ميگهواڙ کي پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيئيٽو (پي پي ايڇ آءِ) جي بنيادي صحت مرڪز ۾ ويم لاءِ آندو ويو هو. سندس نارمل ڊليوري کان پوءِ طبيعت خراب ٿي، جنهن ڪري کيس مٺي اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ايمبولينس ۾ آڪسيجن سلينڊر لڳائڻ يا تبديل ڪرڻ دوران اوچتو ڌماڪو ٿيو ۽ گاڏي باهه جي لپيٽ ۾ اچي وئي.
هن حادثي ۾ ايمبولينس ڊرائيور پانڌي راڄڙ، ڊسپينسر دينو ميگهواڙ، چوڪيدار اسحاق ٿيٻو، جسونت ميگهواڙ، لڇمڻ ميگهواڙ، پرديپ ڀيل، لاڏو، ڪريمان، راجو ۽ هڪ تازو ڄاول ٻار سميت ڏهه ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. زخمين ۾ مڊوائيف ثمينه جوڻيجو ۽ نورجهان آرا به شامل آهن. واقعي بابت رپورٽن ۾ زخمين جي منتقلي ۽ علاج جا تفصيل مختلف مرحلن تي سامهون آيا آهن، جڏهن ته ٻارڙي سميت ڪجهه زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي اماڻيو ويو آھي .
هي انساني الميو انهن خاندانن لاءِ ڪڏهن به وسارڻ جهڙو نه رهندو، جن جا پيارا هڪ اهڙي گاڏيءَ ۾ سڙي فوت ٿيا، جيڪا بيمار ماڻهن کي زندگي بچائڻ لاءِ اسپتال پهچائڻ جو وسيلو هوندي آهي.
آڪسيجن، جيڪا زندگيءَ جو سهارو آهي، سا موت جو سبب ڪيئن بڻجي وئي؟
طبي سهولتن ۾ استعمال ٿيندڙ آڪسيجن سلينڊر انتهائي احتياط ۽ فني ڄاڻ سان سنڀالڻ گهرجن. سلينڊر جي حالت، والو، ريگيوليٽر، پريشر ۽ ڪنيڪشن جي درستگيءَ کان وٺي ان جي محفوظ نموني لڳائڻ تائين هر مرحلي تي احتياطي ضابطن جي پابندي لازمي آهي. آڪسيجن پاڻ ٻرندڙ گئس نه آهي، پر باهه کي انتهائي تيزيءَ سان ڀڙڪائي سگهي ٿي. تنهنڪري ان جي موجودگيءَ ۾ معمولي چڻنگ به خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري سگهندي آھي.
ڏانوڌانڌل واقعي ۾ ابتدائي ڄاڻ موجب ڊسپينسر ۽ چوڪيدار ايمبولينس ۾ آڪسيجن سلينڊر لڳائي رهيا هئا، جڏهن ته ڊرائيور به اتي موجود هو. زخمي مڊوائيف ثمينه جوڻيجو جي بيان مان پڻ سلينڊر لڳائڻ دوران اوچتو ڌماڪي ٿيڻ جي تصديق ٿئي ٿي. تنهن هوندي به ڌماڪي جو اصل فني سبب، سلينڊر جي حالت ۽ ان کي لڳائڻ وقت اختيار ڪيل طريقي بابت حتمي نتيجو باقاعده جاچ کان پوءِ ئي ڪڍي سگهجي ٿو.
واقعي جي جاچ ۾ اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته سلينڊر تبديل ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن وٽ هئي، عملي کي ان ڪم جي مناسب تربيت مليل هئي يا نه، ضروري حفاظتي سامان موجود هو يا نه، ۽ ايمبولينس جي فني حالت جي آخري ڀيري جاچ ڪڏهن ڪئي وئي هئي. جيڪڏهن ڪنهن جي غفلت، لاپرواهي يا مقرر حفاظتي ضابطن جي ڀڃڪڙي ثابت ٿئي ٿي ته ان جي ذميواريءَ جو تعين ۽ قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هر فوت ٿيل شخص جي خاندان لاءِ 20 لک رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري به شفاف جاچ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ حفاظتي انتظام مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. حڪومت پاران زخمين جي علاج ۽ واقعي جي جاچ بابت قدم کڻڻ ضروري آهن، پر انهن قدمن جي اصل اهميت تڏهن ثابت ٿيندي، جڏهن اعلان عملي نتيجن ۾ تبديل ٿيندا.
معاوضو ڏکويل خاندانن کي ڪجهه مالي سهارو ڏئي سگهي ٿو، پر ماءُ کان ٻار، ٻار کان ماءُ ۽ خاندان کان پنهنجا پيارا کسجڻ جو درد ختم نٿو ڪري سگهي. خاص طور تي ان معصوم ٻار جو موت، جنهن اڃا دنيا کي چڱيءَ طرح ڏٺو به نه هو، اسان جي اجتماعي ضمير کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي.
اسان جي انتظامي روايت ۾ ڪنهن وڏي سانحي کان پوءِ جاچ جو اعلان، مالي امداد جي منظوري ۽ اعليٰ اختيارين جي ڏک جو اظهار عام طور تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اصل پرک اها آهي ته جاچ ڪيتري شفاف نموني مڪمل ٿئي ٿي، ذميوار ڪير ثابت ٿين ٿا ۽ مستقبل ۾ اهڙي واقعي کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا عملي اپاء کنيا وڃن ٿا.
پاڪستان ۾ سلينڊر ڌماڪن سبب جاني نقصان جا واقعا اڳ به پيش ايندا رهيا آهن. فيبروري 2024ع ۾ ڪراچي جي سنڌ گورنمينٽ اسپتال لياقت آباد ۾ سلينڊر جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿيا هئا. اهڙن واقعن جو ورجاءُ ان ڳالهه جي گھر ڪري ٿو ته هر واقعي کي الڳ حادثو سمجهي فائل بند ڪرڻ بدران، حفاظتي خامين جي گڏيل جائزي ۽ انهن جي مستقل خاتمي تي ڌيان ڏنو وڃي.
سٺي انتظامي نظام جو بنيادي اصول اهو آهي ته خطري جي سڃاڻپ، عملي جي تربيت، فني جاچ، حفاظتي ضابطن ۽ جوابدهيءَ کي ادارتي نظام جو حصو بڻايو وڃي. ڪنهن به غفلت جي صورت ۾ ثبوتن جي بنياد تي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي اهڙو نظام مضبوط ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ ذميواريءَ جو تعين ڪنهن جي عهدي، اثر رسوخ يا سياسي وابستگيءَ کان متاثر نه ٿئي.
ڏانوڌانڌل جي سانحي کان پوءِ مقامي ماڻهن پي پي ايڇ آءِ اختيارين جي غفلت جو الزام هنيو آهي ۽ ضلعي مئنيجر سميت لاڳاپيل عملي خلاف ڪارروائيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. اهي الزام جاچ طلب آهن. ڪنهن به اداري کي رڳو ان بنياد تي ذميواريءَ کان آجو نٿو ڪري سگهجي ته ڌماڪو اوچتو ٿيو. حادثو اوچتو ٿيو. ان جي پويان موجود حفاظتي خاميون اڳواٽ سڃاڻڻ ۽ ختم ڪرڻ انتظاميا جي ذميواري هوندي آهي.
صحت جون سهولتون مهيا ڪندڙ ادارن جو ڪم رڳو ڊاڪٽر، ڊسپينسر، مڊوائيف يا ايمبولينس مقرر ڪرڻ ناهي، پر انهن کي محفوظ ماحول، مناسب تربيت ۽ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ پڻ آهي. مريض ۽ سندس وارث جڏهن سرڪاري صحت مرڪز جو در کڙڪائين ٿا ته اهي رڳو علاج جي اميد نٿا رکن، پر پنهنجي جان جي تحفظ جو ڀروسو به ڪن ٿا.
ڏانوڌانڌل جو ڏک اهو به آهي ته جن ماڻهن کي ٻين جي زندگين بچائڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي، تن مان ڪجهه پاڻ پڻ ان حادثي جو شڪار ٿي ويا. هر فوت ٿيل شخص جي زندگي، سندس خاندان ۽ سندس مستقبل پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل دنيا هئي.
حڪومت کي گهرجي ته واقعي جي فني ۽ انتظامي جاچ مڪمل ڪري، نتيجا عوام آڏو رکي، زخمين جي علاج ۽ متاثر خاندانن جي مدد کي يقيني بڻائي ۽ سنڌ جي سمورين ايمبولينسن ۾ آڪسيجن سلينڊرن، والو، ريگيوليٽر ۽ ٻين ضروري سامان جي فني جانچ ڪرائي. عملي جي تربيت ۽ هنگامي حالتن ۾ محفوظ طريقيڪار تي عمل ڪرائڻ کي به لازمي بڻايو وڃي.
ڏانوڌانڌل جي ڏکويل خاندانن کي رڳو همدردي نه، انصاف به گهرجي. ڏهن قيمتي جانين جو نقصان تڏهن ئي ڪنهن مثبت تبديليءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جڏهن هن سانحي مان سبق سکيو وڃي، ذميواريءَ جو تعين ٿئي ۽ اهڙا حفاظتي انتظام قائم ڪيا وڃن، جيڪي مستقبل ۾ ڪنهن ٻي ماءُ، ٻار يا خاندان کي اهڙي قيامت مان گذرڻ کان بچائي سگهن.
انصاف جو اصل معيار اهو ناهي ته حادثي کان پوءِ ڪيترا بيان جاري ٿيا يا ڪيتري رقم جو اعلان ڪيو ويو؛ اصل معيار اهو آهي ته ذميواري ڪيتري ايمانداريءَ سان قبول ڪئي وئي ۽ انساني زندگين جي حفاظت لاءِ ڪيتري عملي تبديلي آندي ويندي.
__________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



