سنڌ جي گادي ڪراچي: پرڏيهي قرض، ڪرپشن ڪھاڻي ۽ شھر جي تباهي
ڪراچي، جيڪو ڪنھن زماني ۾ روشنين جو شهر چيو ويندو هو، اهو اڄڪلهه بدانتظامي، ناقص منصوبه بندي ۽ ڪرپشن جي ڪري دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ ۽ ناقابلِ رھائش شهرن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪو آهي. اقتصادياتي ماهرن جي بين الاقوامي اداري (Economist Intelligence Unit) جي رپورٽن مطابق، ڪراچي تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ ماحول جي لحاظ کان رهڻ جي لائق نه رهندڙ دنيا جي ۵ بدترين شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو.

نصير اعجاز
سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ ڪجھ ورھين کان پرڏيھي قرض تي ھڪ رٿا شروع ڪئي ھئي جنھن جو نالو ھو ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ Karachi Neighborhood Improvement Project جنھن جو مقصد ھو ڪراچيءَ کي رھڻ لائق شھر بنائڻ، پر عملي طور انھيءَ جي ابتڙ تي رھيو آھي. سنڌ حڪومت ۾ ھر سطح تي وڏي پئماني تي ڪرپشن جي ڪري تباھي متل آهي جنھن جي ڪري ڪراچي رھڻ لائق شھر رھيو ئي ڪونھي. ڪروڙين ڊالرن جي شڪل ۾ ورتل پرڏيھي قرض بدعنوان حڪمران ھضم ڪري چُڪا آھن ۽ سولي سنڌيءَ واري چوڻيءَ مطابق اوڳرائي بہ ڪانہ ڏني اٿن. انھيءَ جو مطلب تہ اڃان ڍَءُ ڪونہ ٿيو اٿن.
ڪراچي، جيڪو ڪنھن زماني ۾ روشنين جو شهر چيو ويندو هو، اهو اڄڪلهه بدانتظامي، ناقص منصوبه بندي ۽ ڪرپشن جي ڪري دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ ۽ ناقابلِ رھائش شهرن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪو آهي. سنڌ حڪومت پاران بين الاقوامي مالياتي ادارن جهڙوڪ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان ڪراچي نيبرهُوڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ ھيٺ ڪيترائي اربين روپين جا منصوبا شروع ڪيا ويا، پر زميني حقيقتون ان جي بلڪل ابتڙ آهن.
عالمي بئنڪ جي قرض سان، جنھن کي سھڪار جو نالو ڏئي عوام کي بيوقوف بنايو ٿو وڃي، شروع ڪيل هن رٿا جو مقصد ڪراچي جي مخصوص علائقن جهڙوڪ صدر وغيرہ ۾ عوامي ھنڌن کي بهتر بڻائڻ، انتظامي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ شهر کي رهڻ لائق بڻائڻ هو. هن رٿا لاءِ عالمي بئنڪ ڪروڙين ڊالرن جو قرض منظور ڪيو. پروجيڪٽ جي دستاويزن مطابق، ان جو مقصد ڪراچي جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ هو. ڪاغذن تي ته خوبصورت خاڪا ٺاهيا ويا، پر عملي طور تي صرف چند رستن جي مرمت ۽ فٽ پاٿن جي اڏاوت تائين ڪم محدود رهيو. شهر جو وڏو حصو اڄ به اڳي کان وڌيڪ کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.
ڪراچيءَ جي هن حالت تائين پهچڻ جو وڏو سبب سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جهڙوڪ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج اٿارٽي، ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ملير ڊيلپمينٽ ۽ لياري ڊيوپلمينٽ اٿارٽيءَ جھڙن ادارن ۾ موجود وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ بدانتظامي آهي. اڪثر ترقياتي فنڊز بنان ڪنهن شفافيت جي من پسند ٺيڪيدارن جي حوالي ڪيا ويندا آهن، جيڪي ناقص مٽيريل استعمال ڪندا آهن. نتيجي ۾ چند مهينن اندر ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺهيل رستا ٻيهر تباهه ٿي ويندا آهن. ادارن ۾ ميرٽ کي لتاڙي ڪيل سياسي ڀرتين جي ڪري اڻپڙهيل ۽ نااهل ماڻهو وڏن عهدن تي ويٺل آهن، جن وٽ شهر کي سنڀالڻ جو نه ڪو ويزن آهي ۽ نه ئي صلاحيت.
بين الاقوامي اداري Economist Intelligence Unit (EIU) جي گلوبل ليوابيليٽي انڊيڪس (Global Livability Index) ۾ ڪراچي گذريل ڪيترن ئي سالن کان دنيا جي سڀ کان بدترين شهرن جي فهرست ۾ هيٺين نمبرن تي اچي رهيو آهي. ان جا اهم ڪارڻ هي آهن:
پاڻي جي کوٽ ۽ ٽينڪر مافيا
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (KWSC) شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. شهر جو جائز پاڻي چوري ڪري هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويندو آهي ته جيئن ٽينڪر مافيا اربين روپيا ڪمائي سگهي. ان مافيا جي پٺڀرائي اقتداري حلقن ۽ سياسي سرپرستيءَ کان سواءِ ممڪن ناهي. لياريءَ جھڙي قديم علائقي سميت اڪثر علائقا اڄ بہ پاڻيءَ لاءِ واجھائي رھيا آھن.
گندي پاڻيءَ جو نيڪال
ڪراچيءَ جي گٽرن جو نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي. ٿوري برسات ۾ به پورو شهر ٻڏي ويندو آهي، جنهن جو وڏو مثال گذريل سالن جي برساتن دوران ڏسڻ ۾ آيو جڏهن ڊفينس ۽ ڪلفٽن جهڙا پوش علائقا به برساتي ٻوڏ سان گڏ گٽرن جي گندي پاڻي جو تلاءُ بڻجي ويا هئا. جڏھن برسات نہ بہ ھوندي آھي تہ شھر جا سواءِ ھڪ اڌ جي سمورا رھائشي توڙي تجارتي علائقا وھندڙ گٽرن جي پاڻيءَ سان ڀريل ھوندا آھن.
پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ گرين لائين/ريڊ لائين منصوبا
پيپلز بس سروس ۽ گرين لائين جهڙن چند منصوبن جي باوجود، اڍائي ڪروڙن جي آبادي واري هن ميگا سٽي لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ناڪافي آهي. ريڊ لائين جهڙا منصوبا سالن کان اڌ ۾ لٽڪيل آهن، جنهن جي ڪري ڪارپوريٽ ۽ رهائشي علائقن جا رستا مٽي ۽ گندگيءَ جو گهر بڻيل آهن. ڪرپشن جي ڪري انھن رٿائن جي ڪٿيل لاڳت ۾ اربين رُپين جو واڌارو ٿي چُڪو آھي ڇو تہ اھي منصوبا ورھين کان وٺي رُليل آھن ۽ مخصوص مُدت ۾ پورا نہ ٿيا آھن ۽ اڃان ڪا خبر ڪانھي تہ ڪڏھن پورا ٿيندا.
ماحولياتي گندگي ۽ ڪچرو
سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي موجودگيءَ جي باوجود، شهر جي هر ڪُنڊ تي ڪچري جا ڍير نظر اچن ٿا. ڪراچيءَ جي ماحولياتي آلودگي ايتري وڌي چڪي آهي جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس (AQI) ۾ هي شهر اڪثر دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي گدلاڻ وارن شهرن ۾ شامل هوندو آهي.
بجليءَ جي لوڊشيڊينگ
بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ ھونئن تہ سموري سنڌ جي ھر شھر، وستي واھڻ ۾ آھي جتي ٻارھن کان پندرھن ڪلاڪ روزانو بجلي بند رھي ٿي ۽ ڪنھن نقص جي شڪل ۾ تہ ڏينھن جا ڏينھن ماڻھو اھو عذاب ڀوڳين ٿا، پر ڪراچي شھر بہ انھيءَ مصيبت کان بچيل ڪونھي. شھر جي کوڙ علائقن ۾ بجلي ڏھن کان ٻارھن ڪلاڪ بند رھڻ عام رواجي ڳالھ آھي.
حوالا ۽ بين الاقوامي رپورٽون
عالمي بئنڪ جي رپورٽ (World Bank Project – KNIP): عالمي بئنڪ جي آفيشل سائيٽ تي موجود “Karachi Neighborhood Improvement Project” جي دستاويزن مطابق، هن پروجيڪٽ تي لکين ڊالر خرچ ڪيا ويا، پر مڊ-ٽرم ريويو رپورٽن ۾ ان جي سست رفتار ۽ اڻپورن نتيجن تي ڪيترائي ڀيرا ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.
اقتصادياتي ماهرن جي بين الاقوامي اداري (Economist Intelligence Unit) جي رپورٽن مطابق، ڪراچي تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ ماحول جي لحاظ کان رهڻ جي لائق نه رهندڙ دنيا جي ۵ بدترين شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا ريمارڪس (Karachi Water Case): سپريم ڪورٽ ڪراچيءَ جي پاڻي ۽ گندگي جي مسئلي تي شنوائيءَ دوران ڪيترائي ڀيرا سنڌ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ سوال اُٿاريو آهي ته ”اربين روپين جا فنڊ ڪيڏانهن ويا؟ زمين تي ڪو ڪم نظر نٿو اچي.”
جيستائين سنڌ حڪومت پنهنجي سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي، مقامي حڪومتن، ڪامورن، ادارن جي سربراھن کان سختيءَ سان پُڇاڻو نہ ڪندي ۽ ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ ڪو سخت احتسابي نظام نه جوڙيندي، تيستائين ڪراچي شھر پرڏيهي قرضن جي رٿائن جي باوجود ايئن ئي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل رهندو. پرڏيهي بئنڪن کان ورتل قرض شهر کي سڌارڻ بدران عوام تي هڪ وڌيڪ معاشي بار بڻجي رهيا آهن.
مجموعي طور تي سموري سنڌ ۾، ۽ خاص طور سنڌ جي گادي ڪراچيءَ ۾ تبديلي تڏھن ايندي جڏھن سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پاڻ بہ ايمانداري ڏيکارين، پنھنجي انتھائي بدعنوان وزيرن کي لغام وجھن، جن رڻ ٻاري ڏنو آھي، ۽ سمورن بدعنوان عملدارن کان حساب وٺن.
_______________

نصيراعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ صحافي آھي



