تاريخ سان ھٿ چُراند بند ڪريو: جڏھن پاڪستان ڪو نہ ھو، تڏھن بہ ڪراچي ھئي
هيءَ ڪلي ڪنڌ واري ڪڍو ڪاهلو،
تاريخ سان هٿ چراند نه ڪريو جاهلو. (آتش سنڌي)

خاصخيلي لطيف راولاڻي
تاريخ پڙهڻ سان ئي صحيح معلومات ملي ٿي. موجوده صورتحال ۾ سوشل ميڊيا تي ڪراچيءَ جي مالڪي ۽ تاريخ جي حوالي سان مختلف مڪتبِ فڪر ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن، خاص طور تي پناهگير دانشورن ۽ سياسي و سماجي اڳواڻن جون اهڙيون پوسٽون سامهون اچن ٿيون، جن ۾ اها دعوي ڪئي وڃي ٿي ته “ڪراچي 1947ع کان اڳ موجود ئي نه هئي، اسان اچي ڪراچي ٺاهي آهي.”
انهن جاهلن کان ڪو پڇي ته پوءِ اهي قديم آثار ڪنهن جا آهن، جن تي هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن؟ جن ۾ ڪلاچي ڳوٺ، مورڙي مانگر مڇ جو واقعو، گل ٻائي ۾ قائم مورڙي جي ڀائرن جون قبرون، گذري بندر، کاڙڪ بندر، هوا بندر، ٽي هٽيون، لالو کيت، رام سوامي جو آستان، کارو در، مٺو در، رام باغ، کوڙي گارڊن، رنڇوڙ لائين، ڌوٻي گھاٽ، شمشام گھاٽ، مهاتما گانڌي پارڪ (گارڊن)، قديم جھوني مارڪيٽ، ملير ناڪو ۽ ٻيا سوين مشهور ماڳ مڪان ۽ قديم ڳوٺ شامل آهن، جن جا نالا ورهاڱي کان پوءِ تبديل ڪيا ويا.
سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ قائم قديم سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا ۽ ڳوٺ ڊاها ويا. جڏهن سنڌ يونيورسٽي کي ختم نه ڪري سگھيا ته ان کي ڪراچي مان منتقل ڪري حيدرآباد ۽ پوءِ ڄامشوري پهچايو ويو.
اهو احسان فراموش ٽولو جيڪو هندستان کان لڏي خالي هٿين سڌو ڪراچي پهتو، انهن کي حر گوريلا تحريڪ جي مجاهدن ۽ ٻين سنڌين مسلمان هئڻ جي ناتي ڪئمپن ۾ رهايو ۽ کين کاڌو پيتو توڙي اجهو فراهم ڪيو. ڪراچي ڇڏيندڙ هندو سنڌين جون ملڪيتون، گهر ۽ بنگلا ان وقت جي انتظاميه انهن جي حوالي ڪيا. انهن مان ڪجهه فردن اعتراف به ڪيو آهي ته کين سولجر بازار ۾ من موهن جو گهر مليو. اهڙي ريت شهر جي وچ ۾ جيڪي به گهر هئا، اهي انهن جي حوالي ڪيا ويا. سنڌي ته اڳ ئي پنهنجن ڳوٺن ۾ خوشحال زندگي گذاري رهيا هئا، تنهنڪري هنن ڪو اعتراض نه اٿاريو ته ڀلي اسان جا مسلمان ڀائر انهن گهرن ۾ رهن. سنڌين ته الٽو انهن جي وڌيڪ مدد ڪئي، جنهن جا سوين مثال موجود آهن.
ان دور ۾ سنڌين پنهنجا صديون پراڻا ڳوٺ نه ڇڏيا هئا، پر اڳتي هلي 1965ع ۾ ايوبي آمريت انهن ڳوٺاڻن کي لڏائڻ شروع ڪيو. اهو جواز ڄاڻايو ويو ته اسلام آباد وانگر ڪراچي کي به “عالمي شهر” بڻايو ويندو. انهن رٿائن تحت قديم ڳوٺن کي ختم ڪري لکين سنڌين کي بي گهر ڪيو ويو. انهن متاثرن ۾ راقم جو خاندان به شامل هو، جنهن کي ڊيفينس سوسائٽي مان بيدخل ڪيو ويو ۽ اسان ملير ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. (اهو واقعو پروفيسر خاصخيلي رحيم راولاڻي جي آتم ڪٿا “زندگي جو سفر” ۾ پڻ درج ٿيل آهي).
نوابشاهه ۾ اڄ به پناهگيرن جون اهي ڪئمپن واريون آباديون موجود آهن. نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تي “نيلي ڪئمپ”، “پيلي ڪئمپ” ۽ ٻيا علائقا هئا. 1988ع کان پوءِ جڏهن لساني تنظيم ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي ته اتي ان جا جهنڊا ۽ الطاف جون وڏيون تصويرون لڳيون ۽ انهن پاڻ کي “غير سنڌي” سڏائڻ شروع ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ اهي سڀ سنڌي ڳالهائيندا هئا. اهڙي ريت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به صورتحال پيدا ڪئي وئي. ان جا ذميوار اهي پاڻ آهن جن وطن سان نمڪ حرامي ڪئي.
اسان کي قلم جي طاقت تي يقين آهي. اسان بندوق نه پر قلم هلائڻ ڄاڻون ٿا. اسان تاريخي طور تي قلم جي جنگ وڙهي آهي ۽ اڄ به ان تي قائم آهيون.
جنهن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو هجي،
جنهن نه سانگيءَ جي سڱ کي سڃاتو هجي،
ان کي چئو منهنجي نگري مان نڪري وڃي.
ڪوه ٿو ڪاڳر ڪوريين، ويٺو وڃائين مس،
ڏور تئائين ڏس، اکر جئائين جڙيا. (شاهه سائين)
________________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ڪارڪن آهي ، ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.




ڪراچي جي تاريخ تي گل حسن ڪلمتي ، عبدالغفور کتري ء ٻين ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو آهي ، لطيف راولاڻي پڻ ڪراچي سان محبت ڪري ٿو.