Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

پير پاڳارن ۽ حُر تحريڪ جي تاريخ تي ھڪ نظر

لنڊن ۾ گھوڙن جي جديد اسطبل ۽ شاندار فارم ھائوس تي رات جي ڪچھري ۾ مون موجودہ پير صاحب کي عرض ڪيو تـ  گھڻو ڪري سڀني پاڳارن ڪو نـ ڪو منفرد ڪم ڪيو آھي ۽ ان عمل سان کين ياد ڪيو ٿو وڃي, اوھان بـ ڪو انھن کان منفرد ڪم ڪيو جيئن اھو ڪم اوھان جي سڃاڻپ ٿي پوي ـ

پاڻ ڀوڳ واري انداز فرمايائون تـ لنڊن, مراڪو ۽ اسپين ۾ ڪنھن بـ پاڳاري گھوڙا نـ ڌاريا ھيا ۽ نـ ئي اتي فارم ھائوس ٺھرايا ھيا ۽ نـ ئي ڪنھن پاڳاري پنج پنج ھوائي جھاز خريد ڪيا ھيا, يا دبئي ۾ ولاز ورتا ھيا, اھڙا گھڻا ڪم ڪارڪردگيون آھن جيڪي منھنجي الڳ تشخص ۾ اچن ٿا ـ

سيد غُلام شاھ

مون سائين محمد راشد کان وٺي موجوده پير صاحب پاڳاري تائين نظرياتي ۽ مذھبي فلسفي ۽ اِن تي عمل ڪرڻ لاء ٺاھيل جماعت حُر تحريڪ جي تاريخي حقيقتن تي ھڪ طائرانـ نظر وڌي آھي, جيڪا پيش خدمت آھي ـ

 حُر تحريڪ دراصل سيد محمد راشد شاھ جي  مذھبي فلاسافي کي پايئـ تڪميل تائين پھچائڻ جو اھم ذريعو ھئي ـ جنھنجو بنياد جھاد في سبيل اللہ تي رکيل ھو ـ سائين سيد محمد راشد شاھ پنھنجي مريدن کان چار ڳالھين جي بيعيت وٺندا ھئا تہ :

1. ھي جھاد ھر قسم جي سماجي, اخلاقي ۽ مُعاشرتي بُراين, نا انصافين, ظلم ۽ زيادتين خلاف ڪيو ويندو,

2. ھي جھاد اللہ تعالی جي وحدانيت ۽ حاڪميت تسليم ڪرڻ کانپوء, ٻي ڪنھن بـ قوت آڏو سِر جُھڪائڻ جي خلاف ھوندو,

3. مَخفي ۽ ظاھري, اندرين ۽ ٻاھرين دشمن جي خلاف پوري ڪوشش ۽ قوت سان جھاد ڪبو,

4. ھر قسم جي جاني مالي قرباني ڏيڻ لاء ھر وقت تيار رھندو.

جيئن تـ انگريز طاقت جي زور تي بَرِ صغير جي ڪافي حصي تي قبضو ڪري چُڪا ھئا ۽ سنڌ سُميت باقي  بچيل ڀاڱي تي بـ قابض ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ھئا, اُنڪري اُنھن جي خلاف جھاد ڪرڻ فرض ۾ شامل ھو ـ

سيد محمد راشد شاھ کي اولاد مان ٻن پُٽن سيد صِبغت اللہ شاھ (اول) ۽ سيد محمد ياسين شاھ کي سندن خُداد صلاحيتن ڪري وڌيڪ اھميت ملي ـ

سيد صبغت اللہ کي صاحب دستار ھئڻ ڪري پڳ ملي ۽ سيد محمد ياسين شاھ کي صاحب علم ھئڻ ڪري جھنڊو مليو ـ

انڪري پڳ واري سائين صبغت الله شاھ کي پاڳارو ۽ محمد ياسين شاھ کي جَھنڊي وارو چيو ويو ـ

پير صبغت الله شاھ اول پنھنجي والد صاحب جي اجازت سان 1816 ۾ مُريدن جي جماعت کي مُنظم ڪري جھاد لاء تيار ڪيو, خُصوصن انگريزن جي خلاف ـ ان مليٽنٽ جماعت جو نالو حُر تحريڪ پيو, جنھن جو باني سائين صبغت الله شاھ اول بڻيو ـ

سائين محمد راشد 6 جون 1818 تي وفات ڪئي ـ سائين صبغت الله پَڳ ٻڌي پھريون پاڳارو ٿيو ۽ کيس تجر ڌڻي جو لقب مليو (پير پاڳاري جو ٽائيٽل سائين صبغت الله شاھ اول کان شرع ٿيو) ـ پاڻ خلق خُدا جي خدمت ۽ جھاد في سبيل الله جي لاء مُنظم طريقي سان ڪم ڪرڻ لڳا ـ

ان دؤران ھڪ اھم واقعي جو غلط ذڪر ڪيو وڃي ٿو, تـ سيد احمد ۽ سيد اسماعيل جي سِکن جي خلاف جَنگ ۾ سيد صِبغت الله شاھ واعدي مُطابق مدد نـ ڪئي ۽ بالا ڪوٽ ۾ ھلندڙ جنگ ۾ گُھربل ڪمڪ نـ موڪلي دوکو ڪيو ـ حقيقت اُن جي بلڪل برعڪس آھي, دراصل ٿيو ايئن ھو جو سيد احمد شھيد ۽ اسماعيل شھيد پنھنجي جماعت ۽ فيملي سان گڏ سِکن سان جنگ ڪرڻ لاء سنڌ ۾ پير پاڳاري جي مدد وٺڻ لاء پير ڳوٺ پي آيا جو رستي ۾ پير راڻي پور واري جي دعوت تي رات راڻيپور ۾ رھي پيا ـ ٻئي ڏينھن تي پير پاڳاري جن کي اطلاع ڪيو ويو, پر پير صاحب جن ملڻ نـ چاھيو ـ ڪجھ ڏينھن کانپوء پير راڻي پور وارو مھمانداري مان تنگ ٿيو ۽ پاڻ وڃي ميڙ منٿ ڪري پير صاحب پاڳاري سائين صبغت الله شاھ کي راڻي پور وٺي اچي سيد احمد سان ملاقات ڪرائي پنھنجي گلوخلاصي ڪرائي ـ  سائين طرفان اچڻ جي سبب پڇڻ تي احمد شھيد کيس ٻڌايو تـ پنجابي مسلمانن تي سِکن جي ظلمن سَبب سِکن سان جھاد ڪرڻ لاء نڪتو آھيان ـ ان لاء جاني مالي مدد ڪئي وڃي ـ سائين صبغت الله شاھ پنھنجو اُصولي مؤقف رکندي چيو تـ اسان ھن وقت ڌاري قُوت انگريز سان جھاد ۾ مَشغول آھيون, اوھان کي بـ سِکن بجاء اُنھن جي خلاف جھاد ڪرڻ گھرجي, جيڪي ساري ھندستان تي قابض ٿيندا پيا وڃن (ان وقت سک واحد قوت ھيا جيڪي ھندستان ۾ انگريزن سان مُھاڏو اٽڪائي ٿي سگھيا ـ انھن جي قوت ختم ٿيڻ کانپوء ٻي ڪابـ منظم فوج نـ ھئي جيڪا سندن آڏو بَند ٻڌي سگھي ـ اُن کان اڳ انگريزن جي اچڻ وقت ھندستان ۾ وڏي قُوت مَرھٽا ھيا جيڪي انگريزن لاء رُڪاوٽ ھيا, پر اُن وقت بـ مسلمانن مٿان مَرھٽن جي ظلم جا داستان ٻڌائي, يو پي ۽ دھلي جي مسلمانن شاھ ولي الله دھلوي طرفان افغان بادشاھ احمد شاھ ابدالي کي درد انگيز جذباتي خط لکي مسلمانن جي فوري مدد ۽ مَرھٽن کي نيست نابود ڪرڻ جون درخواستون ڪيون ـ ابدالي ھندستان ڪاھي آيو ـ پاڻي پَت جي ميدان تي گهمسان جي جنگ لڳي جنھن ۾ مَرھٽن ھارايو ـ ان طرح ھندستان جھڙو ڪر يو پي ۽ دھلي جي مسلمانن انگريزن کي پليٽ ۾ رکي تُحفي طور ڏنو ـ ان طرح نظرياتي اختلافن سبب پير صاحب ڪنھن بـ مدد ڪرڻ لاء آمادھ  نـ ٿيا ـ آخر ۾ احمد شھيد درخواست ڪئي تـ سندن ٻـ ڳالھيون مڃيون وڃن, ھڪ تـ مون سان فيملي گڏ آھي ان کي پاڻ وٽ امانت طور رھائيندا, ٻيو جيڪڏھن رضاڪارانـ ڪو بـ ماڻھو مون سان گڏ ھلندو تـ اوھان رڪاوٽ نـ بڻجندا ـ اھي ٻئي ڳالھيون پير صاحب قبول ڪيون ـ

پير صاحب پاڳارو اول صبغت الله شاھ 18 فيبروري 1831 ۾ فوت ٿيو ۽ سيد احمد بريلوي 7 مئي 1831 تي بالاڪوٽ ۾ شھيد ٿيو, يعني بالاڪوٽ جي جنگ  شروع ٿيڻ کان سائين صبغت الله ٽي مھينا اڳ وفات ڪري چُڪا ھيا ـ انڪري اھو الزام ھڻڻ تـ بالا ڪوٽ جي جنگ ۾ ڪمڪ نـ موڪلي يا گھربل مدد واعدي مطابق نـ ٿي سا ڳالھ سراسر غلط ۽ بي بنياد آھي ـ

سائين صبغت الله جي وفات کانپوء سندس فرزند سيد علي گوھر شاھ اول عُرف بنگلي ڌڻي تخلص “اصغر” پير پاڳارو ٿيو ـ

سيد علي گوھر شاھ 28 اپريل 1847 تي فوت ٿيو ـ سندس جاء تي سيد حِزب الله عرف تخت ڌڻي تخلص “مسڪين” پير پاڳارو ٿيو ـ ان وقت سندس عمر پنج سال ھئي ـ جوان ٿي ھن بـ انگريزن جي خلاف حُرن جو مُنظم جَٿو ٺاھي ڪاروايون شروع ڪيون ـ

اُن جٿي جو پھريون اڳواڻ غلام نبي لغاري ھو ـ اُن کانپوء وريام فقير خاصخيلي ٿيو ـ

الله بچايو خاصخيلي عرف بچو بادشاھ وريام فقير جو پٽ ھو ـ ھي ٻارھن جو جَٿو ھو ـ ھنن سانگھڙ  سرڪار جي نالي سان آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو ۽ پنھنجي ڪيبنيٽ ٺاھي ـ جنھن ۾ بَچو بادشاھ, پيرو وزير (پير بخش وساڻ), گلو گورنر (گلڻ موچي) مقرر ٿيا ـ ھن حُرن جي جٿي وڏيون ڪاروايون ڪيون ـ ٿاڻن تي حملن جي صورت ۾ پوليس ٿاڻا خالي ڪري ويندي ھئي, انڪري پنجاب کان پوليس گھرائي ويئي ـ

پنجاب پوليس جو ڪمانڊر جوالا سنگھ سک وڏو ظالم ھو ـ ھن سانگھڙ جي ماڻھن سان وڏا ظلم ڪيا ـ ان کي بَچو بادشاھ سانگھڙ جي مشھور ميلي “ڀرم ڀري” ۾ ڊُڪائي ڊُڪائي گوليون ھڻي ماريو ـ جوالا سنگھ جي مرڻ کانپوء انگريزن حُرن جي سينٽر مکي ٻيلي ۽ ڍنڍ تي ڪاھ ڪئي پر ڪامياب نـ ٿيا۔ 

1890 ۾ پير حزب الله شاھ گذاري ويو ـ اُن جي جاء تي سندس فرزند علي گوھر شاھ ثاني مافي ڌڻي پير پاڳارو ٿيو ـ ھن کي انگريزن گرفتار ڪري مجبور ڪيو تـ بَچو کي پيش ڪرائي ـ ھن جي حڪم تي بَچو پيش پيو ـ انگريزن بچو بادشاھ کي سر عام ڦاسي ڏني ـ

علي گوھر شاھ کان پوء علي مردان شاھ پير پاڳارو ٿيو ـ

سندس وفات کان پوء سندس فرزند صبغت الله شاھ ثاني 1922 ۾ پير پاڳارو ٿيو  ـ

ھي پير صاحب پھريون دفعو 1929 ۾ ٽن ڪيسن ۾ گرفتار ٿيو ـ جنھن مان ھڪ خون جي ڪيس مان بري ٿيو باقي ٻن ڪيسن ۾ 10 سال سزا ملي ـ اپيل ۾ سزا گھٽائي ست سال ڪئي وئي ـ

 پير صاحب کي ھندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو ۽ آخر ۾ کيس مدنا پور جيل بنگال ۾ رکيو ويو ـ

ان جيل ۾ اربندو گھوش بنگالي آزادي پسند جنھن 1905 جي بنگال جي ورھاڱي جي خلاف ھٿياربند جدوجھد ھلائي ـ جنھن ۾ انگريزن جو وڏو جاني مالي نقصان ٿيو ـ ان دؤران مشھور “علي پور سازش ڪيس” ٿيو, جنھن ۾ ڪافي ماڻھن کي سزاءِ موت آئي ۽ ڪيترن کي عمر قيد جي سزا ملي ـ اھي سڀ گھڻو ڪري ٻاھر جا پڙھيل ۽ ٽرينڊ گوريلا ھئا ـ پير صاحب جڏھن ان جيل ۾ ويو تـ علي پور سازش ڪيس جا ڪجھ جوابدار بـ اڃان اتي موجود ھيا ـ پير صاحب انھن جي صحبت ۾ قومي ملڪي ۽ عالمي سياسي صوتحال کي گِھرائي سان ڏٺو سمجھو ۽ سکيو ـ

1936 ۾ آزاد ٿيو تـ سندس جيل جا ساٿي سنڌ ۾ اچي مليا ـ جن حُرن کي گوريلا ٽريننگ, تنظيم ڪاري ۽ جاسوسيءَ جي ٽريننگ ڏني ـ

1937 جي اليڪشن وقت پير صاحب حصو نـ ورتو بلڪـ زيارتن لاء ٻاھر ھليو ويو, جتي عراق جي مشھور انقلابي راشد علي ۽ مُفتي اعظم فلسطيني امين الحُسيني سان ملاقاتون ڪيون ـ واپس اچڻ کانپوء حُر تحريڪ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو۔ 

پير صاحب 1941 ۾ گورنر سنڌ گرھام سان ملاقات ڪئي, جنھن سان ملڪي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي سنجيدھ ميٽنگ ڪئي, پر ميٽنگ جي ڪجھ ڏينھن کانپوء سنڌ جو نئون گورنر مسٽر ڊو مقرر ٿيو . جنھن پير صاحب جي سرگرمين تي نظر رکندي کيس 5 جولاءِ 1941 تي ڪراچي نـ ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو ـ  پير صاحب آڪٽوبر تائين تـ ڪراچي ۾ رھيو, ان کانپوء ھن پنھنجون سرگرميون شروع ڪيون, پير ڳوٺ ۽ سانگھڙ وغيره  ويا ـ ان تي گورنر سخت ناراض ٿيو ۽ پير صاحب کي 24 آڪٽوبر 1941 تي گرفتار ڪري سيوني جيل ناگپور موڪلي ڇڏيو ـ

گورنر جي ان عمل تي حُر سخت اشتعال ۾ آيا ۽ پير صاحب جي آزادي لاء پُرتشدد ڪاروايون شروع ڪيون ـ گورنر حُرن جي تحريڪ کي ڪُچلڻ لاء ڪراچي کان سواء باقي سنڌ ۾ مارشلا ھڻي نوڪر شاھي ھٿان حُرن تي وڏا ظلم ڪرايا ـ ڪيترن ئي حُرن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو, مردن, عورتن ويندي ٻارن کي بـ جيلن ۾ بند ڪيو ويو ـ

جنوري 1943 ۾ پير صاحب کي واپس سنڌ گھرائي سمري ملٽري ڪورٽ سينٽرل جيل حيدر آباد ۾ پيش ڪيو ويو  ـ پير صاحب ايوب کُھڙي جي معرفت جناح صاحب کي وڪيل ڪرڻ چاھيو پر پير صاحب جا مسلم ليگ مُتعلق خيالات ۽ ڪانگريس سان تعلق سبب ھن وڪيل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ـ

فيبروري 1943 تي پير صاحب کي پنھنجي بچاء لاء سرڪاري وڪيلن جي لسٽ ڏني وئي ھئي, جنھن ۾ ھن مسٽر ڏيئل مل لالواڻي کي پنھنجو ڊفينس ڪائونسل مقرر ڪيو .

ڏيئل مل پير صاحب جي بچاء جي شاھدن جي لسٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ـ سرڪار انھن شاھدن تي اھڙو زور وڌو جو گھڻا تـ آيا ئي نـ, جيڪي آيا انھن پير صاحب جي خلاف شاھديون ڏنيون ـ پير صاحب پنھنجو ڪيس پاڻ وڏي حوصلي, بھادري ۽ منطق سان وڙھيو ـ سندس مٿان لڳل چئن الزامن جي جواب ۾ ڪورٽ کي ٻڌايائين تـ:

1. “حرن جي ان بغاوت جو مون تي الزام لڳائڻ درست ناھي بلڪـ ان جو زميدار گورنر ڊو ۽ سندس نوڪر شاھي آھي, جنھن منھنجي حويلي (ڪنگري ھائوس) تي بمباري ڪئي آھي ۽ منھنجي خاندان جي بيحرمتي ڪئي آھي ـ حرن تي سرڪار جو اھو عمل ناقابل برداشت ھو, انڪري ھنن پنھنجي پير جي خانداني تقدس جي پائمالي تي جوابي قدم کنيان آھن ـ “

ھن پير ڀرچونڊي متعلق چيو تـ ھُو ڀڳت ڪنور رام جي قتل تي منھنجي طرفان ڏنل شاھدي تي ناراض آھي.  

ٽيون تہ مسلم ليگي ان ڪري ناراض آھن جو مون مسجد منزل گاه  جي جھيڙي ۾ سندن ساٿ نـ ڏنو ھو.

چوٿون تہ پير علي محمد راشدي پنھنجي ذاتي مفادن جي ڪري منھنجي خلاف ھن ڪيس ۾ ڌر ٿيو آھي.

مارچ 1943 ۾ مارشلا ڪورٽ پير صاحب کي موت جي سزا ٻڌائي ـ

20 مارچ 1943 تي حيدر آباد سينٽرل جيل ۾ پير صاحب کي ڦاسي ڏني وئي ـ لاش وارثن جي حوالي ڪرڻ بجاء گم ڪيو ويو, جنھن جي اڄ تائين ڪا بـ صحيح خبر پئجي نـ سگھي آھي ـ

پير صاحب جي ٻن پٽن شاھ مردان شاھ ۽ نادر شاھ کي پھريان دھلي ۽ پوء لنڊن کڻي پنھنجي تحويل ۾ رکيو ويو ـ

  ٻن حرن گل محمد نظاماڻي ۽ ولي محمد نظاماڻي پنھنجي گڏيل ڪتاب “تان ڪي گھاريم بند ۾” ۾ لکيو آھي تـ “آزادي کانپوء جواھر لال نھرو وزير اعظم ھندستان اسان جي ڪيمپن تي آيو, ۽ اسان کي چيو تـ “اوھان غيرتمند فريڊم فائيٽر آھيو, وطن جي آزادي ۾ اوھان اھم ڪردار ادا ڪيو آھي, اوھان ھندستان ۾ جتي چاھيو رھي سگھو ٿا, اوھان کي زرعي زمينن سان گڏ ھر طرح جون سھولتون ڏنيون وينديون” ـ اسان جواھر لال نھروءَ کي چيو تـ “اسان سنڌ وطن جي آزادي لاء وڙھيا آھيون, انڪري پنھنجي ڌرتي ڏانھن وڃڻ چاھيندا سون, جتي اسان جا ابا, ڏاڏا ۽ وڏڙا دفن ٿيل آھن, اسان جي سنڌ وڃڻ تي انھن جا ھڏڙا بـ خوش ٿيندا ـ”

 جڏھن وطن جي حدن ۾ پھتا سون تـ اميد ھئي تـ آڌر ڀاء ڪندي گل پارايا ويندا, پر بدقسمتي سان  اسان کي بغير ڏوھ ٻڌائڻ جي گلن جي جاء تي ھٿڪڙيون پارايون ويون ۽ ساڳيو انگريزن وارو الزام لڳو تـ دھشتگرد آھيون ـ گرفتار ڪري چئن سالن تائين بغير ڪيس ھلائڻ جي جيل جي عتاب ۾ رکيو ويو ـ

ھندستان ۾ تـ آزادي جي ھيرن کي تمغا, سندون ۽ سھولتون ڏنيو ويون, پر ھتي حقيقي آزادي جي ھيرن حرن کي جن انگريزن سان وڙھندي جاني مالي قرباني جا بي مثال ڪارناما سر انجام ڏنا, انھن جي قربانين جي سلي ۾ ٺھندڙ ملڪ اندر انگريزن جي ٺاھيل ڪيسن ۾ ٻارين ٻچين جيل ۾ رھيا ـ

حرن فيصلو ڪيو تـ گاديءَ کي ھندستان ۾ بحال ڪيو وڃي ـ اھا خبر جڏھن پير علي محمد راشدي جي معرفت گورنمنٽ کي پئي تـ ان کانپوء 1951 ۾ لياقت علي خان لنڊن وڃي پير شاھ مردان شاھ ۽ نادر شاھ سان ملي کين پاڪستان وٺي آيو ـ پر واعدي مطابق نـ گادي بحال ڪئي نـ حرن کي آزاد ڪيو ـ

گادي تڏھن بحال ٿي جڏھن 1952 ۾ سنڌ جي گورنر دين محمد شيخ سنڌ ۾ قلم 92 تحت گورنر راڄ لاڳو ڪري حڪومت جون واڳون پنھنجي ھٿ ۾ ڪيون تـ پير علي محمد راشدي (جيڪو سندس چھيتو ھو) پير صاحب پاڳاري سان ملي, ھن کان ٽي اھم ڪم ڪرايا ـ

1. پير صاحب پاڳاري جي گادي بحال ڪرائي,

2. فرنٽيئر ريگيوليشن رد ڪرائي,

3. ڪرمنل ٽرائيبس ايڪٽ رد ڪرائي حرن کي لوڙھن ۽ حاضرين کان آزادي ڏياري ـ

پير صاحب جي لنڊن واپسي جي سال کانپوء پير صاحب جي دستار بندي ٿي ۽ پڳ ٻڌي پاڳارو ٿيو۔

سائين شاھ مردان شاھ جنھن راشدي فلاسافي ۽ پروگرام جا پوء لڳ ھيا, ان تي ھر ڪو پير صاحب پاڳارو پنھنجي انداز سان وقت ۽ حالتن کي مدنظر رکي عمل پيرا رھيا ـ

سائين شاھ مردان شاھ وٽ پنھنجو الڳ تجربو ھو ـ جن حالات مان پاڻ گذريا اھڙو وقت ٻين پاڳارن تي نـ گذريو ھو ـ پير صاحب شاھ مردان شاھ کي جيڪي حالات ورثي ۾ مليا سي بلڪل مختلف نوعيت جا ھيا ـ والد صاحب جي شھادت, جماعت ڇڙ وڇڙ, جيلن ۽ لوڙھن ۾ يا غداري، خونن ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ روپوش, ڪنگري ۽ گڙنگ بنگلا بمباري سان تباھ ٿيل, خانداني ۽ قبائلي دشمنيون, سنڌ جو زميندار سردار وڏيرو واپاري نوڪري پيشا ماڻھو گھڻو ڪري ويجھو اچڻ لاء تيار نـ ھيا, بک بيروزگاري غربت انتھا تي ھئي, ڪوئي پرسان حال نـ ھو ـ انگريزن خلاف ھلندڙ آزادي جي جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرباني ڏيندڙ جماعت جنھنجي سرواڻ پنھنجي ھزارين پوئلڳن سميت شھادت ماڻي, بد قسمتي سان آزادي ملڻ کان پوء ھندستان ۾ تـ فريڊم فائيٽرن کي وڏن اعزازن سان نوازيو ويو, پر پاڪستان ۾ حر جماعت لاء انگريز جي پاليسي جو تسلسل جاري رھيو ۽ حر وڏو وقت مسلسل عتاب ۾ رھيا ـ ان صورتحال ۾ جڏھن وسيلا گھٽ ۽ مسئلا زياده ھجن اھڙي مصيبت زده حالتن کي منھن ڏيڻ ڪو سولو ڪم نـ ھو, پر پير صاحب وڏي جوانمردي, ڏاھپ ۽ حڪمت عملي سان نـ فقط ان حالتن کي منھن ڏنو بلڪـ ان ۾ غير معمولي بھترين ڪامياب تبديليون آڻي, جماعت کي ٻيھر زندھ ڪيو ـ

پھرين اھم ۽ بنيادي تبديلي آئيڊيالاجي ۾ وقت ۽ حالتن مطابق جدت آندي, يعني واضح ڪيو تـ پھريان انگريزن کي ھتان ڪڍي آزاد ٿي اختيار پنھنجي ھٿ ڪرڻ لاء جدوجھد ھئي ـ انگريزن کي ڪڍڻ ۾ ڪاميابي ملي ۽ انگريز ھت نـ رھيو ـ برصغير جي ورھاڱي جي نتيجي ۾ ٻـ ملڪ ٺھيا ـ سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي, انڪري ھاڻي موجودھ اسٽيبلشمينٽ جي ھرطرح سان حمايت ۽ مدد ڪئي ويندي ـ جماعت وارن کي قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو, روپوشن کي رضاڪارانـ پيش ٿي ڪيسن کي منھن ڏيڻ جون ھدايتون ڪيون, پرو اسٽيبليشمينٽ جي پاليسي تحت حر ايڪٽ ختم ڪرائي حرن کي فيملين سوڌو لوڙھن ۽ جيلن مان آزاد ڪرايو ـ حر مجاھد فورس ٺاھرائي جماعت کي فوج جو حصو ڪرايو ـ جماعت لاء روزگار ۽ ترقي جا رستا کوليا, انتقامي ۽ قبائلي جھيڙن جو جماعت ۾ خاتمو آندو, ڏوھن تي ڪنٽرول ڪيو, اقتدار جو ڪنھن نـ ڪنھن شڪل ۾ حصو بڻيا, ماضي ۾ جماعت جو سنڌ جي سياسي ڌرين سان لاتعلقي وارو رويو رھيو, سائين شاھ مردان شاھ نـ فقط سنڌ ۽ پاڪستان بلڪـ عالمي ليول تي تعلقات ۽ رابطا استوار ڪيا ـ (2001 ۾ مان ۽ دادا روچيرام آمريڪن ٿنڪ ٽينڪ جي ميمبرن ڊاڪٽر جانسن ۽ ڊاڪٽر وليم سان اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ واشنگٽن ملڻ ويا سون تـ سندن آفيس جي ديوار تي ٻين سان گڏ شھنشاھ ايران ۽ آيت الله خميني, ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جنرل ضياء الحق جا فوٽوز گڏ لڳل ھيا ۽ پير صاحب پاڳاري جو فوٽو بھترين فريم ٿيل ڊاڪٽر وليم جي آفيس ٽيبل تي رکيل ھيو ـ اسانجي پڇڻ تي ٻڌايو تـ اڪثر سياستدانن جا پاڻ ۾ کڻي جو دشمني جي حد تائين اختلاف ھوندا آھن پر اسان جا دوست ھوندا آھن ـ پير صاحب جي لاء ٻڌايائين تـ ھي منھنجو ذاتي دوست آھي جنھن سان مان اڪثر اھم مسئلن ۾ صلاح مشورو ڪندو رھندو آھيان ـ)  اھڙي طرح پير صاحب پاڳاري جن ھڪ اجڙيل جماعت کي ٻيھر منظم ڪيو ـ اھو ايڏو وڏو ڪم ايتري ٿوري وقت ۾ ڪري ڏيکاريو جنھن جو ويجھڙائي ۾ ڪو مثال نٿو ملي ـ حالانڪـ جنھن ڪلچر ۾ سندن تعليم ۽ تربيت ٿي ان ۾ کيس جيڪي ذميداريون مليون ان جي پاڻ ۾ ڪا بـ مشاھبت نـ ھئي ـ

سائين جو ھر مڪتبـ فڪر, ڪلاس۽ قوم جي ماڻھن سان عزت, پيار ۽ پنھنجائپ وارو تعلق ھو ـ  سندن انداز بيان اھڙو جو ڪيڏي بـ سخت ۽ سچ جي ڳالھ کي مزاحيـ انداز سان ڪندا ھيا جو ھر ماڻھو ان مان محفوظ ٿيندو ھو ـ وسعت نظر تـ ڪمال جي کين عطا ڪيل ھئي, مستقبل لاء جيڪي پيش گويون ڪيون اھي اڪثر پوريون ٿيون ـ درگذر ۽ برداشت تـ ڪمال جي حد تائين سندن مزاج جو حصو رھي ـ منھنجي ساڻن ذاتي نياز مندي رھي ـ پھرين ملاقات ننڍي عمر ۾ 1970 جي اليڪشن وقت خان ڳڙھ ۾ سردار غلام محمد خان مھر جي بنگلي گوھر منزل تي ٿي جتي مھر سردار کين ھڪ ھالينڊ اينڊ ھالينڊ جي ڊبل بيرل بندوق ووڊن ڪيس ۾ بند ٿيل گفٽ طور پيش ڪئي ـ

 1988 جي سينيٽ جي اليڪشن ۾ پير صاحب سلطان لاکاڻي کي اليڪشن ۾ بيھاريو, ان لاء ايم پي ايز جي ووٽن جي ضرورت ھئي, مون کي راجـ سائين ( موجودھ پير صاحب پاڳارو) چيو تـ پير صاحب توھان لاء چيو آھي تـ سردار احمد علي پتافي ايم پي اي اوھان جو دوست آھي ان کان سلطان لاکاڻي لاء ووٽ وٺي ڏيو ـ مون فورن حڪم جي تعميل ڪندي سردار پتافي کان فون تي ٽائيم وٺي خان محمد مھر ۽ ثمر شاھ (ٻئي پير صاحب جا خاص ماڻھو) کي ساڻ ڪري ڊفينس ڪراچي ۾ سردار پتافي سان مليس ۽ کيس پير صاحب جن جي خيال کان آگاھ ڪيو ـ سردار چيو تـ منھنجو تعلق پيپلز پارٽي سان آھي انڪري اھو ڪئين ممڪن ٿيندو تـ مان پارٽي ڇڏي اوھان کي ووٽ ڏيان ـ ھن وقت پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آھي, تڪ جي ووٽرن ۽ راڄ جو بـ خيال ڪرڻو آھي, اسانجا ڪيئي ڪم روز پون ٿا جيڪي گورنمنٽ سان گڏ ھجڻ ڪري ٿين ٿا ـ مون لاء گورنمنٽ جي مخالفت ڪرڻ مناسب نـ ٿيندو, ان لاء منھنجي طرفان پير صاحب سان وڏي ادب ۽ احترام سان معذرت ـ موڪلائڻ وقت چيائين تـ پير صاحب جو حڪم آھي ۽ ٻيو تـ غلام شاھ پھريون دفعو ھجت ڪئي آھي, انڪري مان ٻيھر سوچي جواب ڏيندس ـ شام جو سردار پتافي ھڪ ووٽ ڏيڻ جي ھاڪاري ڪئي ـ پير صاحب کي ٻڌايو جن راجـ سائين کي خود ملي شڪريـ ادائگي لاء چيو ـ مون جڏھن سردار پتافي کي ملڻ لاء چيو تـ ھن انڪار ڪندي چيو تـ ھن وقت اسان مٿان سخت نظر آھي انڪري ملاقات پير صاحب وٽ يا مون وٽ خطري کان خالي ناھي, پر مان سردار سان ھجت ڪري پنھنجي گاڏي ۾ کڻي اسانجي گڏيل دوست نجم گوڪل جي بنگلي تي آيا سون, جتي راجـ سائين, سلطان لاکاڻي, خان محمد مھر ۽ ثمر شاھ آيا ـ سردار صاحب پنھنجو واعدو ورجائيندي چيو تـ مان ھڪ ووٽ لاء ڪوشش وٺندس ـ ان لاء ھن گل شاھ گمبٽ واري سان ڳالھ ڪئي, جنھن مشروط ووٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ـ ٻي ڏينھن صبح جو ڇھين بجي خالد بن وليد روڊ تي گل موٽرز جي اڳيان ملڻ جو طئہ ٿيو, اتي پھتا سون تـ سائين تازو واڪ ڪري گل موٽر جي بند شوروم جي ڏاڪڻ تي ٽريڪ سوٽ ۽ جوگر ۾ ويٺل ھو ـ ملڻ سان چيائين تـ مان ووٽ جا پندرھن لک وٺندس, کيس سلطان لاکاڻي ٻڌايو تـ ھن وقت ووٽ جو ريٽ ست لک آھي پر اوھان جي عزت ڪندي ڏھ لک ڏيندس ـ ان تي سائين فوري جواب ڏنو تـ ڏيو تـ پندرھن لک ورنـ ڏھن لکن تي منھنجو ضمير اجازت نٿو ڏي ـ آخر ٻارھن لکن تي سائين جي ضمير کيس اجازت ڏني ـ اليڪشن ۾ سلطان لاکاڻي کٽڻ جي خوشي ۾ دعوت رکي. اتي رات جو ڪچھري ۾ راجـ سائين جي ويجھي ۽ پياري ساٿي ۽ فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر سائين شاھ محمد شاھ سان ڪنھن سياسي ڳالھ تي شديد قسم جو اختلاف ٿيو ۽ اھو اختلاف راجـ سائين جي نارضگي جو سبب پڻ بڻيو ـ

ڪجھ ڏينھن کانپوء ميرپور ماٿيلي جي ڀر ۾ نائچن جي ٽن ماڻھن کي رات جو ڪنھن گوليون ھڻي قتل ڪيو ۽ اھي پير صاحب جي جماعت جا ھيا ـ نائچن جو زمين جي مسئلي تي پتافين سان جھيڙو ھلندڙ ھو ـ حالانڪـ ان جو فيصلو پتافي سردار وٽ رکيل ھو, پر وچ ۾ ڪن شاھينگن اھو ڪم ڪري ڏيکاريو ـ مون تي جيڪا نارضگي ھئي ان جو اثر پتافين تي پيو ۽ راجـ سائين جي زور ڀرڻ تي  نائچن سڌي ناليوار فرياد سردار پتافي جي پڳدار پٽ مير عبدالقيوم ۽ ڇھن ٻين معتبر پتافين مٿان داخل ڪرائي ـ واردات وقت عبدالقيوم ۽ سندس والد سردار احمد علي پتافي عبد الله شاھ چيف منسٽر وٽ چيف منسٽر ھائوس ڪراچي ۾ ويٺا ھيا, جتي عبدالقيوم کي ڊي ايس پي جو آرڊر ڏنو ويو ـ

انويسٽيگيشن ۾ تـ عبدالقيوم جو نالو خارج ڪيو ويو, پر سردار پتافي جي خواھش ھئي تـ ڪيئن بـ ڪري فيصلو ٿيڻ گھرجي, پر پير صاحب جن سخت نارض ھيا ۽ پتافي سردار جو نالو ٻڌڻ لاء بـ تيار نـ ھيا ـ سردار مون کي فيصلي ڪرائڻ لاء چيو. مان کيس سائين جي ايم سيد وٽ وٺي آيس ـ سائين کي حقيقت گوش گذار ڪئي ـ سائين پير صاحب سان فون تي رابطو ڪري پنھنجي فرزند امير حيدر شاھ ۽ مون لاء چيو تـ اوھان سان ملندا ۽ احوال روبرو ڪندا ـ طبيعت ناساز ھئڻ با وجود پير صاحب جن ڪمال مھرباني سان ملڻ جي اجازت ڏني ـ سائين امير ۽ مان ڪنگري ھائوس آيا سون جتي پير صاحب جن اڳ ۾ موجود ھيا ـ خوش خير کانپوء احوال شروع ٿيا تـ جيئن ئي اڃان سائين امير حيدر شاھ سردار احمد علي پتافي جو نالو ورتو تـ پير صاحب سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پر جوش انداز سان چيو تـ مھرباني ڪري ان جو نالو منھنجي اڳيان نـ وٺو, ھن پنھنجي سرداري, ايم پي اي شپ ۽ پي پي حڪومت جي زور تي ناحق منھنجا ٽي ماڻھو مارايا آھن, ھن سان ڪو فيصلو ناھي ـ سائين امير حيدر شاھ خاموش ٿي ويو ـ ڪجھ وقفي کانپوء مون پير صاحب جن کي وڏي ادب, احترام ۽ آھستگي سان عرض ڪيو تـ سائين پتافين شايد اوھان جا ماڻھو نـ ماريا ھجن ۽ نـ ڪا ڏاڍائي ڪئي اٿن, سرداري ايم پي اي شپ ۽ حڪومت اڄ بـ موجود اٿن, جي پرواھ نـ ھجين ھا تـ پوء ڇو سائين جي ايم سيد کان چورائي اسين ٻـ سيد ميڙ ڪري اوھان وٽ فيصلي ڪرڻ لاء اچي ويٺا آھيون ـ سندس ڏاڍ مڙسي ڪيڏانھن وئي, ھو تـ ھر طرح جي واٽ نيت پت ڏيڻ لاء تيار آھن, فيصلو اوھان تي آھي, جي بغير ٻڏڻ جي اوھان ڪا فتوا جاري ڪندا تـ اھا بـ اسان کي قبول آھي ۔ پير صاحب چيو تـ اوھان ڪيئن ٿا چئو تـ پتافي ملوث نـ آھن, مونکي علائقي جي وڏي خليفي غلام قادر پنھنيار ۽ ڊي آء جي سکر چيو آھي تـ پتافي ڏوھي آھن ـ سائين امير حيدر شاھ جي روڪڻ با وجود مون ٻيھر کين گذارش ڪئي تـ  سائين جن ڪنھن حتمي نتيجي تي پھچڻ کان پھريان ھڪ دفعو ٻيھر غور ڪرڻ فرمائين, ڇا ڪاڻ تـ اسان جي علائقي ۾ طاقتور قبيلا ۽ انھن جا سردار يڪجاء رھن ٿا, ۽ گھڻو تڻو پاڻ ۾ ٺھن ڪونـ ۽ شديد اختلاف بـ رکن ٿا ـ سردار پتافي جي پٽ جي سڄي علائقي ۾ ڏاڍ مڙسي ۽ چڱاين جي ھاڪ آھي ـ پتافين جا دشمن چئن طرفن کان آھن, ايئن نـ ٿئي جو پتافي جي پٽ تي ڪو ٻيو وار ڪري وڃي ۽ کاتي غريب نائيچن جي پيئي ـ قبلا سائين منھنجي خيال ۾ جي سردار پتافي جي پٽ کي ڪجھ ٿيو تـ پوء شايد ئي ڪنھن مخالف جو پٽ سلامت رھي ـ منھنجي نيڪ نيتي سان ڏنل صلاح ۽ چيل لفظن تي پير صاحب سخت برھم ٿيندي چيو تـ ڇا تون ڌمڪي ٿو ڏين ؟ مون فورن عرض ڪيو تـ قبلا ھرگز نـ مون فقط اوھان آڏو حقيقت رکي آھي ـ اوھان جي ناراضگيءَ سبب وڏي خونريزي ٿيندي, جيئن سانگھڙ ۾ شرن ۽ چانگن جي جھيڙي ۾ ٿيو (شرن ۽ چانگن جي خوني جھيڙي جو وڏو داستان آھي) ـ پير صاحب روالونگ چيئر تي ٻُ ٽي جھوٽا کائي مون ڏانھن آڱر کڻي چيو تـ تون فيصلو ڪر, مون عرض ڪيو تـ مان پتافين جي ڌر ٿي آيو آھيان, بھتر ٿيندو تـ سائين جن پاڻ فيصلو ڪن, سائين چيو تـ مان فيصلا نـ ڪندو آھيان انڪري فيصلو ڪنگري ٿا موڪليون ـ ڊاڪٽر ڪريم مھر کي گھرائي حڪم ڪيو تـ حافظ اسد الله مھر کي خط لک تـ نائچن ۽ پتافين جو فيصلو غلام شاھ ۽ تون قران شريف رکي ڪريو ـ ان طرح پنھنجي برداشت, دورانديشي ۽ حڪمت سان ھڪ وڏي خوني جھيڙي کي ٽاري ڇڏيو ـ

سياسي حوالي سان ملڪ جي ڏکي صورتحال ۾ حڪومت مخالف مشترڪـ مخالف پارٽين جا متفقـ ليڊر رھيا ـ سنڌ جي مسئلن تي بـ بيباڪي سان پنھنجو موقف رکندا ھيا ـ اڪثر ڪنگ ميڪر رھيا ـ سندس وڇوڙي جو خال شايد ڪو ڀري ـ

ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری پے روتی ہے،

بڑی مشکل سے ہوتا ہے چمن میں دیدہ ور پیدا ۔

 موجودھ اٺين پير صاحب پاڳاري صبغت الله شاھ راشدي سان منھنجو ذاتي طرح سان ديرينـ نيازمندي جو رستو رھيو آھي ـ پاڳاري ٿيڻ کانپوء بـ اھو سلسلو جاري رھيو, گھڻو ڪري منھنجي طرفان ڏنل صلاحن کي مان ڏيندا آھن ـ پاڳاري ٿيڻ کان پوء شروع جي ڏينھن ۾ مون کين عرض رکيو تـ, پير صاحب وڏي ڪراچي ۾ سنڌي مھاجر جھيڙي وقت حڪمت عملي تحت جماعت تي سنڌي ٽوپي پائڻ تي بندش وڌي ھئي, ھاڻي حالات تبديل ٿي چڪا آھن, امن امان بھتر آھي انڪري مھرباني فرمائي سنڌي ٽوپي تان بندش ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ـ ان سان ھڪ تـ سنڌي ڪلچر اجاڳر ٿيندو ٻيو غريب عورتن جو روزگار وڌندو ۽ جماعت سنڌي قوم جو حصو نظر ايندي ـ ٻيو عرض ڪيو تـ جماعت ۾ عورتن جي تعليم لازمي قرار ڏني وڃي, بي واھ, يتيمن ۽ ضرورت مندن جي لاء فنڊ مقرر ڪيو وڃي ـ مونکي خوشي ٿي جو ٿوري وقت ۾ ان سموري گذارشن تي عمل ڪيو ويو ـ

لنڊن ۾ ڪيمريج جي ڀر سان سندس پاليل گھوڙن جي جديد اسطبل ۽ شاندار فارم ھائوس تي رات جي ڪچھري ۾ مون کين عرض ڪيو تـ  گھڻو ڪري سڀني پاڳارن ڪو نـ ڪو منفرد ڪم ڪيو آھي ۽ ان عمل سان کين ياد ڪيو ٿو وڃي, اوھان بـ ڪو انھن کان منفرد ڪم ڪيو جيئن اھو ڪم اوھان جي سڃاڻپ ٿي پوي ـ پاڻ ڀوڳ واري انداز فرمايائون تـ لنڊن, مراڪو ۽ اسپين ۾ ڪنھن بـ پاڳاري گھوڙا نـ ڌاريا ھيا ۽ نـ ئي اتي فارم ھائوس ٺھرايا ھيا ۽ نـ ئي ڪنھن پاڳاري پنج پنج ھوائي جھاز خريد ڪيا ھيا, يا دبئي ۾ ولاز ورتا ھيا, اھڙا گھڻا ڪم ڪارڪردگيون آھن جيڪي منھنجي الڳ تشخص ۾ اچن ٿا ـ

مضمون جي ڊيگھ سبب ان اميد سان ھن دلچسپ ۽ حيرت انگيز داستان کي في الحال ختم ڪجي ٿو تـ شال سائين سيد محمد راشد جي ڏنل ھدايتن ۽ وڏڙن جي ڏنل بي مثال قربانين کي مد نظر رکي ھن اھم گادي کي ھلايو ويندو ـ

_________

سيد غلام شاھ سينئر سياسي اڳواڻ ۽ وڪيل آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button