حيدرآباد ۾ مدفن چار ڪلھوڙا حاڪم، جن مان صرف ٽن جي قبرن تي مقبرا اڏيل آھن
ميان عطر خان ڪلھوڙي جي تُربت بنا مقبري جي عام قبرن وانگر زبيده ڪاليج جي احاطي ۾ آھي .
ھن قبر کي ڏسي محسوس ٿيندو ته ڪڏھن ڪڏھن بادشاھ به بي وسيءَ ۾ ماريا ويندا آھن ۽ سندن مالڪي ڪرڻ وارو ڪو به نه ھوندو آھي .
الطاف صديقي
سنڌ جي ٽن ڪلھوڙن حاڪمن جي قبرن تي مقبرا تعمير ٿيل آھن جڏھن ته ھڪ حاڪم جي قبر عام قبر وانگر موجود آھي ان جو تفصيل ھيٺ ترتيب وار ڏيان ٿو .

1.ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جو مقبرو
غلام شاھ جو دور اقتدار 1758ع کان 1772ع تائين رھيو .
ھن نامياري ڪلھوڙي حاڪم حيدرآباد شھر کي وسايو ۽ شھر ۾ عاليشان پڪو قلعو ۽ ڪچو قلعو تعمير ڪرايو. ھن ڪلھوڙي حاڪم جي وقت ۾ سنڌ ملڪ خوشحال ٿيو ھو. ھُو 2 آگسٽ 1772ع تي فالج جي ڪري وفات ڪري ويو ھو. سندس تدفين سندس ٺھرايل ڪوٽ ۾ ٿي جتي بعد ۾ سندس پٽ ميان سرفراز خان مقبرو تعمير ڪرايو ھو .

2. ميان سرفراز خان ڪلھوڙي جو مقبرو
ھي ميان غلام شاھ جو فرزند ھو. پيءُ جي وفات کانپوءِ کيس اميرن سنڌ جو حڪمران ڪيو. سندس اقتدار وارو دور مختصر 1772ع کان 1775ع تائين آھي. ھن کان سندس حڪومت دوران درٻاري سازش تحت ميرن سردارن ، مير بھرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار کي قتل ڪرايو ۽ نتيجي ۾ کيس اقتدار تان ھٿ ڌوئڻا پيا. کيس سندس صغير پٽ مير محمد خان ۽ ڀاء محمود خان سان گڏ حيدرآباد ۾ قيد ڪيو ويو. اقتدار سندس چاچي ميان غلام نبي ڪلھوڙي کي مليو. کيس سندس پٽ ،ڀاءُ ۽ چاچي سان گڏ قيد خاني ۾ 1776ع ۾ قتل ڪيو ويو .

3. ميان غلام نبي ڪلھوڙي جو مقبرو
ھي حاڪم ميان غلام شاھ جو ويڳو ڀاءُ ھيو. سندس اقتدار جو دور بہ ٿورو عرصو رھيو. ميان سرفراز ڪلھوڙي کان پوء ڪجھ عرصي لاءِ سندس ڀاءُ ميان محمود خان عرف ابا خان کي ويھاريو ويو مگر ان کي نا اهل سمجھي ميان غلام نبيءَ کي تخت تي ويھاريو ۽ ميان محمود کي قيد ڪيو ويو. ميان غلام نبي لانيارءَي جي جنگ دوران طبعي موت گذاري ويو (يا کيس ماريو ويو). اھو سال 1776ع ھو. ميان غلام نبيءَ جي وفات جو ٻڌي سندس سڳي ڀاءُ ميان عبدالنبيءَ قيد ۾ سابق حڪمران ميان سرفراز ڪلهوڙي ، ميان عطر خان ڪلھوڙي ۽ سرفراز خان جي ڀاءُ ۽ صغير پٽ کي ھڪ رات ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. ان جو سبب اھو چيو وڃي ٿو ته ٻيو ڪو سندس اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿئي.
4. ميان عطر خان ڪلھوڙي جي قبر
ھيءُ به غلام شاھ ڪلھوڙي جو ڀاء ھو. افغاني درٻار جي حڪم سان سنڌ جو حاڪم ٿيو ھو مگر کيس بعد ۾ سندس ڀاء شڪست ڏني. ھن اقتدار تان ھٿ کنيو ۽ خاموشيءَ سان زندگي بسر ڪئي مگر سندس ڀاء ميان غلام نبيءَ جي وقت ۾ قيد ڪيو ويو ۽ سندس ٻئي ڀاءُ ميان عبدالنبيءَ جي وقت ۾ قيد ۾ قتل ڪيو ويو .

ميان غلام شاھ جو مقبرو سندس پٽ ميان سرفراز تعمير ڪرايو ھو . ميان غلام نبيءَ جو مقبرو سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي تعمير ڪرايو ھو. ميان سرفراز ڪلهوڙي جو مقبرو سندس والده ۽ سندس گھر واريءَ تعمير ڪرايو ھو .
ميان عطر خان ڪلھوڙي جي تُربت بنا مقبري جي عام قبرن وانگر زبيده ڪاليج جي احاطي ۾ آھي . ھن قبر کي ڏسي محسوس ٿيندو ته ڪڏھن ڪڏھن بادشاھ به بي وسيءَ ۾ ماريا ويندا آھن ۽ سندن مالڪي ڪرڻ وارو ڪو به نه ھوندو آھي .
ميان عطر خان جي تربت بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ھڪ آرٽيڪل حسين بادشاھ جي مرتب ڪيل ڪتاب حيدرآباد جي تاريخ جي صفحي 68 تي آھي جنھن ۾ لکن ٿا ته اوڀر واري قبر ميان عطر خان جي آھي. اولھ واري قبر متعلق ڪجھ نہ لکيو اٿن ، جڏھن ته سنڌ جي قديم آثارن واري ڊائريڪٽريءَ جي صفحي 197تي لکيو ويو آھي ته اُلھندي واري قبر سندس پٽ جي آھي. ڪلھوڙن جي معلومات تاريخ سنڌ (ليکڪ غلام رسول مهر) تان ورتل آھي . مون ھيءَ سائيٽ ٻيھر 21/09/2025 تي گھمي ھئي .
________________

الطاف صدصقي رٽائرڊ بينڪر آھي.



