سنڌ ۾ موبائل فونن جي ڦُر جون وڌندڙ وارداتون، روڪٿام ۽ رنڊڪون
ڦُر ۽ چوري ٿيل يا گُم ٿيل موبائل فون جو خانگي طور پتو لڳائڻ لاءِ پنجن کان ڏهن هزار رُپين تائين رقم ادا ڪرڻي پوي ٿي. ٽريڪنگ جي قيمت کان پوءِ موبائل فون جي هٿ اچڻ يا واپس ڪرائڻ جي سلسلي ۾ الڳ پئسا ڏيڻا پون ٿا. ان حساب سان موبائل فون جيتري قيمت جي آهي، ان جي ڳولا ۽ واپسيءَ تي لڳ ڀڳ ان جي اڌ کان به وڌيڪ رقم خرچ ٿي وڃي ٿي.

نسيم بخاري
ملڪ جي مختلف حصن، خاص طور تي سنڌ جي وڏن توڙي ننڊن شھرن ۽ ڪٿي ڪٿي ڳوٺن ۾ موبائل فون ڦرڻ ۽ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ان جا بنيادي سبب معاشي دٻاءُ، پوليس جو ناقص گشت ۽ غير مؤثر نگراني کي قرار ڏنو پيو وڃي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ اختيارين پڻ ڳتيل آباد علائقن ۾ موبائل فون کسجڻ جي وڌندڙ وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي.
ڦُر ۽ چوري ٿيل يا گم ٿيل موبائل فون جو پتو خانگي طور لڳائڻ لاءِ پنجن کان ڏهن هزار رُپين تائين رقم ادا ڪرڻي پوي ٿي. ٽريڪنگ جي قيمت کان پوءِ موبائل فون جي هٿ اچڻ يا واپس ڪرائڻ جي سلسلي ۾ الڳ پئسا ڏيڻا پون ٿا. ان حساب سان موبائل فون جيتري قيمت جو آهي، ان جي ڳولا ۽ واپسيءَ تي لڳ ڀڳ ان جي اڌ کان به وڌيڪ رقم خرچ ٿي وڃي ٿي.
موبائل فون ڦرڻ ۽ چوري ڪرڻ وارا ماڻهو هاڻي ايترا هوشيار ۽ محتاط ٿي ويا آهن، جو يا ته موبائل فون جو آءِ ايم اي آءِ نمبر ئي تبديل ڪرائي ڇڏين ٿا، يا وري ان موبائل فون ۾ ڪا سم ئي نٿا وجهن. ان کان علاوه، اهي موبائل فون ٽيڪنيڪل ماڻهن جي حوالي ڪري ٿوري رقم حاصل ڪن ٿا، جيڪي موبائل فون کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان جي اصل قيمت کان ٻيڻي رقم وصول ڪن ٿا.
ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ رياض لاشاريءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ پيادل پنھنجي آفيس ويندي ڏينهن ڏٺي جو وچ شڪارپور مان ڦُر ٿيل موبائل فون پوليس ڏوهارين سميت هٿ ڪري ورتي آھي. ڦورن جي واضح تصويرن ۽ وڊيو ڪلپس توڙي واردات وارو سڄو واقعو سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ محفوظ ٿيڻ کان پوءِ کليل چهرن وارا ٻه موٽرسائيڪل سوار ڏوهاري پوليس ڳولهي گرفتار ڪري ورتا آهن. رياض جي عاجزاڻن لاڳاپن ۽ سماجي خدمت سبب موبائل فون کسجڻ وارو معاملو هر سطح تي ايترو ته اجاگر ٿيو، جو واردات واري ڏينهن ئي نه رڳو موبائل فون جي واپسي يقيني بڻجي وئي، پر اصل جوابدار به گرفتار ٿي ويا، جن پنهنجي ڏوهاري رڪارڊ جو به اعتراف ڪيو آهي.
رياض مٿان پوليس جو دٻاءُ آهي ته هو ڪيس داخل ڪرائي. سوال اهو آهي ته هو ڪهڙي ايف آءِ آر ڪرائي. جيڪڏهن نامعلوم جوابدارن تي ڪرائي ٿو ته سڃاڻپ وارا معاملا ۽ پوليس پاران بي گناهن کي تنگ ڪرڻ وارا سلسلا سُجهن ٿا. جيڪڏهن نامزد ايف آءِ آر ڪرائي ٿو ته ذاتي دشمنين واري دڳ تي کيس دوبدو ڪيترن دردن جو بار برداشت ڪرڻ وارو گمان ماري ٿو.
ايف آءِ آر ۾ فريادي ٿيڻ سان جاچ دوران پوليس جو انداز ۽ خرچي پاڻيءَ وارو معاملو به کيس ڳچيءَ پوڻ جو انديشو آهي. ٿاڻي ۽ ڪورٽ تائين ڀڄ ڊڪ يا وڪيل ڪرڻ واريون سرگرميون به مارين ٿيون, پر منھنجو ذاتي خيال آهي ته ڪنهن به ڏوهه جا حقيقي ڏوهاري ڀل سماجي دٻاءَ يا سوشل ميڊيا جي پريشر هيٺ پڪڙجن ٿا ته متاثر ماڻهن کي بهادريءَ سان نروار ٿي ڪيس داخل ڪرائڻ گهرجن, ڇوته انهن سان هڪ ته سندن اخلاقي سوڀ منظر عام تي عيان ٿيندي آهي, ٻيو ته سندن حمايتين کي به حمايت ڪرڻ واري عمل تي تسلي ٿيندي آهي. گڏوگڏ ڏوهارين جو نه رڳو رڪارڊ خراب ٿيندو آھي, پر اهي پنهنجن چڱن مٺن معرفت متاثرين ڏانهن ميڙ موڪلي سندن مظلوميت واري حقيقت کي به تصديق واري مهر هڻندا آهن. فريادين جي بي خوفي ۽ دليريءَ سبب نه رڳو هر هنڌ هاڪ هلندي آهي, پر ساک به اڃا وڌيڪ بهتر ٿيندي آهي.
پر الائي ڇو عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو ڦريل سامان جي واپسيءَ تي ئي خوشيون ملهائي, نعرا هڻي ماٺ رهڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي ڀائيندا آهن.

شڪارپور جي ٿاڻي لکي در جي حد ۾ بلال موبائل فون شاپ مان وڏي تعداد ۾ موبائل فونن جي ڦرلٽ جي واردات پڻ سامهون آئي ھئي، جنهن جا جوابدار به گرفتار ٿيا ھئا. هڪ ڀيري شڪارپور پوليس ڪروڙين رپين جا موبائل فون هٿ ڪري مقامي، قومي ۽ عالمي سطح تي وڏي پذيرائي حاصل ڪئي هئي.
لکيدر ٿاڻي جي حد ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کان ڪجهه وقت اڳ موٽرسائيڪل ڦر ٿي هئي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن اها موٽرسائيڪل ساڳئي ئي ٿاڻي جي حد ۾ مالڪ سڃاتي ته کيس جوابدار چيو “گاڏي تنهنجي آ۔ تون کڻي وڃي سگهين ٿو, پر اسان کي اها خبر آ ته تنهنجي روز جا معمولات ڇا آهن. تنهنجا ٻار ڪهڙن اسڪولن ۾ پڙهندا آهن ۽ تنهنجي زال ڪهڙي وقت پئڪين ايندي ويندي آهي. “
ساڳئي ئي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ همراهه کان موٽرسائيڪل ۽ نقد رقم ڦر ٿي. ڏوهارين کيس موبائل ساڻ نه هئڻ واري ڏوهه تي ڏمرجي تشدد جو نشانو بڻايو.
ٿاڻي اسٽورٽ گنج جي حد ۾ ڏوهارين هڪ موٽرسائيڪل سوار جو پيڇو ڪيو. هو خوف ۾ خوش قسمتيءَ سان تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي گهر جي در تائين به پهچي ويو. ڏوهارين کي جڏهن واردات وارو داءُ نه ڦٻندي محسوس ٿيو ته کيس ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيائون.
موجوده ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جڏهن شڪارپور ۾ ايس ايس پي هو تڏهن شڪارپور پوليس جي آءِ ٽي سيل عام ماڻهن سان موبائل ڦر وارداتن جي حوالي سان به سرگرم هئي. ماڻهن کي ٿاڻن تي گهرائي ساڳي ئي موبائل واپس ڏئي فوٽو ۽ وڊيو ڪلپس ميڊيا سان شيئر ڪيون وينديون هيون. اها الڳ ڳالهه آهي ته جوابدارن سان معاملا ڪيئن طئہ ٿيندا هئا. هاڻي آءِ ٽي سيل عام ماڻهن سان ٿيل اڪثر وارداتن ۾ نه رڳو منظر تان غائب آهي, پر لڳي ٿو ته ان جو ڪو وجود ئي نه آهي.
عام طور تي گهرن جي ٻاهران واءِ فاءِ ڪوڊ جي لالچ ۾ ويٺل اڪثر, ٻارن, شاگردن, پڪن پوڙهن ۽ هوٽلن تي ويٺلن توڙي اهم چوڪن تي فون تي ڳالهائيندڙ ماڻهن يا واڪ ڪندڙ نوجوانن کان ڦر وارداتون ايتريون ته تيزيءَ سان وڏي تعداد ۾ ٿي رهيون آهن جو ماڻهو ان واقعي کي “قسمت جو لکيو” سمجهي ٿاڻي تي وڃڻ ئي مناسب نه ٿا سمجهن. جيڪي ٿاڻي جو در ڏسن ٿا, انهن کي پوليس ايترو گهمائي ڦيرائي يا خرچ ڪرائي ٿي جو هنن کان پهرين واردات وسري پوئين تلخ تجربي واري معاملو وڪوڙي وڃي ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليس ڏوهارين, سندن واسطيدارن ۽ پشت پناهي ڪندڙن کان لاتعلق ٿي عوام دوستيءَ جي حوالي سان مثبت وکون وڌائيندي ماڻهن لاءِ گهڻ رخن حوالن سان لاڀائتي ثابت ٿئي. پوليس خود پاڻ به وارداتن ۾ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي بنياد تي فريادي بڻجي سگهي ٿي, ڇوته ڏينهن ڏٺي جو يا رات جو سر عام جيڪي ڏوهه ٿين ٿا, انهن ۾ ملوث اڪثر بي نقاب ڏوهاري پوليس ئي پنهنجي طريقي سان ڳولهي انهن کي وائکي ڪرڻ جو فن ڄاڻيندي آهي.
اسان جي سماج جي موجوده دور جو پوليس جي حوالي سان وڏو الميو اهو به آهي ته خاص ڪري اتر سنڌ ۾ ڪميونٽي پوليسنگ وارو رجحان اٽي ۾ لوڻ برابر بچيو آهي.
شڪارپور ۾ ماضيءَ جا ڪجهه اهڙا عوام دوست پوليس آفيسر به رهيا آهن, جن عام ماڻهن توڙي ساڃاهه وندن سان گهڻي کان گهڻا واسطا ۽ رابطا رکي نه رڳو شهرين کي تحفظ جو احساس ڏياريندي هر معاملي ۾ تسلي جوڳي ڪردار جو ويساهه پختو ڪيو, پر انهن ڏوهارين خلاف وقتائتيون ڪاروايون ڪري سندن واسطيدارن ۽ بااثرن کي به انهن کان پري رهڻ جو نياپو ڏنو. جيڪڏهن ڪٿي ڪا ناجائز سياسي مداخلت پنهنجو اثر ڏيکاري به وئي ته وقتي طور تي ڏوهارين کي ڇڏيو يا رليف ڏياريو ويو, پر بعد ۾ نه رڳو اهي “اک” ۾ رکيا ويا, پر مٿن اضافي ڪيس به هنيا ويا.
سياستدان توڙي بااثر ماڻهن به جڏهن ساڳين ئي ڏوهارين لاءِ ٻه ٽي ڀيرا سفارشون ڪيون, پر پوءِ به اهي نيڪ نيت آفيسرن جي ڪري پوليس جي وڪڙ ۽ پڪڙ ۾ ايندا رهيا ته هو به ڏوهارين کان بدزن ۽ بيزار ٿي چپڙي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا.
اهڙن پوليس آفيسرن ۾ ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي, اي ڊي خواجه, عبدالخالق شيخ, عارف حنيف, خادم رند, جاويد سونهارو جسڪاڻي, غلام اصفر مهيسر, شيراز نظير عباسي, ڊاڪٽر محمد رضوان احمد خان توڙي ڪنهن حد تائين خالد مصطفيٰ ڪورائي جو پڻ حوالو ڏئي سگهجي ٿو.
ماضيءَ جي پوليس آفيسرن جو عوام, ميڊيا ۽ اديبن سان گهڻ رخي رابطي جو کين هڪڙو اهو به فائدو ٿيندو هو ته هو سياستدانن جي بليڪ ميلنگ کان ڪنهن حد تائين بچي وڃڻ ۾ سوڀارا ٿيندا هئا, ڇوته هنن کي شڪارپور جي عوام سندن بدلين تي جيڪا محبت ڀري موٽ ڏني, اها تاريخ جو شاندار حوالو بڻجي رڪارڊ جو حصو ٿي وئي آهي.
مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري شيراز نظير عباسي شڪارپور جي شاعرن, اديبن ۽ ڪالم نگارن کي پاڻ وٽ گهرائي شھري مسئلن تي تفصيلي ڪچهري ڪئي هئي. سندس خيال هو ته اديب سچ لکندا ۽ ڳالهائيندا آهن. انڪري اهي آن دي رڪارڊ يا آف دي رڪارڊ کريون کريون ڳالهيون ٻڌائيندا, ۽ ٿيو به ايئن. هن ان گڏجاڻيءَ ۾ اهو انڪشاف ڪيو هو ته سندس تجربي ۽ مشاهدي ۾ ڊيوٽيءَ واري عرصي دوران پوليس پاران داخل ڪيل ايف آءِ آرز ۾ ڪابه کيس سئو سيڪڙو صداقت تي ٻڌل ايف آءِ آر نظر نه آئي آهي. ان گڏجاڻيءَ ۾ رياض هاشم لاشاري به موجود هو, جيڪو هنن سٽن لکجڻ تائين اهو طئہ ڪري نه سگهيو آهي ته کيس واقعي ۾ ملوث اصل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ به گهرجي يا نه.
ان معاملي کي اڳتي هلي ڪهڙو روپ ملي ٿو, سو ته پتو ناهي, پر ايترو ضرور آهي ته عام طور تي جيڪا پوليس مٿان سماجي دٻاءَ واري صورتحال هوندي آهي, سا وارداتن ۾ کسيل يا ڦريل شئين جي واپسيءَ سان گڏوگڏ اصل ڏوهارين جي گرفتاري ۽ کين سزا واري گهر ئي هوندي آهي, پر جڏهن انهن سڀني مطالبن تي پوليس پوري لهندي آهي ته متاثر ڌر پاران فريادي نه ٿيڻ واري للڪار هن لاء وڏي آزمائش به ثابت ٿيندي آهي.
سنڌ پوليس کي پنهنجي ساک پت بحال ڪرڻ لاءِ ڪي اهڙيون گهڻ رخيون ڪوششون به ڪرڻ گهرجن, جن سان عوام جو وڃائجي ويل اعتماد بحال ٿئي.
______________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



