ڪوريائي لوڪ ادب: صدين کان هلندڙ روايتن، عقيدن ۽ اخلاقي قدرن جو مجموعو
ڪوريا جي لوڪ ڪهاڻين ۾ انسانن، ديوتائن، روحن ۽ عجيب الخلقت جانورن جو هڪ دلچسپ سنگم ملي ٿو. ڪجھ ڪوريائي عقيدن موجب قدرت جي هر شئيءِ وڻن، جبلن، دريائن ۾ روح ٿئي ٿو.
ڪوريائي لوڪ ادب ۾ ڪجھ ڪردار عالمي سطح تي سڃاتا وڃن ٿا. مثال طور ڊوڪيبي (Dokkaebi)ڪوريا جو مشهور شرارتي “جن” يا “ڀوت” آهي ۽ گوميھو (Gumiho)نون پڇن واري لومڙي آھي جيڪا خوبصورت عورت جو روپ ڌاري انسانن کي ٺڳي ٿي

نصير اعجاز
ڪوريا جو لوڪ ادب نه صرف ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا جي ثقافتي ورثي جو هڪ اهم حصو آهي، پر اھو صدين کان هلندڙ انھن روايتن، عقيدن ۽ اخلاقي قدرن جو مجموعو آهي، جيڪي نسل در نسل سيني بہ سيني منتقل ٿيندا رهيا آهن.
ڪوريا جي لوڪ ڪهاڻين ۾ اسان کي انسانن، ديوتائن، روحن ۽ عجيب الخلقت جانورن جو هڪ دلچسپ سنگم ملي ٿو. ڪوريا جون لوڪ ڪهاڻيون اڪثر ڪري ڪجهه خاص موضوعن جي چوڌاري گھمن ٿيون.
ڪجھ قديم ڪوريائي عقيدن موجب قدرت جي هر شيءِ (وڻن، جبلن، دريائن) ۾ روح ٿئي ٿو. ڪهاڻين ۾ اڪثر روحن کي خوش ڪرڻ يا انهن جي ڪاوڙ کان بچڻ جو ذڪر هوندو آهي. ٻڌمت ۽ ڪنفوشس ازم جي لوڪ ڪهاڻين ۾ وري اڪثر ڪري نِيڪيءَ جو بدلو نيڪي ۽ والدين جي فرمانبرداريءَ جهڙا سبق ملن ٿا. ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ غريب هارين کي ظالم زميندارن تي فتح حاصل ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو عوامي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو.

ڪوريا جي لوڪ ادب ۾ ڪجهه اهڙا ڪردار آهن جيڪي عالمي سطح تي سڃاتا وڃن ٿا. مثال طور ڊوڪيبي (Dokkaebi)ڪوريا جو مشهور “جن” يا “ڀوت” آهي. هي شرارتي هوندو آهي ۽ انسانن کي چيلينج ڪندو آهي، پر خبيث نه هوندو آهي. اھڙي طرح گوميھو (Gumiho)نون پڇن واري لومڙي آھي جيڪا خوبصورت عورت جو روپ ڌاري انسانن کي ٺڳي ٿي. هائٽي (Haetae) هڪ افسانوي جانور آھي جيڪو باهه ۽ آفتن کان حفاظت ڪري ٿو. ان جو مجسمو اڪثر قديم محلن جي ٻاهران هوندو آهي. چونيو گيوشن (Cheonyeo Gwishin)ڪنوار جو روح آھي جيڪا پنهنجي اڌوري خواهش يا ظلم جي ڪري مرڻ کانپوءِ ڀٽڪي ٿي.
ڪوريا جون جيڪي ڪجهه شاهڪار لوڪ ڪهاڻيون مشھور آھن، انھن ۾ دانگون (Dangun) جي ڪهاڻي يا تخليق جي ڪهاڻي بہ شامل آھي. هيءَ ڪوريا جي سڀ کان قديم ۽ اهم ڪهاڻي آهي. ان موجب، آسمان جي بادشاهه جو پٽ ‘هوانونگ’ زمين تي آيو. هڪ رڇ ۽ هڪ لومڙي (ڪجهه نسخن ۾ بگهڙ) انسان ٿيڻ جي خواهش ڪئي. هوانونگ انهن کي صرف ٿُوم ۽ ھڪ ٻُوٽَي جا پن کائي اونداهي غار ۾ 100 ڏينهن رهڻ جو چيو. رڇ صبر ڪيو ۽ هڪ خوبصورت عورت بڻجي ويو، جنهن هوانونگ سان شادي ڪئي. انهن جو پٽ تانگون هو، جنهن ڪوريا جي پهرين سلطنت “گوجوسون” جو بنياد رکيو.
شيم چونگ (Shim Cheong) جي ڪهاڻي وري پيءُ سان محبت ۽ قربانيءَ جي علامت آهي. شيم چونگ پنهنجي انڌي پيءُ جي نظر واپس آڻڻ لاءِ پاڻ کي سمنڊ جي ديوتا جي حوالي ڪري ٿي يعني پنھنجي جان قربان ڪري ٿي. سندس سچائيءَ تي سمنڊ جو بادشاهه خوش ٿئي ٿو ۽ کيس واپس زمين تي موڪلي ٿو، جتي هوءَ ملڪ جي راڻي بڻجي ٿي ۽ پنهنجي پيءُ جي نظر به بحال ڪرائي ٿي.

هنگبو ۽ نولبو (Heungbu and Nolbu) ٻن ڀائرن جي ڪهاڻي آهي. هڪ لالچي (نولبو) ۽ ٻيو غريب پر رحم دل (هنگبو). هنگبو هڪ زخمي جهرڪي ءَ جي مدد ڪري ٿو، جيڪا کيس بدلي ۾ هڪ جادوئي ٻج ڏئي ٿي. ان ٻج مان نڪرندڙ ڪدوءَ مان سون جواهر نڪرن ٿا. جڏهن لالچي ڀاءُ ايئن ڪري ٿو ته کيس سزا ملي ٿي.
ڪوريا جو لوڪ ادب صرف قصا ناهن، پر اهي ڪوريائي سماج جي “هان” (Han) يعني گهري غم ۽ “هنگ” (Heung) يعني جوش ۽ جذبي جي عڪاسي ڪن ٿا. اڄڪلهه ڪوريائي ڊرامن ۽ فلمن ۾ انهن پراڻن ڪردارن (جهڙوڪ گوميھو يا ڊوڪيبي) کي جديد انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان هي ادب زنده آهي.
ڪوريا جي لوڪ ڪهاڻين ۾ جانورن (خاص ڪري واگهه ۽ لومڙي) کي انساني خاصيتون ڏئي اخلاقي سبق سيکاريا ويندا آهن.
ڪوريا جي لوڪ ڪهاڻين “ڊوڪيبي” (Dokkaebi) ۽ “گوميھو” (Gumiho) اهڙا ڪردار آهن جن کان سواءِ ڪوريائي ادب اڌورو آهي. ڊوڪيبي کي اڪثر “ڪوريائي جن” چيو ويندو آهي، پر هي مغربي جنن يا ڀوتن کان بلڪل مختلف آهي. هي ڪنهن مئل انسان جو روح ناهي، پر بي جان شين (جهڙوڪ پراڻي ٻُھاري، ڪهاڙي يا لٺ) مان جنم وٺندو آهي. سندس هٿ ۾ هڪ جادوئي لٺ هوندي آهي جنهن کي “ڊوڪيبي بينگمانگي” چيو ويندو آهي. هيءَ لٺ لوڏي هُو ڪا به شيءِ (جهڙوڪ سون يا کاڌو) پيدا ڪري سگهي ٿو. ڊوڪيبي ڏاڍو رانديگر ۽ شرارتي هوندو آهي. کيس ڪُشتي وڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو آهي ۽ هو اڪثر واٽهڙن کي ڪُشتي جو چيلينج ڪندو آهي. ڪهاڻين ۾ ڊوڪيبي هميشه نيڪ ماڻهن جي مدد ڪندو آهي ۽ لالچي ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو آهي.

نون پڇن واري لومڙي گوميھو ڪوريا جي سڀ کان مشهور ۽ خوفناڪ افسانوي مخلوق آهي. روايتن موجب، جڏهن هڪ لومڙي هڪ هزار سالن تائين زنده رهي ٿي، ته اها “گوميھو” بڻجي ويندي آهي.گوميھو اڪثر ڪري هڪ انتهائي خوبصورت عورت جو روپ ڌاريندي آهي ته جيئن مردن کي ڦاسائي سگهي. قديم ڪهاڻين ۾ چيو ويندو هو ته هوءَ انسان جون بُڪيون کائيندي هئي ته جيئن مڪمل انسان بڻجي سگهي.
جديد ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ گوميھو کي هڪ اهڙي ڪردار طور پيش ڪيو ويندو آهي جيڪو انسان بڻجڻ لاءِ تڙپي ٿو. جيڪڏهن هوءَ 100 ڏينهن تائين ڪنهن انسان سان رهي ۽ پنهنجي اصل سڃاڻپ ظاهر نه ٿيڻ ڏئي، ته هوءَ انسان بڻجي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ چين ۽ جپان جي لوڪ ادب ۾ به اهڙيون لومڙيون آهن، پر ڪوريا جي گوميھو انهن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ پراسرار مڃي وڃي ٿي.
ڪوريا جي لوڪ ادب ۾ هڪ لفظ استعمال ٿيندو آهي “ڪائون سون جن اڪ” (Kwon Seon Jing Ak)، جنهن جو مطلب آهي: “نيڪيءَ جي همت افزائي ۽ برائي جي سزا.” چاهي اها ڊوڪيبي جي جادوئي لٺ هجي يا گوميھو جو روپ، هر ڪهاڻي جي پويان هڪ گهري اخلاقي نصيحت لڪل هوندي آهي.
_____________
نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.




زبردست سائين، ڪوريا جي لوڪ ادب ۾ مختلف ڪردارن سان واقفيت ڪرائڻ لاءِ