Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

 آرٽ ٿراپي: رنگن، خاڪن ۽ تخليق ذريعي ذهني صحت جو علاج

آرٽ ٿراپي هڪ جديد ۽ اثرائتو علاج آهي جيڪو نه رڳو اسان کي پنهنجي اندر جي دنيا سان جوڙي ٿو پر اسان کي ذهني سڪون ۽ خوشي به عطا ڪري ٿو.

ان ۾ فن ۽ نفسيات جو ميلاپ اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي رنگن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.

ضروري ناهي ته اهو عمل رڳو بيمار ماڻهن لاء ئي هجي، اهو عمل هرڪو ماڻهو ڪري سگهي ٿو جيڪو پنهنجي پاڻ کي ذهني طور تي مضبوط،  مصروف ۽ سڪون ۾ رکڻ چاهي ٿو.

عبدالله عثمان مورائي

اڄ جي تيز ترين زندگيءَ ۾ جتي نفسياتي دٻاءُ ، پريشانيون ۽ ذهني بيماريون عام ٿي ويون آهن، اتي انهن مان نڪرڻ لاءِ مختلف طريقا ڳوليا پيا وڃن. انهن طريقن مان هڪ آهي آرٽ ٿراپ (Art Therapy)  جيڪو هڪ اهڙو علاج آهي جنهن ۾ فن ۽ تخليق کي استعمال ڪري ذهني، جذباتي ۽ جسماني مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ان ۾ تصويرون ٺاهڻ، رنگ ڀرڻ، مٽيءَ جا نمونا ٺاهڻ (Sculpting)، ڪوليج (Collage) بڻائڻ يا ٻيون تخليقي سرگرميون شامل هونديون آهن.

Art therapy -TheAsiaN-AI-1

آرٽ ٿراپي ڇا آهي؟

آرٽ ٿراپي هڪ پيشيور علاج آهي جيڪو ماهر ٿراپسٽ جي نگرانيءَ هيٺ ڪيو ويندو آهي. ان جو مقصد اهو ناهي ته ڪو هڪ بهترين آرٽسٽ بڻجي، پر اهو آهي ته هو فن جي ذريعي پنهنجن جذبن، سوچن ۽ اندروني احساسن جو اظهار ڪري سگهي، جن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو هجي.

ان کي هن طرح سمجهي سگهجي ٿو ته ڪيترائي ڀيرا اسان کي خبر ئي ناهي هوندي ته اسين ڪهڙن جذبن مان گذري رهيا آهيون. آرٽ ٿراپي اسان کي اهي لڪل جذبا سڃاڻڻ ۽ انهن کي ظاهري روپ ڏيڻ ۾ مدد ڪندي آهي. ٻيو وري جڏهن ماڻهو ڪنهن تخليقي عمل ۾ مصروف هوندو آهي ته تڏهن سندس ذهن پريشانين کان پري ٿي ويندو آهي. اها هڪ قسم جي ”ميڊيٽيشن“ پڻ آهي. ان کانسواء جيڪي تصويرون يا نمونا اسين ٺاهيندا آهيون، اهي اسان جي اندروني سوچن جي عڪاسي ڪندا آهن. ٿراپسٽ انهن تصويرن کي سمجهي اسان کي پنهنجي مسئلن جي حل ڳولڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

Art therapy -TheAsiaN-AI-2

آرٽ ٿراپي جا مثال ۽ سرگرميون

آرٽ ٿراپي ۾ مختلف سرگرميون شامل هونديون آهن، جيڪي هر عمر جي ماڻهن لاءِ فائديمند ٿي سگهن ٿيون، مثال طور، هڪ پيچيده ڊزائن يا ڪنهن آرٽ جي نموني ۾ رنگ ڀرڻ سان ذهن کي سڪون ملي ٿو. اهو ڌيان وڌائڻ ۽ دٻاءُ گهٽائڻ جو هڪ سادو پر اثرائتو طريقو آهي. ننڍا ٻار ۽ وڏا سڀ ان مان فائدو وٺي سگهن ٿا.

آرٽ ٿراپي ۾ ائين به ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن کي ڪنهن به ذهني ڪيفيت خوشي، ڪاوڙ يا پريشاني جي تصوير ٺاهڻ لاءِ چيو ويندو. هڪ شخص جنهن کي ڪاوڙ هجي، شايد ڳاڙهي رنگ جون تکيون ليڪون ٺاهي. ٿراپسٽ پوءِ ان تصوير تي بحث ڪندو ته ان ڪاوڙ جو سبب ڇا آهي ۽ ان کي ڪيئن سنڀالي سگجي ٿو.

ڪوليج ٺاهڻ

هن عمل ۾ مختلف رسالن، اخبارن يا پراڻن ڪتابن مان تصويرون ۽ لفظ ڪٽي هڪ نئين تصوير ٺاهڻ لاء چيو ويندو آهي. اهو عمل انسان جي خوابن، خوفن يا مستقبل جي منصوبن کي بصري روپ ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي. مثال طور، ڪنهن شخص کي پنهنجي ڪيريئر بابت پريشاني هجي ته هو انهن تصويرن کي گڏ ڪندو جيڪي سندس مستقبل جي خواهشن يا خوفن کي ظاهر ڪن ٿيون.

مٽيءَ جا نمونا ٺاهڻ

هن ٿراپي ۾ مٽيءَ سان ڪو نمونو ٺاهيو ويندو آهي. هي عمل انهن جذبن کي جسماني روپ ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو جن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو هجي ٿو. جسماني طور مٽيءَ کي سنڀالڻ سان دٻاءُ گهٽجي ٿو ۽ هٿن ۽ دماغ جي ڪوآرڊينيشن بهتر ٿئي ٿي.

رشتن جي آرٽ ٿراپي

هي انتهائي دلچسپ عمل آهي جنهن ۾ خاندان جا ميمبر گڏجي هڪ تصوير ٺاهين يا هڪ وڏي ڪينواس تي پنهنجي رشتي جو اظهار ڪن. اهو انهن جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائي ٿو ۽ لڪل مسئلن کي سامهون آڻي ٿو.

آرٽ ٿراپي جا فائدا

اهڙن ماڻهن لاءِ علاج جو سولو  ۽بهترين رستو آهي جيڪي لفظن ۾ پنهنجن احساسن جو اظهار نٿا ڪري سگهن، جيئن ٻار يا جن کي ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. تخليقي عمل ذريعي ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي سمجهي وڌيڪ پر اعتماد ٿيندو ۽ خود اعتمادي وڌندي آهي. ان سان گڏوگڏ جذباتي ۽ ذهني وضاحت اچڻ سان ماڻهو زندگيءَ بابت بهتر فيصلا ڪري سگهي ٿو. ٽراما يا صدمي وارن واقعن مان گذرندڙ ماڻهن لاءِ آرٽ ٿراپي هڪ محفوظ رستو فراهم ڪري ٿي ته هو پنهنجن تجربن کي ٻيهر محسوس ۽ اننهن کي پروسيس ڪري سگهن.

 آرٽ ٿراپي ڪير ڪير وٺي سگهي ٿو

آرٽ ٿراپي هر عمر جي ماڻهن لاءِ فائديمند آهي مثال طور جن ٻارن ۽ نوجوان کي اسڪول يا گهر ۾ مسئلا هجن. اهي بالغ جيڪي دٻاءُ، پريشاني، ڊپريشن يا ٻين نفسياتي مسئلن مان گذري رهيا هجن. يا اهي بزرگ جن کي اڪيلائي يا يادگيريءَ جا مسئلا هجن. يا وري اهي  بيمار ماڻهوجيڪي دائمي بيمارين (Chronic illnesses) يا جسماني سورن سان وڙهي رهيا هجن.

آخر ۾ ڳالهه جو خلاصو ته آرٽ ٿراپي هڪ جديد ۽ اثرائتو علاج آهي جيڪو نه رڳو اسان کي پنهنجي اندر جي دنيا سان جوڙي ٿو پر اسان کي ذهني سڪون ۽ خوشي به عطا ڪري ٿو. ان ۾ فن ۽ نفسيات جو ميلاپ اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي رنگن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. ضروري ناهي ته اهو عمل رڳو بيمار ماڻهن لاء ئي هجي، اهو عمل هرڪو ماڻهو ڪري سگهي ٿو جيڪو پنهنجي پاڻ کي ذهني طور تي مضبوط،  مصروف ۽ سڪون ۾ رکڻ چاهي ٿو.

______________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button