Editor's pickMain Slideدنياڪالم

موري ۾ نقشن جي ڪتاب ’ورلڊ اٽلس‘ کان بلقان جي دل تائين: امن ۽ يادن جو هڪ سفر

ننڍپڻ جون ڪجهه يادون اهڙيون هونديون آهن جيڪي ڪڏهن به گهٽ نه ٿينديون آهن، اهي بس هڪ مناسب گهڙيء جو انتظار ڪنديون آهن ته جيئن ٻيهر جيئريون ٿي سگهن.

زندگيءَ ٻالڪپڻ جي ان عهد کي پورو ڪيو. مون بلقان جو سفر ڪيو ۽ پاڻ کي بلقان جي دل ۾ محسوس ڪيو. بوسنيا هرزيگووينا ۾ گهمندو رهيس، موستار جي مشهور ’ستاري موسٽ‘ پل جي مٿان ۽ ان جي هيٺان بيهي ان پل ۽ ڀر پاسي  جي وادين کي ڏسندو رهيس، جتي مسجدن مان ٻانگون ۽ گرجا گهر جون گهنٽيون هڪ ئي وقت ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. سرائيوو جي تاريخي گهٽين ۾  گهميس، جتي اولهه ۽ اوڀر جو حسين سنگم نظر اچي ٿو.

ماضي اڃا به زنده آهي. جنگ جون يادون باقي آهن. سرائيوو ۾ مون ’سرائيوو روزز‘ (سرائيوو جا گلاب) ڏٺا، جيڪي فٽ پاٿ تي مارٽر گولن جي ڪري بڻيل کڏا آهن، جن کي ڳاڙهي رنگ سان ڀريو ويو آهي. مون موستار ۾ عمارتن جي ڀتين تي گولين جا نشان ڏٺا، جيڪي اڃا به واضح آهن، جن کي خاموشيءَ سان ماضيءَ جي گواهي طور محفوظ ڪيو ويو آهي.

عبدالله عثمان مورائي

اسان مان ڪيترائي ماڻهو جيڪي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ وڏا ٿيا، انهن لاءِ اهڙي ئي هڪ ياد پاڪستان ٽيليويزن جو مشهور، يادگار ۽ معروف ڊرامو الفا براوو چارلي آهي. اهو  رڳو هڪ ڊرامو نه هو پر هڪ اهڙي دري هئي جيڪا اسان کي هڪ پري واري دنيا جي جهلڪ ڏيکاريندي هئي ۽ جنھن اسان جي ٻاراڻي وجود کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو. هڪ اهڙي دنيا جيڪا نظم و ضبط، رفاقت، ڀائپي، قرباني ۽ سڀ کان وڌيڪ امن جي مشن سان ڀريل هئي، جتي پاڪستاني فورسز کي بوسنيا جي جنگ زده علائقن  ۾ اقوامِ متحده جي امن دستن طور خدمتون سرانجام ڏيندي ڏيکاريو ويو۔

ڊرامي کان هٽي ڪري حقيقت ڪافي وڌيڪ سخت هئي. هر جمعي تي، مسجدن ۾ پيش امام صاحب بلقان جي انهن پري وارن علائقن ۾ رهندڙ مظلوم ماڻهن لاءِ امن ۽ سلامتيءَ جون دل سان دعائون گهرائيندا هئا. بلقان جو درد ڪنهن نه ڪنهن طرح اسان جي گهرن تائين پهچي ويندو هو، جيڪو اسان جي دعائن ۽ ڳالهين ۾ گونجندو رهندو هو. اسان اڪثر خبرن ۾ سربيا، مقدونيا، بوسنيا هرزيگووينا، ڪوسوو ۽ مونٽينيگرو جهڙا نالا ٻڌندا هئاسين، جن کان پوءِ هميشه ڏک، درد، تباهي ۽  لڏپلاڻ  جون خبرون اينديون هيون.

منهنجي اباڻي شهر مورو جي گهر جي هڪ پرسڪون ننڍڙي ڪمري ۾، جيڪو اسان جي خانداني لائبريري جو ڪم ڏئي ٿو، اتي بوڪ شيلفن ۾ منهنجي ٻالڪپڻ  جي دور جو ورلڊ اٽلس (نقشن جو ڪتاب) رکيل آهي. هڪ پراڻو ۽ ٿورو جهريل ڪتاب جيڪو اڃا به اتي موجود آهي، هي ڪتاب ڪڏهن دنيا ڏسڻ لاءِ منهنجي هڪ دري هو. 1990ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾، مان ان ورلڊ اٽلس کي کولي ويهي رهندو هئس ۽ يوگوسلاويا جي نالي سان منسوب هڪ تمام وڏي ۽ واحد ملڪ جي نقشي ۽ سرحدن تي آڱر ڦيرائيندو ۽ ان کي گهوريندو رهندو هئس. هڪ متحد ملڪ يوگوسلاويا جيڪو يورپ جي هڪ وڏي حصي تي پکڙيل هو. هڪ ٻار جي ذهن ۾ اهو بس هڪ هنڌ ۽ هڪ جاءِ هئي. سرحدون لڪل هيون، تاريخون نامعلوم ۽ مستقبل ناقابلِ تصور هو.

اهي جايون مون کي ڪنهن ڏوراهين ۽ پراسرار دنيا وانگر لڳنديون هيون. مون کي ياد آهي ته مان پنهنجي اٽلس کي ڏسندو هئس ۽ سوچيندو هئس ته، ”ڇا هتي ڪڏهن امن ٿيندو؟ ڇا مان ڪڏهن ڏسي سگهندس ته انهن خبرن جي سرخين جي پويان ڪهڙي حقيقت لڪل آهي؟“

انهن ڏينهن ۾ بلقان سياحت جو مرڪز نه هو، نه ئي اتي جي خوبصورتي يا نظارا اسان جي تصور ۾ هئا، پر هي خطو اسان لاءِ جنگ، تڪرار، خوف ۽ غير يقيني صورتحال جي علامت هو. خبرن ۾ اڪثر بلقان جي جنگ جي سٽيل علائقن جو ذڪر ٿيندو هو. سرائيوو، سبرينيٽسا ۽ پرسٽينا جهڙا نالا هڪ اهڙو وزن رکندا هئا، جنهن کي هڪ ٻار به محسوس ته ڪري سگهندو هو پر مڪمل طور تي سمجهڻ کان قاصر هو.

پر ان سڀ جي باوجود، منهنجي اندر هڪ هلچل پيدا ٿي ۽ ڪٿي نه ڪٿي هڪ جذبو جاڳيو. الفا براوو چارلي ڏسڻ ۽ جنگ ۽ امن جون بيشمار ڪهاڻيون ٻڌڻ کان پوءِ هڪ خاموش خيال جنم ورتو ته، ”شايد هڪ ڏينهن، جڏهن هتي امن موٽي ايندو، مان انهن سرزمينن کي پاڻ ڏسندس ۽ انهن جي سياحت ڪندس.“

وقت گذرندو رهيو ۽ سال گذري ويا. آخرڪار بندوقون ۽ توپون ماٺ ٿي ويون، جنگيون ختم ٿي ويون،   نقشا ٻيهر ترتيب ڏنا ويا ۽ نقشا بدلجي ويا۔ جيڪو منهنجي نقشن جي ڪتاب تي ڪڏهن هڪ واحد بلاڪ ۽ ملڪ هو، اهو ڪيترن ئي آزاد قومن، متحرڪ ملڪن ۽ رياستن ۾ ورهائجي ويو. يوگوسلاويا هاڻي هڪ اڪائي نه رهيو پر سلووينيا، ڪروشيا، بوسنيا هرزيگووينا، سربيا، مونٽينيگرو، اتر مقدونيا ۽ ڪوسوو جهڙن ملڪن ۾ ورهائجي ويو. هاڻي هر ملڪ جي هڪ پنهنجي سڃاڻپ، جهنڊو ۽ ڪهاڻي آهي.

۽ پوءِ، آخرڪار، زندگيءَ ٻالڪپڻ جي ان واعدي ۽ عهد کي پورو ڪيو. مون بلقان جو سفر ڪيو ۽ پاڻ کي بلقان جي دل ۾ محسوس ڪيو. بوسنيا هرزيگووينا ۾ گهمندو رهيس، موستار جي مشهور ’ستاري موسٽ‘ پل جي مٿان ۽ ان جي هيٺان بيهي ان پل ۽ ڀر پاسي  جي وادين کي ڏسندو رهيس، جتي مسجدن مان ٻانگون ۽ گرجا گهر جون گهنٽيون هڪ ئي وقت ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. سرائيوو جي تاريخي گهٽين ۾  گهميس، جتي اولهه ۽ اوڀر جو حسين سنگم نظر اچي ٿو.

ڪروشيا ۾، ايڊريٽڪ سمنڊ جو موتي سڏجندڙ شهر ڊوبروونڪ چُن جي پٿر سان گهڙيل ۽ نقش ٿيل ڪنهن پرين جي ڪهاڻي جي منظر جهڙو لڳو ۽ مون قديم ڀتين سان ٽڪرائجندڙ ايڊريٽڪ سمنڊ جي چمڪندڙ پاڻيءَ جو مشاهدو ڪيو. مون سربيا جي عظيم شهرن بلغراد ۽ ثقافتي مرڪز نووي ساد  جو پڻ سفر ڪيو، جتي ماضيءَ جي تڪليفن ، سختين ۽ حال جي بحاليءَ جو حسين ميلاپ نظر آيو. مونٽينيگرو جي جبلن ۽ سمنڊ جي وچ ۾ وسيل شهر ڪوٽور ۽ پيراست جي خوبصورتي ڪنهن Fjord جو منظر پيش ڪري رهي هئي. اتي هاڻي لکن جي تعداد ۾ سياح هر سال گهمڻ لاء پهچن ٿا.

اتر مقدونيا جي اوهريد  ۾ هڪ صاف شفاف ڍنڍ جي قديم پاڻيءَ ڪناري تاريخ ۽ سڪون جو احساس محسوس ڪيو، جڏهن ته ڪوسوو جي شهرن پرسٽينا ۽ پرزرين ۾ پنهنجي مستقبل جي تشڪيل ڪندڙ هڪ نوجوان ۽ پراميد قوم جي دلي ڌڙڪن کي محسوس ڪيو. هر پاسي سڪون ۽ امن هو.

اڳوڻي يوگوسلاويا کان اڳتي وڌندي، منهنجو سفر وسيع تر بلقان تائين پکڙجي ويو. جتي مون البانيا، بلغاريا ۽ رومانيا جو به رخ ڪيو. اهي ملڪ جيڪي پنهنجي ثقافت، تاريخ ۽ قدرتي خوبصورتي ۽ فطري حسن ۾ برابر جا مالامال آهن، جيتوڻيڪ اهي يوگوسلاويا جو حصو نه هئا، پر بلقان جي روح جي خوبصورتي ۽ همت کي زنده رکن ٿا.

انهن سفرن دوران جنهن شيءِ مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، اها رڳو اتان جي خوبصورتي نه پر تضاد هو. انهن علائقن مان گذرندي مون کي شدت سان احساس ٿيو ۽ مون محسوس ڪيو ته منهنجي ننڍپڻ جي خبرن هن خطي جي اصل ۽ حقيقي خوبصورتي جو ڪڏهن ذڪر ئي نه ڪيو هو. ٻالڪپڻ ۾ بلقان جو مطلب جنگ هو، پر اڄ اهو جبلن، دريائن، ڍنڍن ۽ صدين پراڻي تعميرات ۽ عمارتن جو حسين  منظر ۽ سنگم آهي. اهي ئي جڳهيون جتي ڪڏهن گولين جا آواز گونجندا هئا ، اڄ کل، خوشي، سياحت ۽ زندگيءَ سان ڀرپور آهن.

هن سفر جو سڀ کان وڌيڪ دل کي ڇهندڙ پهلو سفر جي سولائي ۽ آساني هئي. اڄ سرحدون پار ڪرڻ تمام سولويون آهن. اڄ بسون بنا روڪ ٽوڪ سرحدن جي آر پار هلن ٿيون ۽ شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿيون. ڪيترن ئي هنڌن تي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين ٽيڪسي ذريعي به وڃي سگهجي ٿو. ماڻهو آزاديءَ سان گهمندا آهن، ڪهاڻيون ونڊيندا آهن ۽ مهمانن جو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪندا آهن. امن نه رڳو واپس موٽي آيو آهي، پر ان جسماني ۽ جذباتي ٻنهي قسمن جون پُليون ٻيهر تعمير ڪري ڇڏيون آهن.

پر ماضي اڃا به زنده آهي. جنگ جون يادون باقي آهن. سرائيوو ۾ مون ’سرائيوو روزز‘ (سرائيوو جا گلاب) ڏٺا، جيڪي فٽ پاٿ تي مارٽر گولن جي ڪري بڻيل کڏا آهن، جن کي ڳاڙهي رنگ سان ڀريو ويو آهي. مون موستار ۾ عمارتن جي ڀتين تي گولين جا نشان ڏٺا، جيڪي اڃا به واضح آهن، جن کي خاموشيءَ سان ماضيءَ جي گواهي طور محفوظ ڪيو ويو آهي.

عجائب گهر ۽ يادگارون انهن ماڻهن کي ياد رکن ٿيون جيڪي هن جنگ ۾ شهيد ٿيا. بلقان جي انهن سرسبز جبلن ۽ سحر انگيز نظارن ۾ گهمندي مان اڪثر بيهي رهندو هئس ۽ انهن ماڻهن بابت سوچيندو هئس جيڪي هن امن کي ڏسڻ لاءِ زنده نه رهي سگهيا. مصروف گهٽين جي وچ ۾ جديد گاڏين جي هوندي به اڃا به ڪٿي ڪٿي پراڻي يوگو گاڏي نظر اچي ويندي آهي. اها سادي ڪار اڄ به يادگيرين، همت ۽ استقامت جي علامت آهي ، جيڪا ماضيءَ جي يادن ۽ همت جي نشاني بڻجي وئي آهي.

هي سفر رڳو سير سفر ۽ سياحت بابت نه هو، پراهو هڪ مڪمل دائرو هو، ننڍپڻ جي تخيل ۽ جوانيءَ جي حقيقت جي وچ ۾ ڪڙين کي ڳنڍڻ جو هڪ سفر هو. ٻالڪپڻ جي خوابن ۽ حقيقت جي وچ ۾ هڪ پل هو۔ بلقان اهو سيکاري ٿو ۽ اهو ان ڳالهه جو زنده ثبوت آهي ته ورهاڱو ڪيترو به گهرو ڇو نه هجي يا تڪرار ڪيترو به تلخ ڇو نه هجي، امن ئي واحد پائيدار منزل آهي. انفراسٽرڪچر ٻيهر  ٺهي سگهي ٿو، سرحدون کولي سگهجن ٿيون، پر معصوم زندگين جو نقصان اهو قرض آهي جيڪو ڪڏهن به لاهي نٿو سگهجي.

مون موري جي ان ٻار ۽ ان جي ورلڊ اٽلس واري ڪتاب جيڪو هو کڻي ان تي آڱريون ڦيري رهيو هو کي پوئتي نهاري ڏٺو ۽ مون ماضيء کي ياد ڪيو ۽ مون کي احساس ٿيو ته دنيا کي جنگين جي خاتمي لاءِ ڏهاڪن تائين انتظار نه ڪرڻ گهرجي. چاهي ڀلي اهو 90ع جو بلقان هجي يا اڄ جا تڪرار، حل رڳو هڪ ئي آهي ته امن لاء ڳالهه ٻولهه ڪجي، همدردي ۽ امن کي چونڊڻ جي همٿ ۽ جرئت ڪجي.

ايڊريٽڪ سمنڊ تي ٻڏندڙ سج سان گڏ هڪ پيغام واضح ٿي وڃي ٿو ته امن رڳو جنگ جو ختم ٿيڻ ناهي، پر اصل ۾ اها زندگيءَ جي شروعات آهي. آخرڪار هڪ سچ واضح ٿئي ٿو ته جنگيون تباهي، کنڊر، ڏک ۽ وڃايل نسلون ڇڏي وينديون آهن، پر امن ڀلي دير سان ئي ڇو نه اچي تعمير ڪندو آهي ۽ زخم ڀري ٿو، قائم رهي ٿو ۽ جسماني ۽ روحاني شفا ڏيندڙ آهي. بلقان پاڻ کي اهو سيکاري ٿو ته سرحدون بدلجي سگهن ٿيون، ملڪ ورهائجي سگهن ٿا، پر انسان جي امن لاءِ خواهش هميشه زنده رهندي آهي۔

اسان کي جنگ نه پر اهو امن سڃاڻپ ڏئي ٿو جيڪو اسين آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا۔ جيتري جلدي اسان تباهيءَ جي بدران ڳالهه ٻولهه ۽ مسئلن جي حل کي چونڊينداسين اوترو ئي وڌيڪ جانيون بچائينداسين ۽ هي دنيا وڌيڪ خوبصورت ٿيندي ويندي.

_______________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.    soomro.sweden@gmail.com

                                       

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button