Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

مائوزي تُنگ: مال چارڻ کان چين جي انقلابي اڳواڻ تائين زندگيءَ جو سفر

مائو ڇھن سالن جو ٿيو ته پڻس کيس مال چارڻ جي ڪم سان لڳايو. اٺن سالن جي عمر ۾ کيس ڳوٺ جي اسڪول ۾ ويھاريو ويو. هو سترهن سالن تائين پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي زندگي گذاريندو رهيو

مائوزي تُنگ جي اڳواڻيءَ ۾ تاريخي لانگ مارچ چين جي ڏکڻ کان اترين اولھه علائقي تائين ڇھن هزارن ميلن جو سفر هو. ان دوران ڪميونسٽ انقلابين ۽ ڪومنتانگ فوج ۾ سخت لڙايون ٿيون.

لانگ مارچ جي دوران ڪميونسٽ انقلابين 18 جابلو سلسلا ۽ 24 دريا پار ڪيا. لانگ مارچ جو اهو ڏکيو سفر 368 ڏينھن تائين جاري رهيو

مائوزي تُنگ انساني برادريءَ کي اهڙو چين بخشي ويو، جتي نه بادشاهه هو، نه ڪا درٻار هئي، نه پنڊت ۽ ڀوپا ۽ نه وري وڏيرا ۽ جاگيردار. بس خدا جي خلق آهي ۽ انھن جو راڄ

يوسف سنڌي

مائوزي تنگ هماليا پربت جيڏي شخصيت هو ۽ هماليا جيڏي ئي وڏي ملڪ چين ۾ سندس ئي قيادت ۾ انقلاب آيو، جنھن چين ۽ چينين جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي.

جا لڪن لوساٽي، سا سيج چڙهندي سسئي

’شي هوانگ تي‘چين جو اهو عظيم شھنشاهه هو، جنھن 210 ق. م کان 238 ق. م تائين چين تي حڪمراني ڪئي. هن فوجي طاقت سان پھريون ڀيرو چين کي هڪ ملڪ جي صورت ۾ متحد ڪيو ۽ ڪيترائي سُڌارا ڪيائين. انهن سڌارن چين جي تھذيبي ٻڌيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي.

ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ پنھنجي ڪتاب ’هڪ سؤ تاريخ ساز شخصيتون‘ ۾ لکي ٿو، ”اهو مائو جي زندگي ۾ چٽو ٿي ويو هو ته هو اهڙي ئي اثرائتي شخصيت آهي، جھڙي عظيم هستي ’شي هوانگ تي‘ جي هئي. ٻيئي چيني هئا. ٻنهي پنھنجي ملڪ ۾ انقلابي تبديليون متعارف ڪرايون.“

مائوزي تنگ جو جنم 26 ڊسمبر 1893ع ۾ ڏکڻ چين جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ’شائو شان‘ ۾ ٿيو، جيڪو چين جي صوبي هونان ۾ هو. سندس پيءُ وٽ ساڍا ٽي ايڪڙ ٻني هئي. هو پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. پاڻ ٽنھي ۾ وڏو هو، باقي ٻه کانئس ننڍا هئا.

مائوزي تنگ جو ڪُٽنبي نالو ’مائو‘ هو ۽ سندس شخصي نالو ’زي تنگ‘ هو. چين ۾ ڪُٽنبي نالا پھرين لکيا ويندا آهن. جيئن سومرو رشيد، گُگو اصغر، ميمڻ شھزاد.

مائو ڇھن سالن جو ٿيو ته پڻس کيس مال چارڻ جي ڪم سان لڳايو. اٺن سالن جي عمر ۾ کيس ڳوٺ جي اسڪول ۾ ويھاريو ويو. هو سترهن سالن تائين پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي زندگي گذاريندو رهيو ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ هونان جي گاديءَ جي هنڌ ’شنگشا‘ ويو. جتي کيس ’يانگ چانجي‘ نالي هڪ بھترين انسان مليو، جيڪو ايڊنبرگ مان فلسفي ۾ گريجوئيشن ڪيل هو. اڳتي هلي پنھنجي استاد ’يانگ چي‘ جي ڌيءَ ’يانگ ڪائي‘ سان مائو شادي ڪئي. گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مائو پيڪنگ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ لئبررين طور نوڪري ڪرڻ لڳو. جتي هن ڪتابن جو خوب مطالعو ڪيو.

1917ع ۾ روس ۾ انقلاب آيو. جتي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي حڪومت جو خاتمو ڪري، لينن جي اڳواڻيءَ ۾ مزدورن جي حڪومت قائم ٿي. ان انقلاب جا پڙاڏا سڄي دنيا ۾ گونجڻ لڳا ۽ چيني عوام جيڪو وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلمن جو ستايل هو، ان انقلاب کان متاثر ٿيو. سوويت انقلاب جي اثرن کي چين ۾ سڀ کان وڌيڪ شاگردن قبول ڪيو ۽ جڏهن سامراجي ملڪن چين ۾ جپان کي ڪجهه رعايتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته سامراجين جي ان سازش جي خلاف پيڪنگ ۾ شاگردن زبردست جلسا ۽ جلوس ڪڍيا، جيڪي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا. 4 مئي 1919ع جي شروع ٿيندڙ اها شاگرد تحريڪ چين ۾ سامراج دشمن ۽ جاگيردار مخالف تحريڪ جو بنياد بڻي ۽ ان چين جي انقلاب تي گھرا اثر ڇڏيا. مائوزي تنگ به ان تحريڪ ۾ شامل رهيو.

روس ۾ آيل سوشلسٽ انقلاب کان متاثر همراهن گڏجي شنگهائي ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو. 1921ع ۾ قائم ٿيندڙ ان ڪميونسٽ پارٽي جي بنيادي ميمبرن ۾ مائوزي تنگ به شامل هو، جيڪو ’هونان‘ صوبي جي عيوضي جي حيثيت سان ان گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو هو.

اسان جڏهن مائوزي تنگ جي باري ۾ ڳالهايون ٿا ته اصل ۾ اسان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي باري ۾ ڳالهائيندا آهيون ۽ دراصل اسان سڄي چين جي باري ۾ ڳالهائي رهيا هوندا آهيون. ڇاڪاڻ ته ايندڙ سٺ سالن تائين اهي ٽيئي وجود يعني مائوزي تنگ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ چين هڪئي وجود بنجي وڃن ٿا ۽ اهي هڪٻئي جي ڪاميابين، ناڪامين، غلطين ۽ سڀني معاشي ۽ ثقافتي لاهن چاڙهن ۾ گڏ رهيا ۽ هڪٻئي کي متاثر ڪندا رهيا.

پنھنجي قائم ٿيڻ جي ڏينھن کان ئي ڪميونسٽ پارٽي عورتن ۽ مردن جي برابريءَ وارن حقن جو ڪم هٿ ۾ کنيو. پارٽي جي عورتاڻي شاخ 1923ع ۾ ’زيانگ جنگ يو‘ جي اڳواڻي ۾ قائم ٿي، جيڪا هڪ اسڪول ماسترياڻي هئي ۽ 4 مئي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺي چڪي هئي.

مائوزيتنگ 1927 ۾

1911ع ۾ چين ۾ ’مانچو گهراڻي‘جي شھنشاهيت جو خاتمو ڪيو ويو ۽ سن يات سين، ’جمھوريه چين‘جو صدر بنيو. سن يات سين ڪميونسٽ نه هو، هو هڪ قومپرست هو ۽ ڪنفيوشس جي نقش قدم تي هلندڙ طبقاتي مفاهمت جي لائين تي هلندو رهيو. ان دوران پھرين مھاڀاري جنگ شروع ٿي ويئي ۽ 1917ع ۾ روس ۾ سوشلسٽ انقلاب ڪامياب ٿيو. ان انقلاب ۾ سن يات سين کي اميد جو ڪرڻو نظر آيو. هن لينن کان مدد گهري ۽ نئين چين جي اڏاوت لاءِ ٽي اصول جوڙيا، جاگيرداري نظام جو خاتمو، مزدورن جي حقن جي بحالي ۽ سامراجي اثرن کان ڇوٽڪارو. هن 1923ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي سان ٺاهه ڪري ورتو.

سوويت يونين ’سن يات سين‘ حڪومت جي امداد شروع ڪري ڇڏي. سوويت يونين جي مدد سان نئين فوج ٺاهڻ جي لاءِ هڪ ’ملٽري اڪيڊمي‘ قائم ڪئي ويئي. جنھن جو سربراهه چيانگ ڪائي شيڪ ۽ ڊين چو اين لائي مقرر ٿيا. ائين ڪومنتانگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي گڏجي انقلاب جي تڪميل ڪرڻ لڳيون.

مائوزي تنگ کي ڪينٽين موڪليو ويو ته جيئن هو اتي قومپرستن سان گڏجي ڪم ڪري. هن پنھنجي زال ۽ ٻن ٻارڙن کي چانگشا ۾ ڇڏيو ۽ ڪينٽين هليو ويو. ڪومنتانگ سان اتحاد دوران ڪميونسٽ پارٽي پنھنجن بنيادي ڪمن کان غفلت نه ڪئي، هن پنھنجي تنظيم سازي ۽ ميمبر سازي وڏي سرگرمي سان جاري رکي.

ان ملٽري اڪيڊمي ۾ انقلاب جي تڪميل لاءِ نوجوانن جي سکيا جاري هئي، جو 1926ع ۾ سن يات سين چالاڻون ڪري ويو ۽ سندس جاءِ تي نوجوان جرنيل چيانگ ڪائي شيڪ، چين جو صدر ٿيو، جيڪو سخت ڪيمونسٽ دشمن شخص هو. چيانگ 1927ع ۾ ڪميونسٽن سان اتحاد ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڪميونسٽن تي اوچتو وار ڪري انهن جو قتل عام شروع ڪري ڇڏيو. شنگهائي جيڪو ڪميونسٽن جو ڳڙهه هو، هزارين ڪميونسٽن جو مقتل گاهه بنجي ويو. مائوزي تنگ به شھر ڇڏي ٻھراڙيءَ ۾ هليو ويو ۽ اتي هارين کي منظم ڪرڻ شروع ڪيائين. اهو ’ڪيانگسي‘ صوبو هو.

1927ع کان وٺي 1934ع تائين هو گوريلا جٿن کي منظم ڪندو رهيو، جن ۾ گهڻائي هارين جي هئي، مقصد اهو هو ته چيانگ ڪائي شيڪ جي ڪومنتانگ جي خلاف پنھنجو بچاءُ ڪري سگهجي ٿي. 1927ع ۾ مارڪسٽ اسڪالر ’چن توسيو‘ جي جاءِ تي مائوزي تنگ کي پارٽيءَ جو اڳواڻ بنايو ويو. ان ئي ڪيانگسي ۾ مائو ۽ سندس ساٿين 7 نومبر 1931ع تي پنھنجي انقلابي حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

چيانگ ڪائي شيڪ پنھنجون بھترين فوجون ڪميونسٽن جي خلاف ڪيانگسي روانيون ڪيون. ڪيانگسي ۾ انقلابين جو هيڊڪوارٽر هو. هتي ڇھه سال انقلابي حڪومت رهي هئي. ان علائقي ۾ ڪميونسٽن وڏيرن کان زمينون کسي هارين ۾ ورهائي ڇڏيون هيون. ڍلون گهٽائي ڇڏيون، آفيم، جسم فروشي، بيگر، غلامي ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪيو هو. زوري شادين تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي، اتي ڇھن سالن جي اندر ئي تعليم جو ريشو اسي سيڪڙي تائين وڃي چڪو هو.

ان زماني ۾ ڪومنتانگ مائو جي محبوب زال ’يانگ ڪائي هوئي‘ کي قتل ڪري ڇڏيو. چيانگ ڪائي شيڪ جو خيال هو ته ان جي ڏک ۾ مائو ٽٽي پوندو، پر مائوزي تنگ ڪنھن ٻي مٽيءَ مان ٺھيل هو، هو سدائين چوندو هو ’غم کي طاقت ۾ بدلايو‘. تنھنڪري مائو وڌيڪ سرگرمي سان انقلابي جدوجھد ۾ لڳي ويو . ايئن جڏهن سندس مھربان ۽ سرپرست چاچي ۽ چاچيءَ کي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سھڪار جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏني ويئي، تڏهن به مائو جا حوصلا نه ٽٽا ۽ هو وڌيڪ سگهارو ٿيو. پنھنجي ان محبوب زال جي ياد ۾ 28 سال پوءِ 1957ع ۾ مائوزي تنگ نھايت دردناڪ نظم لکيو، ان ۾ چيو اٿس ته: ”ان جو پاڪ روح ڪومن تانگ جي بگهڙن جي شڪست تي خوشي جا ڳوڙها پيو ڳاڙي.“ ڪميونسٽ پارٽي سخت محنت سان هارين کي منظم ڪندي رهي ۽ سڄي هونان ۽ ڪيانگسي ۾ هڪٻئي جي پويان سوويت (انقلابي حڪومت) قائم ڪندي ويئي. هن وڏيرن ۽ جاگيردارن کان زمينو ڦري هارين ۾ ورهائي ڇڏيون. ايئن هنن 7 نومبر 1931ع ۾ پنھنجي گاڌي جي هنڌ ’چن‘ ۾ آل چائنا سوويتن جي ڪانگريس ڪوٺائي. ان ڪانگريس ۾ مائوزي تنگ کي آل چائنا سوويت گورنمينٽ جي سينٽرل ڪميٽي جو چيئرمن ڳاڙهي فوج جو چيف پوليٽيڪل ڪميسار چونڊيو ويو.

مائوزيتنگ پنھنجي گھر واريءَ سان

چيانگ ڪائي شيڪ جا حملا جاري هئا. هيستائين هو چار وڏا حملا ڪري چڪو هو، جيڪي سڀ ڪميونسٽ پارٽيءَ ناڪام بنائي ڇڏيا هئا. هاڻ پنجون حملو شروع ٿيو، جنھن ۾ نوَ لک فوج شامل هئي. انقلابين وٽ ڪل ملائي هڪ لک اسي هزار فوج هئي. ان کان سواءِ رضاڪارن جي ڳاڙهن دستن جو تعداد ٻه لک هو. ڪومنتانگ جي اها مھم ڪامياب رهي ۽ ڪميونسٽ پارٽي فيصلو ڪيو ته پنھنجو مرڪز ڏکڻ چين کان اُتر چين منتقل ڪري، جيئن چيانگ جي فوجن کان بچي سگهجي ۽ وطن جي آزادي لاءِ جاپانين سان به وڙهي سگهجي. تاريخ ۾ اهو سفر لانگ مارچ جي نالي سان مشھور آهي، جيڪو 31-1934ع ۾ ڪيو ويو.

15 آڪٽوبر تي ڪوچ شروع ٿيو. انقلابي فوج ۾ ڪل هڪ لک ماڻهو هئا. جن مان 85 هزار سپاهي ۽ پندرهن هزار پارٽي ۽ حڪومت جا ڪارڪن هئا. اٿندي ئي ’شين نينگ‘ شھر وٽ سندن ڪومنتانگ جي فوج سان جهڙپون ٿيون. پر انقلابي فوج گوهيون ڏيئي پاڻ بچائيندي، ’ڪوانگ تنگ‘ صوبي جو اتريون ڇيڙو ۽ ڏاکڻيون ڇيڙو ڏيئي اڳتي وڌي، تان جو اچي ’ڪوانگ سي‘ صوبي جي اتر ۾ شيانگ ندي جي ڪناري تي پھتي- ندي پار ڪيائين. ندي پار ڪرڻ مھل دشمن مٿن سخت گولاباري ڪئي، جنھن ڪري پار اڪرڻ ۾ کين سڄو هفتو لڳي ويو. انهي وچ ۾ دشمن جي گوليباري انقلابي فوج جون پتيون ڪڍي ڇڏيون. هفتي جي پڇاڙيءَ تائين انقلابي فوج جو اڌ ناس ٿي ويو ۽ ڊسمبر ۾ باقي بچيل فوج ”ڪوي چائو“ صوبي جي وچ ۾ ”وو“ ندي کي پار ڪيو. ”وو“ ندي پار ڪرڻ ۾ انقلابي فوج، خاص ڪري سندس اڳواڻ دستن بھادري ۽ سر صدقو ڪرڻ جا لاثاني ڪارناما ڪيا. هوڏانھن دشمن باهه جا اُلا پي وسايا ته هيڏانھن هي سورهيه دستا تختن تي چڙهي ترندا، رت ڳاڙيندا وڌندا رهيا. ڪيترائي سرويچ ڦٽجي ساڻا ٿي دريا ۾ ڪري غرق ٿي ويا، پر ٻيا دريا پار پھچي ويا. دريا جي پرينءَ ڀر هڪ پھاڙي چوٽي هئي، ان مٿان دشمن جا مضبوط مورچا ٺھيل هئا. جن مان انقلابي فوج تي سخت توب زني پي ڪيائون. جيڪي انقلابي سورما پراڙ پھتا، سي هڪدم رسين جون ڏاڪڻيون لڳائي، ان چوٽي تي چڙهي ويا ۽ وڃي توب زني ڪندڙ دستن تي ڪڙڪيا. دشمن سان سنگينن سان دوبدو لڙائي ڪري کين ختم ڪيائون ۽ چوٽيءَ تي قبضو ڪري ورتائون، ان کان پوءِ سڄي انقلابي فوج آساني سان دريا پار اڪري ۽ جلد ئي ڀر واري شھر ”سون بي“ تي قبضو ڪيو.

ان لانگ مارچ کي شاعر ’مائوزي تنگ‘ هن ريت منظوم ڪيو، ان نظم جو عنوان آهي، ”لانگ مارچ 1938ع.“

ڳاڙهي فوج جا سپاهي

ڊگهي مارچ جي آفتن کان نه ٿا ڊڄن،

هي هزارين تيز وهڪرا ۽ ٽڪريون

اسان جي سامھون ڪا حيثيت نه ٿيون رکن

نرم لھرن واريون ور وڪڙ ڏيندڙ چوٽيون

اسانجن دستن جا سڀ سپاهي

روان دوان آهن،

گلاب جھڙن مھڪندڙ چھرن جي روشني کڻي.

ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته لانگ مارچ ۾ شامل تمام گهڻا ماڻهو اڻ پڙهيل هئا، جن کي سفر جي دوران پڙهڻ لکڻ سيکاريو ويو. لانگ مارچ ۾ شامل عورتن بي سرو سامانيءَ ۾ ٻارڙن کي جنم ڏنو. تڪليفون ايتريون هيون، جو انهن جنم وٺندڙ ٻارڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ ممڪن نه هو، تنھنڪري اهي ٻارڙا مقامي ماڻهن کي ڏنا ويا، انهن ۾ خود مائوزي تنگ جي ڌيءَ به شامل هئي. اهي ٻار وري يا عمر مائٽڻ اکين ڪونه ڏٺا.

لانگ مارچ جي دوران مائوزي تنگ ڪميونسٽ انقلابين لاءِ ضابطه اخلاق جوڙيو ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو قيادت جي حڪمن تي خلوص نيت سان عمل ڪن. ماڻهن کان سُئي سڳو به نه ڦرين. رستي ۾ جيڪا شئي ملي اها جمع ڪرائين. ماڻهن سان نرم لھجي ۾ ڳالهائين. شين جي مناسب قيمت ادا ڪن. جيڪا شئي اُڌاري وٺن اها ايمانداريءَ سان واپس ڪن، نقصان ڀري ڏين. ماڻهن سان زور زبردستي يا زيادتي نه ڪن. قيدين ۽ عورتن سان سُٺو سلوڪ ڪن. سندن عزت ۽ وقار جو خيال رکن.

اهو تاريخي لانگ مارچ چين جي ڏکڻ کان اترين اولھه علائقي تائين ڇھن هزارن ميلن جو سفر هو. ان دوران ڪميونسٽ انقلابين ۽ ڪومنتانگ فوج ۾ سخت لڙايون ٿيون. لانگ مارچ جي دوران ڪميونسٽ انقلابين 18 جابلو سلسلا ۽ 24 دريا پار ڪيا. لانگ مارچ جو اهو ڏکيو سفر 368 ڏينھن تائين جاري رهيو. ڏکڻ کان اتر تائين يارهن صوبا لتاڙيا، مقامي جاگيردارن، وڏيرن، قبائلي سردارن ۽ ڌاڙيلن سان چڪريون ٿيون، پر مائوءَ جي بھتر رٿابنديءَ سبب نيٺ اڪري اچي پار پئي. لانگ مارچ ۾ 85 هزار انقلابي شريڪ ٿيا ۽ فقط اٺ هزار پنھنجي منزل تي پھچي سگهيا.

ان لانگ مارچ جي باري ۾ چيئرمن مائو لکيو، ”تاريخ ۾ اڄ سوڌي اسان جي لانگ مارچ جھڙو ڪو مثال نٿو ملي. يارهن مھينن تائين هر روز ڪيترن ئي هوائي جھازن جي وسيلي اسان جي جاسوسي ۽ اسان تي بمباري ٿيندي رهي، ان سان گڏ لکين ماڻهن تي مشتمل زميني فوج اسان جو گهيرو ڪندي ۽ پيڇو ڪندي رهي ۽ راهه ۾ رڪاوٽون وجهندي رهي. رستي ۾ اسان کي حد کان وڌيڪ تڪليفن ۽ خطرن کي منھن ڏيڻون پيو. پر اسان پنھنجي ٽنگن سان ٻارهن صوبن مان لنگهي، ڇھن هزار ميلن جو مفاصلو طئي ڪيو. اسان اهو پُڇون ٿا ته تاريخ ۾ اسان جي لانگ مارچ جھڙو ڪو مثال ملي ٿو؟ نه ڪٿي به نه. لانگ مارچ هڪ منشور آهي، جنھن سڄي دنيا تي چٽو ڪري ڇڏيو ته ڳاڙهي فوج سورمن جي فوج آهي ۽ سامراجي ۽ سندس ڪُتا بيڪار آهن. لانگ مارچ هڪ تشھيري سگهه آهي. ان ٻارهن صوبن جي ويھه ڪروڙ عوام تي اها حقيقت چٽي ڪري ڇڏي ته ڳاڙهي فوج جيڪا واٽ ورتي آهي، اها آزاديءَ جي اڪيلي واٽ آهي. لانگ مارچ کان سواءِ دنيا کي ان عظيم سچائيءَ جي وجود جي ڪيئن خبر پوي ها، جنھن جي ڳاڙهي فوج رهنمائي ڪري ٿي. لانگ مارچ تخم ريزيءَ جي مشين آهي، جنھن ٻارهن صوبن ۾ تمام گهڻا ٻج پوکيا آهن، جيڪي جلد ئي ڦٽندا، انهن مان گؤنچ نڪرندا، گل ٽڙندا ۽ ايندڙ وقت ۾ ڀلو فصل ڏيندا.“

يانان پھچي مائوزي تنگ کي شاعري ڪرڻ، پنھنجن خيالن کي گڏ ڪرڻ ۽ چين جي لاءِ مارڪسزم جي اطلاق جو نظريو ترتيب ڏيڻ جو وقت مليو.

مائوزي تنگ هڪ سٺو شاعر به هو، سندس ڪل 37 نظم ڇپيل آهن، جيڪي بيجنگ جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ پاران مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايا ويا آهن.

مائوزيتنگ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو، چين ۽ پاڪستان وڇ ۾ سرحدي حدبنديءَ واري ٺاھ جي موقعي تي 1963 ۾

ان عرصي دوران جاپان جي چين تي جارحيت جاري هئي. ’ڪميونسٽ انٽرنيشنل‘ فاشزم جي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪيو ته فسطائيت جي خلاف جمھوريت پسندن ۽ قومپرستن جو متحده محاذ قائم ڪيو وڃي. تنھنڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ مائو جي رهنمائي ۽ چيانگ ڪائي شيڪ سان متحده محاذ ٺاهڻ جي لاءِ وڏي مٿا ڪٽ ڪئي. نيٺ 1937ع ۾ اهو متحده محاذ قائم ٿيو. پر چيانگ ڪائي شيڪ جي نيت ۾ کوٽ هئي ۽ هو پنھنجي فوجي ڪمانڊرن کي ڪميونسٽ علائقن تي قبضي ڪرڻ لاءِ هُشي ڏيندو رهيو. ان ارادي تحت جڏهن چيانگ ڪائي شيڪ اترين اوڀر علائقي ۾ پنھنجي فوج جو دورو ڪري رهيو هو ته هڪ ڪومنتانگ نوجوان جنرل کيس گرفتار ڪري ورتو، جنھن چاهيو ٿي ته جاپان کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي جي فوج سان گڏجي وڙهجي. هو منچوريا ۽ اتر اوڀر چين تي جاپان جي قبضي تي چيانگ ڪائي شيڪ جي خاموشيءَ تي ڪاوڙيل هو. مائوزي تنگ ان وقت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو جڏهن هن پنھنجي ويجهي ساٿي ’چو اين لائي‘ کي چيانگ ڪائي شيڪ جي زندگي بچائڻ لاءِ موڪليو. هي اهو ساڳيو چو اين لائي هو، جنھن جي سر جي قيمت چيانگ ڪائي شيڪ 80 هزار ڊالر مقرر ڪئي هئي، پر هينئر جاپان کي شڪست ڏيڻ سڀني کان پھرين ترجيح هئي.

نيٺ 1937ع ۾ چيانگ ڪائي شيڪ جاپان جي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ الائنس ٺاهڻ تي مجبوريءَ جي حالت ۾ راضي ٿيو. اهڙي طرح ڪميونسٽ ۽ قومپرستن گڏجي جاپان جي خلاف محاذ کوليو. 1937ع کان وٺي 1945ع يعني جاپان جي شڪست تائين اهو سلسلو هلندو رهيو.

ڪو منتانگ ۽ ڪميونسٽ ٻنهي پارٽين کي اُن ڏينھن جو انتظار هو، جيئن هڪ هڪاڻي ڪري سگهجي. ڪميونسٽ پارٽيءَ کي به خبر هئي ته جنھن ڏينھن جنگ ختم ٿي ۽ جاپان هارايو، ان ڏينھن ڪومنتانگ جي توپن جا مُنھن واپس هنن ڏانھن ئي ٿيندا، تنھنڪري هنن به ان ڏينھن لاءِ پنھنجي تياري جاري رکي ۽ جڏهن ڪومنتانگ مٿن حملو ڪيو ته ڪميونسٽ انقلابين کين ڀرپور جواب ڏنو، پر هن ڀيري شڪست ڪومنتانگ جي نصيب ۾ لکيل هئي.

1947ع ۾ ڪميونسٽن جوابي حملي جي شروعات ڪئي ۽ لڙاين جي هڪ ڊگهي سلسلي کي جاري رکيو. 1949ع تائين ڪيترائي وڏا وڏا شھر آزاد ڪرايا ويا. 25 اپريل 1949ع تي انقلابي فوجي ڪومنتانگ جي تخت گاهه ’نين ڪنگ‘ تي قبضو ڪري ورتو ۽ چيانگ ڪائي شيڪ آمريڪا جي مدد سان تائيوان (فارموسا) ڀڄي ويو. ڇو ته تائيوان ئي سندس لاءِ بھترين پناهه گاهه ثابت ٿي سگهيو ٿي. چيانگ تائيوان ته ڀڳو، پر خالي هٿين نه، ملڪ جو سڀ پئسو ڏوڪڙ، عجائب گهرن مان ناياب نوادرات ۽ شھر ممنوعه (Forbidden city) جا خزانا به پاڻ سان کڻي ويو.

پھرين آڪٽوبر 1949ع تي مائوزي تنگ پيڪنگ ۾ عوامي جمھوريه چين جو اعلان ڪيو. هن حقن ۽ فرضن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ملڪ جي سڀني قوميتن کي متحد ڪيو، عوامي جمھوريه جي قيام سان چيني عوام جي سامراج دشمن ۽ جاگيردار دشمن انقلاب جي فتح ٿي ۽ سوشلزم تائين رسائي جو عبوري دور شروع ٿيو.

”چيني انقلاب جي ڪاميابي ۾ مائو جي دوررسيءَ جو وڏو دخل آهي، انقلاب کان پوءِ هن سُڌارن جي تجويزن کي منظور نه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پراڻي نظام جو مڪمل خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن ڪميونسٽ پارٽي جي اجلاس ۾ ڌمڪي به ڏني ته جيڪڏهن سندس پاليسي تي عمل نه ٿيو ته هو ٻيھر ڳوٺن ۾ وڃي ’ڳاڙهي فوج‘ تيار ڪندو. تيانمن اسڪوائر ۾ تقرير ڪندي مائوءَ چيو ته، ”چيني سماج مان سڀني پراڻين ۽ مدي خارج بورزوا رسمن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. ان مقصد جي ڪاميابي جي لاءِ هن ڪلچرل ريوليشن جو بنياد وڌو. جنھن چين جي پراڻين روايتن ۽ ادارن کي ختم ڪري هڪ نئين معاشري جي شروعات ڪئي. مائو جي جانشنين کي جيڪا ڪاميابي ملي، ان جو سبب هي هو ته سندن رستي ۾ هاڻ ڪابه پراڻي مُدي خارج روايت نه هئي. جڏهن به انقلاب اچي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ رتوڇاڻ جو عمل به ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن ليڊرشپ ۾ قوم سان همدردي هجي ۽ همت هجي ته اهي پراڻي نظام جي جاءِ تي هڪ نئين دور جي شروعات ڪري ٿو. جنھن سان عام ماڻهن جي زندگي ۾ خوشحال ايندي آهي.“

چيئرمن مائوزي تنگ به ايئن ئي ڪيو.

”انقلاب کان اڳ چين ۾ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي ڏاڍي ڏکي هئي، هو وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پرماريت جو شڪار هئا. ڊگهي لانگ مارچ جي دوران مائو غريب ڳوٺاڻن جي خراب حالت پنھنجي اکين سان ڏٺي هئي. انقلاب کان پوءِ هن ڳوٺن ڏانھن خاص ڌيان ڌريو. کيس خبر هئي ته جاگيرداري نظام سياسي سماجي ۽ معاشرتي مسئلا پيدا ٿو ڪري. هن انقلاب جي اهم مرحلي جي دوران هارين جي طاقت استعمال ڪندي، وڏن جاگيردارن جون جاگيرون ضبط ڪري ورتيون. انقلاب کان پوءِ مزاحمت ڪندڙ جاگيردارن کي منظر تان هٽايو ويو ۽ اڪثر زميندارن کي نئين نظام ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويو. هڪ تحقيق موجب چئن کان اٺن لکن تائين مزاحمت ڪندڙ زميندارن کي قتل ڪيو ويو، 1952ع ۾ زرعي سُڌارن جو نئون نظام جوڙيو ويو، پراڻيون پرماري روايتون ختم ڪيون ويون، نئين نظام جي پھرين مرحلي ۾ ننڍا ۽ وچولي سائز جا ’ڪو آپريٽو‘ ادارا قائم ڪيا ويا، پوءِ هوريان هوريان وڏا ڪوآپريٽو ادارا جوڙيا ويا ۽ آخري مرحلي ۾ ’ڪميون سسٽم‘ لاڳو ڪيو ويو. اهو مرحلو 1952ع کان 1958ع تائين ڇھن سالن ۾ مڪمل ٿيو. ايئن انفرادي ملڪيت کان اجتماعي ملڪيت جو سفر مڪمل ٿيو. ڪميون ۽ ڪوآپريٽو سسٽم ۾ شامل گهراڻا هڪٻئي سان سھڪار ڪندا هئا. ان سسٽم سان پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. سماج تي هاڪاري اثر مرتب ٿيا. ڏوهن ۾ ڪمي ٿي ۽ سڀني ڳوٺاڻن کي ترقيءَ جا هڪجھڙا موقعا مليا.“

1959ع ۾ مائوزي تنگ گرمين جي مُنڌ ۾ پنھنجي ڳوٺ ’شائو شان‘وڃي رهيو هو. 1927ع کان پوءِ اهو پھريون موقعو هو، جڏهن هو پنھنجي ڳوٺ ويو. ڳوٺ ۾ رهي هن پنھنجي ماضيءَ جي ساروڻين کي ساريو. جنھن جو اظھار هن پنھنجي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي:

اهو منھنجو ماضي، اهو منھنجو ماضي،

ان جي ساروڻين جو تاءُ جيئن جو تيئن آهي،

آءٌ گذريل وقت کي پِٽيان ٿو.

اڃا ٽيھه سال اڳ، آءٌ پنھنجي ڳوٺ ۾ هئس

هتان جا مجبور ۽ بي وس ماڻهو،

پنھنجن ڀالن تي ڳاڙها جهنڊا لھرائي رهيا هئا

ڪارا مجبور هٿ، ظالم وڏيرن جو گند ڪچرو کڻي رهيا هئا،

عظيم قربانين کان پوءِ اڄ اسان کي

اها سگهه ملي آهي ته

چنڊ ۽ سج کي اسان اهو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ته هو اسان وٽ اچي حاضر ٿين.

نوَن ڏينھن جو نياپو آڻين

آءٌ سارين ۾ مٽيءَ جي سھڻي سڳنڌ کي پَسي خوش آهيان،

شام جي ڌنڌلن پاڇن ۾ چئني ڏسائن کان

ايندڙ سورمن کي ڏسان ٿو.

مائو زيتنگ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو بيجنگ ۾ 1974 ۾

1966ع ۾ مائوزي تنگ ۽ سندس ويجهن ساٿين سوشلزم جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪراري قدم کنيو، جنھن کي ’ثقافتي انقلاب‘جو نالو ڏنو ويو. اهو صحيح آهي ته پارٽي سترهن سالن کان اقتدار ۾ هئي. ان جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ، حاڪم بنجڻ سان ڦوشر بازي ۽ تڪبر ۾ اچي ويا هئا. انهن ۾ ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿي چڪيون هيون. شھرن ۾ دانشورن جو طبقو پيدا ٿيو هوندو، جنھن جو ڳوٺاڻي زندگي بابت روايتي شھري (بازاري) رويو ٿيو هوندو. اهو بلڪل صحيح آهي ته ان زماني ۾ پارٽي ۽ سماج جي اندر بورزا عنصر، ايليٽ ۽ بيورو ڪريسي محسوس ٿيندي هئي، پر ان سڄي منظرنامي ۾ 73 سالن جي مائو، ڳوٺاڻي آبادي کي ڍال بنائي، اتان ڀرتي ڪيل فوج جي ذريعي تعليم يافته شھري آبادي جو گلو گهٽڻ شروع ڪيو. انهن ريڊگارڊس هران شئي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جنھن جو ماضيءَ سان لاڳاپو هو. ان الزام تحت بزرگ انقلابين کي بازارن ۾ گهيلو ويو. اديبن، استادن، اداڪارن ۽ حڪومتي عملدارن کي مارڪٽ ڪئي ويئي. (ته جيئن شھري ۽ ڳوٺاڻو فرق ختم ٿئي) لکين پڙهيل لکيل نوجوانن کي نوڪرين مان ڪڍي ڳوٺاڻن علائقن ۾ موڪليو ويو ته جيئن هو اُتي ٻنين ۾ ڪم ڪن ۽ هارين کان سکن. هر شئي کي تباهه ڪيو ويو. ثقافتي انقلاب جي دوران هڪ رپورٽ موجب چئن لکن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. 36 ملين ماڻهو جبر ۽ تشدد جو نشانو بنيا. اها هڪ جنوني لھر هئي ۽ ان لھر دوران جنھن ان لھر جي هٿ تي بيعت کان انڪارڪيو. ان ڄڻ انقلاب دشمنيءَ جو الزام ٻولي کنيو ۽ انهن ريڊگارڊس جي هٿان ڪچلجڻ کان بچي نه سگهيو.

ثقافتي انقلاب مائو جي وڏي غلطي چئي وڃي ٿي. ”پر اهو به چٽو ڪرڻ ضروري آهي ته ”ثقافتي انقلاب“ مائو جي زندگيءَ جو پورٽريٽ ڪونهي. سندس زندگي جي اصل ۽ مستقل تصوير انقلاب آهي. هو انساني برادري کي اهڙو چين بخشي ويو، جتي نه بادشاهه هو، نه ڪا درٻار هئي، نه پنڊت ۽ ڀوپا ۽ نه وري وڏيرا ۽ جاگيردار. بس خدا جي خلق آهي ۽ انهن جو راڄ. پبلو نرودا پنھنجي ساروڻين ۾ لکي ٿو، مائو جي سياسي شخصيت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي. جيڪو هڪ آرگنائيز به آهي ته عوام کي آزاد ڪرائيندڙ هڪ عظيم انسان به. آءٌ سندس رزميه سڳورپ کان ڪيئن نه متاثر ٿيان ها. سندس سادگيءَ کان ڪيئن نه متاثر ٿيان ها، جيڪا شاعراڻي به آهي، ته درويشياڻي به ته گهڻي قديم به.

مائوزي تنگ 9 سيپٽمبر 1976ع ۾ وفات ڪئي.

هينئر چين ۾ مائوزي تنگ جي شخصيت پرستي نه ٿي ڪئي وڃي، نه وري چين ۾ ڪٿي سندس مجسما کُتل نظر ٿا اچن. مائو جو مڙهه بيجنگ جي ’تيان من اسڪوائر‘ جي ’گريٽ هال‘ ۾ هڪ تابوت ۾ رکيو ويو آهي. جتي ماڻهو قطارن ۾ اندر وڃي هڪ گهڙي جي لاءِ سندس احترام ۾ بيھن ٿا ۽ پوءِ اڳتي وڌي ٿا وڃن. پر هو روحاني طور تي هر سوچندڙ جي دل ۾ موجود آهي.

______________

Yousif Sindhi-China-TheAsiaN

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button