Editor's pickMain Slideدنياڪالم

سفر، شعور ۽ نفسيات: سفرناما سنڌي ادب ۽ عالمي روايتن جو اھم حصو آهن

هڪ سٺو سفرنامو ٻن جهانن کي ڳنڍيندو آهي، هڪ ظاهري دنيا (تاريخي ماڳ، رستا ۽ عمارتون) ۽ ٻي باطني دنيا (ماڻهن جا قدر، رويا ۽ زندگيءَ جا فلسفا). باطني دنيا ئي سفرنامي کي احوال کان مٿاهون ڪري فڪري ادب بڻائي ٿي.

عبدالله عثمان مورائي

سفر پنهنجي ذات ۾ هڪ شعوري تجربو آهي. اهو رڳو جاگرافيائي مفاصلو طئہ ڪرڻ نه، پر ذهن کي واڌ ڏيڻ ۽ روح ۾ گهريون تبديليون آڻڻ جو عمل آهي. جڏهن ڪو انسان پنهنجي عادتن ۽ ويجهن ماڻهن جي دائري مان نڪري، نئين ھنڌ وڃي ٿو ۽ نون ماڻهن سان ملي ٿو، تڏهن اهڙيون نفسياتي دريون ۽ دروازا کلي پون ٿا، جيڪي ڪتابي علم يا گهر ويٺي مشاهدي سان ڪڏهن به کلي نٿا سگهن. سنڌي ادب ۾ سفرناما ان ئي سکيا ۽ تبديليءَ جي عڪاسي ڪندڙ بهترين ۽ فڪري صنف آهن.

سنڌي سفرنامي جي فڪري روايت

سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي هڪ شاهوڪار روايت موجود آهي، جنهن ۾ ليکڪن رڳو منظرنگاري نه ڪئي آهي، پر پنهنجي سفر کي تعليم، مشاهدي ۽ سماجي ڀيٽ سان ڳنڍيو آهي. شاهه لطيف جي ‘سفر’ جي ذڪر کان وٺي جديد دور جي ليکڪن تائين، هن صنف کي علمي، جمالياتي ۽ فڪري روپ ڏنو ويو آهي، مثال طور سائين الطاف شيخ صاحب سامونڊي ڏينهن ۽ سامونڊي راتين جو مسافر، جنهن پنهنجي پاڻيء جي جهاز تي نوڪريءَ  دوران دنيا جي ماڻهن جي سماجي روين ۽ محبتن کي قلمبند ڪيو آهي. سندس سفرناما ٻڌائين ٿا ته انسانيت جو بنياد نسل يا ٻولي نه، پر ساٿ ۽ همدردي آهي.

سائين ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ واري سندس چين جي سفرنامي جو فڪري مرڪز نظم ضبط ۽ قومي ايمانداري هئي. هُو رڳو مندرن يا شهرن جو ذڪر نٿو ڪري، پر ٻڌائي ٿو ته ڪيئن اُتي جي ماڻهن جي محنت ۽ سچائي سندن ترقيءَ جو بنياد بڻجي  وئي آهي.

سائين جمال ابڙو يورپ جو سفرنامو لکندي، پنهنجي نگاهه مقامي ماڻهن جي ثقافتي ورثي جي حفاظت ۽ شهري نظم ضبط تي رکي ٿو. سندس لکت سنڌي پڙهندڙن لاءِ پنهنجي ورثي کي بچائڻ ۽ سماجي نظم ضبط پيدا ڪرڻ جو سوال اٿاري ٿي.

هڪ سٺو سفرنامو هميشه ٻن جهانن کي ڳنڍيندو آهي، هڪ ظاهري دنيا (تاريخي ماڳ، رستا ۽ عمارتون) ۽ ٻي باطني دنيا (ماڻهن جا قدر، رويا ۽ زندگيءَ جا فلسفا). هيءَ باطني دنيا ئي سفرنامي کي احوال کان مٿاهون ڪري فڪري ادب بڻائي ٿي.

نون ماڻهن سان ملڻ جو نفسياتي سبق

سفر دوران مڪمل اجنبي ۽ اوپرن ماڻهن سان ٿيندڙ ملاقاتون، اسان جي اندروني نفسيات تي گهرا ۽ هاڪاري اثر ڇڏين ٿيون. اهي تجربا اسان جي ذاتي شعور کي وڌائين ٿا.

ان کانسواء جڏهن اسين وطن کان ٻاهر ويندا آهيون، تڏهن اسين پنهنجي سماجي سڃاڻپ جي ‘ليبلن’ کان آزاد ٿي ويندا آهيون. اُتي توهان جو نالو، ڪم يا ذاتي حيثيت ضروري ناهي. ملاقاتي توهان کي صرف هڪ انسان جي حيثيت ۾ ڏسي ٿو. هيءُ تجربو ماڻهوءَ کي پنهنجي اصل سڃاڻپ (Authentic Self) ڄاڻڻ جو موقعو ڏئي ٿو، ته آئون دراصل ڪير آهيان، جڏهن مون وٽ منهنجي خانداني يا سماجي حيثيت نه هجي؟

ٻيو وري جڏهن ڪنهن پرڏيهي شهر جي هڪ ويٽر يا هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جي سادي ڪهاڻي ٻڌڻ سان اها حقيقت آڏو اچي ٿي ته سڄي دنيا جا ماڻهو ساڳين ئي خوشين، غمن ۽ زندگي جي دٻاءُ کي منهن ڏين ٿا. اهو احساس اسان جي اندر عالمي انساني همدردي (Universal Human Empathy) پيدا ڪري ٿو، ۽ اها سوچ ختم ٿي وڃي ٿي ته منهنجا مسئلا سڀ کان وڏا ۽ الڳ آهن.

سڀ کان وڏي ۽ مزي واري ڳالهه ته سفر کان اڳ اسين اڪثر ڪري ٻين ثقافتن بابت غلط فهميون يا تعصب کڻي هلندا آهيون. پر جڏهن اسين اتي جي حقيقي ماڻهن سان ويجهڙائيءَ ۾ ملون ٿا ۽ سندن نرم ۽ انسان دوست پهلو ڏسون ٿا ته اهو تعصب پاڻمرادو ٽٽي پوي ٿو. اهو تجربو سفرنامي لکندڙ جي نظرياتي فڪر کي به بدلائي ڇڏي ٿو ۽ هو وسيع نقطه نظر سان دنيا کي ڏسڻ سکي ٿو.

عالمي روايت ۽ وطن ڏانهن موٽڻ

سنڌي سفرناما عالمي روايتن جو حصو آهن، جنهن جو آغاز ابن بطوطه جهڙن عظيم مسافرن کان ٿيو. چوڏهين صديءَ ۾ ابن بطوطه، سنڌ سميت دنيا جي ڪيترن ئي علائقن جو سفر ڪري، رڳو جاگرافيائي حالتون نه پر مقامي ماڻهن جي ثقافت، رسمن ۽ نفسيات کي قلمبند ڪيو.

سنڌي سفرنامن جا ليکڪ به ساڳيءَ ريت، پنهنجي مشاهدي کي ڪجهه مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا مثال طور جمال ابڙي جهڙن ليکڪن جو يورپ ۾ ماڻهن طرفان پنهنجو ورثو بچائڻ  جو ڏسڻ، پڙهندڙن کي اهو احساس ڏياري ٿو ته سنڌ کي به پنهنجي قديم ورثي ۽ عظيم عمارتن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي.

سفر جي دوران حاصل ڪيل علم ۽ نون سماجي روين کي ڏسڻ کان پوءِ هڪ سٺو سفرناما ليکڪ سندس پڙهندڙن کي سوال ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ڇا اسين پنهنجي سماج ۾ به اهو سڌارو آڻي سگهون ٿا، جيڪو ليکڪ دنيا ۾ دنيا ڏٺو ۽ سندس پڙهندڙن سندس سفرنامي ۾ پڙهيو؟

دراصل، سفرنامو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دنيا هڪ کليل ڪتاب آهي ۽ ان جا باب ٻيا ماڻهو آهن. سفر جو وڏو تحفو اهو آهي ته هو انسان کي ٻڌائي ٿو ته دنيا وڏي آهي ۽ انسانيت ان کان به وڏي.

________________

سنڌ جي مورو شھر جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو وڏي عرصي کان انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button