Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چيني ادب جي شروعات بہ شاعريءَ کان ٿي

چيني شاعريءَ جي روايت جيتري قديم آهي، ايتري ئي شاندار پڻ. اِن جي شروعات تاريخ کان اڳ جي ڏند ڪٿائي دور ۾ ٿي. چيني شاعري جي ان چونڊ جو پھريون شعر ”هاري جو گيت“ جا سرجڻھار ان دور جا هاري هئا، جيڪي کوهه کوٽيندا ۽ پوکي راهي ڪندا هئا.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

دنيا جو قديم ادب نثر بدران نظم ۾ ملي ٿو ۽ انهن نظمن کي ئي انهن قومن ۽ ٻولين جو شروعاتي ادب تصور ڪيو وڃي ٿو.چيني ادب جي شروعات به شاعري کان ٿي.

چيني تھذيب ستن هزارن سالن کان به پراڻي آهي. چين جي قديم گاڌي جي هنڌ ”شي آن” جي آسپاس کوٽائي جي دوران هزارن جي تعداد ۾ تيراڪوٽا Tera cotta مورتيون ۽ ٻيا آثار مليا آهن. جن مان پتو پوي ٿو ته لڳ ڀڳ ساڍا ڇھه هزار سال اڳ هتي ڪا تھذيب پنھنجي پوري ڪمال سان موجود هئي. اهي گهوڙيسوارن جا گهوڙي جي قدبت جيتريون مورتيون مورتي سازيءَ جي فن جا نادر نمونا آهن. جيڪڏهن ان پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته چين جي تاريخ حتمي طور تي ستن هزار سالن کان به پراڻي آهي. پر چيني مورخ عام طور تي پنھنجي تاريخ جي شروعات ’شيا گهراڻي‘ جي شاهي حڪمراني سان ڪن ٿا. اهو ڏند ڪٿائي دور جو شاهي گهراڻون ٽي هزار سال قبل مسيح اترينءَ چين تي حڪمران رهيو. اهي شھنشاهه نه رڳو دنياوي طاقت جو سرچشمو هوندا هئا، پر شرافت، تھذيب ۽ اخلاق جي قديم نظرين جي اعليٰ نمائندگي به ڪندا هئا. پراڻين تاريخي شاهدين موجب اهي شھنشاهه مرڻ کان پھرين پنھنجو اقتدار پنھنجي اولاد کي نه پر ان دور جي ڪنھن شانائتي مانائتي شخصيت حوالي ڪندا هئا. انهن اوتار صفت حڪمرانن جي دور ۾ چين جي شاعريءَ جي تاريخ موجب پھريون نظم ’هاريءَ جو گيت‘ تخليق ٿيو. ان جو تخليقڪار ڪير هو، ڪنھن کي به خبر ڪونهي. ان زماني ۾ شاعري مصوري ۽ خطاطي جي فنن کي فضيلت جو درجو حاصل هو. جيڪو چين جي خاقان ۽ چيني عوام ٻنهي جي نظر ۾ چيني تھذيب جو امتيازي نشان بنجي ويو.

چيني شاعريءَ جي روايت جيتري قديم آهي، ايتري ئي شاندار پڻ. اِن جي شروعات تاريخ کان اڳ جي ڏند ڪٿائي دور ۾ ٿي. چيني شاعري جي ان چونڊ جو پھريون شعر ”هاري جو گيت“ جا سرجڻھار ان دور جا هاري هئا، جيڪي کوهه کوٽيندا ۽ پوکي راهي ڪندا هئا. گڏوگڏ خواب به ڏسندا هئا. ”هاري جو گيت“ جنھن کي چيني شاعري جي پھرينءَ نظم جو درجو ڏنو وڃي ٿو. ان خواب ۽ ان آدرش جو اظھار ڪري ٿو. انفرادي آزادي ان گيت جو مرڪزي موضوع آهي ۽ اهو موضوع پوءِ سرجندڙ شاعريءَ ۾ به مرڪزي حيثيت رکي ٿو.

ڏينھن نڪري ٿو ته اسان به نڪرون ٿا.

پنھنجن ڪمن ڪارين لاءِ

شام لڙهي ٿي ته موٽي اچون ٿا

پنھنجن پنھنجن گهرن ڏانھن

پاڻي پيئون ٿا، کوهه کوٽي

کائون ٿا پنھنجو پوکي

ڪنھن ’شھنشاهه‘ جو اسان سان ڪھڙو واسطو؟

”شيھه چنگ“ اهو شعري مجموعو آهي، جيڪو چيني شعري روايت جو سرچشمو آهي. ان کي چيني شاعريءَ جو بائيبل به چيو وڃي ٿو. ’شيھه چنگ‘ يعني ’گيتن جو ڪتاب‘ چيني شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪ جو درجو رکي ٿو. ان ڪتاب جي باري ۾ هڪ مصدقه روايت آهي ته ان جي ترتيب ۽ تاليف دانشورن جي دانشور ’ڪنفيوشس‘ پاڻ پنھنجن هٿن سان ڪئي هئي. ان ڪتاب ۾ شامل ٽن سؤ گيتن/ نظمن ۾ اهڙا نظم به شامل آهن، جيڪي ’شانگ گهراڻي‘ جي حڪومتي دور (1154_1766 ق. م) ۾ سرجيا ويا ۽ اهڙا گيت به آهن جيڪي ڪنفيوشس پنھنجي زماني يعني ’چؤ گهراڻي‘ جي دور ۾ شاهي عھديدارن لکيا يا عوامي حلقن ۾ تخليق ٿيون. اهو به چيو وڃي ٿو ته انهن ۾ وڏو تعداد اهڙن گيتن جو آهي. جيڪي قديم زماني کان لکت ۾ اچڻ کان سواءِ سيني در سيني منتقل ٿيندا رهيا. پر جڏهن اها لوڪ شاعري لکي ويئي ته لکندڙن پنھنجي هنرمنديءَ سان انهن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. بلڪل ائين جيئن ’هو مر‘ جي رزميه زباني شاعري ’ايليڊ‘ ۽ ’اوڊي سي‘ ۾ منتقل ٿي بي مثال شڪل اختيار ڪري ويئي. اهي گيت جيڪي شروع ۾ ڪچا ڦڪا ۽ فني گهرجن کان خالي هئا، ايندڙ شاعرن جي هٿن مان ڄڻ قلعي ٿي نڪتا.

ڪنفيوشس جو ترتيب ڏنل گيتن ۽ نظمن جو هي مجموعو هڪ صحيفي جي شڪل اختيار ڪري ويو. ’چُو گهراڻي‘ جي زماني ۾ ته چين جي ان وقت جي ٻين رياستن کي شاهي فرمان يا سفارتي پيغام رسائڻ وقت انهن گيتن جي باقاعده قرائت ڪئي ويندي هئي، پر ’هانگ گهراڻي‘ جي دور ۾ اهي گيت مخصوص تمثيلي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. شاهي امتحان ۾ ويھندڙ اميدوار، دانشور ۽ شاعر انهن گيتن جو اکر اکر ياد ڪندا هئا.

”شيھه چانگ“ جا سرجڻھار ۽ ڪنفيوشس اُترينءَ چين جا رهاڪو هئا. ’چو گهراڻي‘ جي رياست ’پيلي ندي‘ ۽ سندس سھڪاري دريائن جي دامن ۾ پکڙيل هئي. جڏهن ته ’يانگسي ندي‘ جي واديءَ ۾ هڪ ٻي رياست وڌي ويجهي رهي هئي. جيتوڻيڪ اهو علائقو ’چو گهراڻي‘ جو ڏن ڀرو هو، پر ان جون ثقافتي روايتون مختلف هيون ۽ کين پنھنجي انهن روايتن تي فخر هو. ’چو گهراڻي‘ کان پوءِ ’چن گهراڻي‘ جي حڪومت قائم ٿي. جيتوڻيڪ اهو گهراڻو ٿورو عرصو اقتدار ۾ رهيو، پر ان هڪ تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو ته ان رياستن ۾ ورهايل چين کي پھريون ڀيرو متحد ڪيو.

ڇو يوان (278- 343 ق. م) چيني شاعري جو پھريون غير گمنام شاعر سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو شاهي درٻار سان لاڳاپيل هڪ سفارتڪار هو، جيڪو اتر جي سخت گير ۽ خشڪ ’چو گهراڻي‘ سان وڙهندو رهيو. هو ڏکڻ جي رومانوي ’شمني نتي‘ مذهب سان لاڳاپيل هو. جنھن جُون نرت ڪندڙ ڌرمداسيون ديوين سان سڌو سنئون هم ڪلام رهنديون هيون. ’ڇو يوان‘ ڏکڻ جي ثقافت کي مٿانھون سمجهندو هو. ’ڇو يوان‘ جي وفات کان پنجاهه سال پوءِ ’چو گهراڻي‘ جي حڪومت ختم ٿي ويئي.

ڇو يوان جو نظم ’لي سائو‘ اڪيلو ڊگهو نظم آهي، جنھن کي چيني رزميه به قرار ڏنو وڃي ٿو. اها ڌار ڳالهه آهي ته سڄي دنيا جي رزميه شاعريءَ جا ڪي نمايان شعر چيني شاعريءَ ۾ موجود ڪونهن.

هان گهراڻي (206 ق. م) جي شروعات کان وٺي ويھين صدي تائين چيني شاعريءَ ’شيھه چنگ‘ کي ئي ماخذ شاعري سمجهيو ۽ ان ئي روايت تي وڌي ويجهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ويھين صديءَ جي دوران چيني شاعري ۾ هڪ وڏي نمايان تبديلي ظاهر ٿي. جيتوڻيڪ روايت پسنديءَ ۾ پراڻي شاعري مقبول رهي، پر نئين سرجندڙ شاعري ۾ ’شيھه چنگ‘ ۽ ’لي سائو‘ جي هيئت ۽ اسلوب بلڪل غائب ٿي ويو. ويجهڙ وارن ڏهاڪن ۾ چيني شاعريءَ ۾ ’ايبسرڊ پوئٽري‘ جا تجربا به ڪيا ويا. پر اهي مقبوليت ماڻي نه سگهيا.

چيني ثقافت وانگر چين جي شعري روايت به دنيا جي ٻين شعري روايتن کان مختلف ۽ بنھه ڌار آهي، جنھن جو هڪ وڏو سبب شايد اتان جو لساني نظام آهي. دنيا جون اڪثر زبانون الفابيٽ جي ترتيب/ ترڪيب ۽ صرف ونحو جي قاعدن سان جُڙن ٿيون، جڏهن ته چيني زبان تصويري علامتن (ڪيريڪٽرز) سان جُڙي ٿي ۽ صرف ونحو جي قاعدن کان لڳ ڀڳ آجي آهي. هڪ ته اهي تصويري علامتون گرامر جي ضرورت موجب پنھنجي شڪل نه ٿيون بدلائين. ٻيو ته سندن آواز ۽ صوتي پيڪر (آوازي شڪليون) به مقرر هونديون آهن، جيڪي الفابيٽ تي ٻڌل زبان جي آوازي مثالن وانگر وقت سان گڏ تبديليءَ جي شڪل ۾ نه ٿيون رهن ۽ نه ئي وري ٻين زبانن سان لڳ لاڳاپي سان انهن جي جوڙجڪ ۽ ادا ڪرڻ تي ڪوبه اثر نه ٿو پوي. الفابيٽ سان جڙيل زبانن جون پنھنجون آسائشون آهن ۽ اوهان جيڪڏهن اکرن جي هڪ محدود تعداد کي سُڃاڻي ۽ پاڻ ۾ جوڙڻ سکي وٺو ته اوهان زبان کي پڙهڻ ۽ لکڻ سکي وڃو ٿا. پر زبان ۾ تبديلين جو عمل جاري رهي ٿو. هجَ بدلجي ٿي ته معنيٰ ۾ به گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي. ڪي لفظ متروڪ ٿي ويندا آهن ۽ ڪي نوان لفظ مُروج ٿيندا رهندا آهن. ڪجهه صدين کان پوءِ پنھنجو ليک ئي سمجهه ۾ نه ايندو آهي. انگريزيءَ ۾ چاسر ۽ شيڪسپيئر جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. سنڌيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جو مثال به ڏيئي سگهجي ٿو.

چيني زبان جي سڀ کان نمايان خصوصيت اها آهي ته ان جو هر ڪيريڪٽر پنھنجي صوتيت (آواز) کان جدا ۽ پنھنجي ذات ۾ معنيٰ قائم رکي ٿو. يعني ڪابه صوتياتي [آوازي] تبديلي سندس معنيٰ تي اثر انداز ٿي نه ٿي سگهي. جيڪڏهن ڪنھن ڪيريڪٽر جو اُچار بدلجي به وڃي، تڏهن به ان جي معنيٰ ساڳئي ٿي رهي. جنھن جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جي زبانن ۾ صوتي (آواز) يا سمعي (ٻڌڻ وارو) عنصر وڌيڪ غالب حيثيت رکي ٿو، جڏهن اهو بدلجي ٿو ته معنيٰ به بدلجي وڃي ٿي. يعني اسان جي سماعت جو ذوق زبان ۽ مڪان جي لڳاتار بدلجندڙ تناظر ۾ ڦيرين گهيرين ۾ رهي ٿو ۽ اسان جي شاعريءَ جو مفھوم به بدلجي وڃي ٿو. جنھن کي پاڻ زبان جي ڀرتي تي رومان پسندي جو چلن به چئي سگهون ٿا. جڏهن ته چيني زبان ۾ لفظ ڪنھن شئي، لقاءَ يا ڪنھن احساس جو مقرر عڪس آهي، جيڪو ديرپا به آهي ته سدائين رهڻ وارو به.

چيني شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري اختصار پسنديءَ کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ’لي ساؤ‘ واحد طويل چيني نظم آهي‘ نه ته عام چيني نظم چئن سِٽن ۽ وڌ ۾ ويھن پنجويھن سٽن کان وڌيڪ نه هوندا آهن. چيني شاعري ۾ تمام گهڻا موضوع آهن، پر انهن سڀني موضوعن جو مرڪزي نقطو زميني زندگي آهي. انفس و آفاق، انساني وجود ۽ موت کان پوءِ جي باري ۾ فيلسوفاڻي خيال آرائي چيني شاعري ۾ نه هئڻ جي برابر ٿي نظر اچي. فقط ’زين ٻڌمت‘ ۽ ’تائومت‘ جا شاعر ئي ذات ۽ ڪائنات جي مسئلن تي ڌيان ڌرين ٿا. چيني شاعرن جي تخليقي عمل تي جيڪڏهن ويچاريو وڃي ته اها خبر پوي ٿي ته هو هڪ گهڙي جي وجداني ڪيفيت ۾ ڪنھن شئي، لقاءَ، منظر، واقعي، ياد، خيال يا وجود کي شعر جو موضوع بنائين ٿا. جذبن ۽ خيالن جو اظھار ايتري ته اختصار ۽ داخلي جذبي سان ڪن ٿا، جو ڪي سٽون ڪنھن تجريدي تجربي جو حصو ٿيون لڳن. علامت پسندي چيني شاعري جو هڪ عام رويو آهي. چيني شاعريءَ جون پاڙون نھايت گھرائيءَ سان چين جي سرزمين ۾ کُتل نظر اچن ٿيون. اتي جا صحرا، دريا، جبل، ڍنڍون، ماٿريون، نظارا، گذريل تاريخي واقعا، وغيره چين جي تھذيبي سفر جا داستان آهن. اِهي سڀ اُهي علامتون آهن. جيڪي چيني شاعر استعمال ڪري ٿو. انهن مان ڪن علامتن سان چين جي بادشاهي دورن جي جبريت ۽ عام ماڻهن جي ڪارنامن سان منسوب آهن. اهي علامتون چيني شاعري ۾ سمجهڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿي ڪري. تشريحي حاشين جي گهرج ٿي پوي. ٻيو ته چيني شاعري جي تخليقي عمل جي ڪيفيت ۽ واردات به ٿوري مختلف آهي. شاعر هڪ مٿاهينءَ تان ڪو منظر ڏسي ٿو ۽ قدرت جي آفاقيت کي ان منظر جي مرڪز ۽ وقت کي ٿورو آئوٽ آف فوڪس رکي ٿو.

(چين ڪا ادب، عھد به عھد شاعري‘ جو انتخاب جو تعارف اِختصاريل ترجمو: آفتاب اقبال شميم، اڪادمي ادبيات پاڪستان 2006ع)

_____________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button