Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

ڪراچيءَ  ۾ هڪ  ڀيرو وري لولا لنگڙا ڪاڻا ڀولا وارو دور موٽي آيو…

ڪراچيءَ جي ڪاروباري ماڻهن کي پرچيون وصول ٿي رهيون آهن جن اندر گوليون آهن ۽  پرچيءَ  تي لکيل آهي تہ جيڪڏهن ڀتو نه ڏنو ويو ته انجام سمجهو ٿا.

سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبر

عرفان عالماڻي

ٻه اهم ۽ ڇرڪائيندڙ خبرون آهن، هڪڙي آهي ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ قائم هوٽل ڪيفي لٽل ڪراچي جنهن جي مالڪ الزام لڳائيندي چيو آهي ته گذريل هفتي آچر جي رات ڪي ايم سي، ڊي ايم سي، انڪروچمينٽ وارن حملا آور ٿي هوٽل جو اهم ۽ قيمتي سامان ڀڃي ڀورا ڪري ضبط ڪيو آهي جڏهن ته اسان جي ڪا به ايف آئي آر درج نٿي ڪئي وڃي ادارن وٽ جڏهن سامان وٺڻ وياسين ته چيو ويو اسان پاران اهڙي ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي وئي نه ئي سامان اسان وٽ آهي. جنهن تي هوٽل مالڪ هوٽل جي ٻاهران روڊ تي بينر لڳائي ڇڏيا آهن جن تي لکيل آهي: “سسٽم کي ڀتا خوري ڪي خلاف يه ريسٽورنٽ بند هي”

هي بئنر ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻجي ويا آهن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي هن مسئلي کي هائيلائيٽ ڪيو ويو آهي.

ٻي ڇرڪائيندڙ خبر آهي ته اڄ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس پاران سيڪيورٽي ٿريٽ جو اهم ليٽر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچيءَ جي ڪاروباري ماڻهن کي پرچيون وصول ٿي رهيون آهن جن اندر گوليون آهن ۽  پرچيءَ  تي لکيل آهي تہ جيڪڏهن ڀتو نه ڏنو ويو ته انجام سمجهو ٿا.

جڏهن ته چيمبر آف ڪامرس پاران اهم ميٽنگ به ڪئي وئي آهي ۽ واپارين کي تنبيھ ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجو خيال رکن.

هيءَ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ سيف سٽي پراجيڪٽ سميت گهرو وزارت توڙي پوليس لاء اهم سوال آهي. ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ڪراچيءَ کي امن مليو هو ۽ ڪراچي واسين سک جو ساھ کنيو هو. ايم ڪيو ايم جهڙي جماعت کي ڏنڊو اچڻ بعد بدمعاشي ۽ غنڊاگردي سانت ٿي هئي پر هڪڙي پاسي سسٽم کان بيزار ڪاروباري ماڻهو ٻئي پاسي دهشتگردي ۽ غنڊاگردي جو شڪار واپاري ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي اهڙي عمل کي روڪين ڪراچي مان اڳ ئي اڌ انڊسٽري فيصل آباد منتقل ٿي چڪي آهي باقي رهيا ننڍا واپاري جن جو اڌ حصو ٻاهرين ملڪ شفٽ ٿي چڪو آهي باقي ننڍا وڏا ڪاروباري جيڪي مستقل ابن ڏاڏن کان ڪراچي ۾ رھن ٿا انهن جو تحفظ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن توڙي حڪومت جي اهم ذميواري آهي.

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button