Editor's pickMain Slideڪالم

شاهراهن تي عوام تڙپي پيو، هي ننڌڻڪو نظام تڙپي پيو

شاهراهن تي تڙپندڙ عوام رڳو ڪنهن مخصوص طبقي يا گروهه جي علامت ناهي، پر ان اجتماعي انسان جو استعارو آهي، جيڪو پنهنجي بنيادي ضرورتن، حقن ۽ عزت ڀريءَ زندگيءَ لاءِ پريشان آهي. شاعر نظام کي ”ننڌڻڪو“ چئي هڪ اهڙي انتظامي ۽ سماجي ڍانچي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن وٽ عوام جي ڏکن ۽ ڏولاون جو احساس ۽ ذميواريءَ جو شعور بنهه ختم ٿي چڪو هجي. شاعر گهايل لغاريءَ جي غزل جو ادبي ۽ فڪري اڀياس.

 تحرير: بلوچ صحبت علي

سنڌ جي ادبي آسمان تي ڪي آواز اهڙا هوندا آهن، جيڪي رڳو لفظن جي خوبصورتيءَ سان نه، پر پنهنجي اندر جي سچائي، سماجي شعور ۽ فڪري تڙپ سان ڪنايا ۽  سڃاتا ويندا آهن. گهايل لغاري به اهڙن شاعرن مان هڪ آهي، جنهن جو تعلق جوهي شهر جي انهيءَ زرخيز، سرسبز، سڳنڌ ڀريءَ مٽيءَ سان آهي، جنهن پنهنجي ڪُک مان سدائين مزاحمت، محبت، درد ۽ فڪر جا گل پيدا ڪيا آهن. جوهيءَ جي ڌرتيءَ جي ادبي ۽ مزاحمتي روايت جو پنهنجو هڪ الڳ مزاج آهي. ان مٽيءَ جي خوشبو گهايل جي شاعريءَ ۾ به محسوس ٿئي ٿي.

گهايل لغاريءَ جو هي غزل پنهنجي اندر ۾ رڳو هڪ شاعر جي ذاتي ڪيفيت جو اظهار ناهي، پر پنهنجي دور جي اجتماعي درد، سماجي بيحسي، انساني بيقدري، آزاديءَ جي خواهش ۽ ثقافتي زوال جو هڪ فڪري دستاويز آهي. هن غزل ۾ شاعر پنهنجي چوڌاري پکڙيل حالتن کي ڏسي خاموش نٿو رهي، پر هو شعر وسيلي سماج جي ضمير کي جنجهوڙي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ تڙپ هڪ اهڙو استعارو بڻجي سامهون اچي ٿي، جيڪو فرد کان وٺي قوم، ثقافت، ٻولي ۽ انسانيت تائين پکڙيل آهي.

غزل جو مطلع ئي شاعر جي فڪري رخ کي واضح ڪري، وائکو ڪري ڇڏي ٿو:

شاهه راهن تي عوام تڙپي پيو،

هي ننڌڻڪو نظام تڙپي پيو.

هتي شاهراهن تي تڙپندڙ عوام رڳو ڪنهن مخصوص طبقي يا گروهه جي علامت ناهي، پر ان اجتماعي انسان جو استعارو آهي، جيڪو پنهنجي بنيادي ضرورتن، حقن ۽ عزت ڀريءَ زندگيءَ لاءِ پريشان آهي. شاعر نظام کي ”ننڌڻڪو“ چئي هڪ اهڙي انتظامي ۽ سماجي ڍانچي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن وٽ عوام جي ڏکن ۽ ڏولاون جو احساس ۽ ذميواريءَ جو شعور بنهه ختم ٿي چڪو هجي.  هن شعر جي سونهن اها آهي ته شاعر عوام جي تڪليف کي بيان ڪندي نظام جي بيحسيءَ کي به تڪليف، ڏک، درد ۽ پيڙاءُ جي دائري ۾ آڻي ٿو. ڄڻ ته نظام پاڻ پنهنجي ناڪاميءَ جي بار هيٺ تڙپي ۽ دٻجي رهيو هجي. ٻئي شعر ۾ گهايل جو فڪر هڪ نئين ثقافتي ۽ ادبي سطح تي ان وقت وڌيڪ  داخل ٿئي ٿو، جڏهن هو چوي ٿو ته :

هاڻ ڪلياڻ ڪيڏارو ٿي ويو،

شاهه! تنهنجو ڪلام تڙپي پيو.

هي شعر غزل جو اهم، طاقتور، ۽ گهرو حوالو آهي. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ڪلياڻ سُر روحاني سونهن، عشق، سڪ ۽ فڪر جي لطيف ڪيفيتن سان جڙيل ۽ جڪڙيل آهي، جڏهن ته ڪيڏارو جنگ، شهادت، قرباني ۽ مزاحمت استعاري جو علامتي حوالو آهي. شاعر انهن ٻنهي سُرن کي هڪ ئي مصرعي ۾ سمائي/ آڻي پنهنجي دور جي تبديل ٿيل حالتن جو نقشو چٽيو ائين آهي،  جو ڄڻ ته  محبت جي ڌرتيءَ تي جنگ جا پاڇا ڇانئجي ويا هجن ۽ لطيف جو امن، عشق ۽ انسانيت وارو پيغام به پنهنجي دور جي بيحسيءَ سبب تڙپي ۽ پڪاري رهيو هجي. منهنجي نظر ۾، هن شعر ۾ شاهه لطيف کي رڳو هڪ عظيم شاعر طور ياد ڪري ڀيٽا نه ڏني ويئي ويئي آهي،  پر کيس سنڌ جي اجتماعي ضمير، ثقافتي سڃاڻپ ۽ انساني آزاديءَ جي علامت ۽ علمدار طور ياد ڪيو ويو آهي. شاعر ڄڻ شاهه کان پڇي ٿو ته جنهن ڌرتيءَ کي تو محبت، سچائي ۽ انسانيت جو درس ڏنو، تنهن ڌرتيءَ تي اڄ نفرت ۽ ناانصافيءَ جا پاڇا ڇو ڇانئجي ۽ وکري رهيا آهن؟. ٽئين شعر ۾ شاعر شڪاري ۽ شڪار جي روايتي علامت کي استعمال ڪندي انساني نفسيات ۽ طاقت جي رشتن کي ظاهر ڪري ٿو:

آءُ هُن جي نظر چڙهيو ناهيان،

اڄ شڪاري جو دام تڙپي پيو.

شڪاريءَ جو دام تڏهن بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿو، جڏهن شڪار سندس ڄار ۾ ڦاسڻ کان انڪار ڪري، نڪري وڃي ٿو. هن شعر کي هڪ نفسياتي ۽ مزاحمتي تناظر ۾ به پڙهي سگهجي ٿو. جيڪو ماڻهو پنهنجي آزادي، سوچ ۽ خودمختياريءَ تي سودو نٿو ڪري، اهو طاقتور شڪاريءَ جي ارادن لاءِ هڪ چئلينج بڻجي وڃي ٿو. شاعر هتي سڌيءَ ريت مزاحمت جو اعلان نٿو ڪري، پر پنهنجي نه ڦاسڻ واري ڪيفيت سان شڪاريءَ جي بيچيني ظاهر ڪري ٿو. چوٿين شعر ۾ غزل پنهنجي فڪري ۽ انساني درد جي هڪ وڌيڪ سنجيده منزل تي پهچي ٿو:

حق جي لئه سزا پيو ڀوڳي،

جيل ۾ هڪ غلام تڙپي پيو.

هي شعر آزاديءَ، انصاف ۽ انساني حقن جي سوال کي پنهنجي اندر سمائي ٿو. تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا انسان گذريا آهن، جن کي پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ جي سزا ڀوڳڻي پئي آهي. شاعر جو ”غلام“ رڳو جيل جي چئن ديوارين ۾ قيد ڪو هڪ شخص/قيدي لاءِ ناهي، پر اهو هر ان باضمير ۽ باشعور انسان لاءِ آهي، جنهن جي آواز، سوچ ۽ اظهار جي آزاديءَ کي محدود ڪيو ويو  هجي. هتي جيل هڪ عمارت کان اڳتي وڌي سماجي ۽ فڪري غلاميءَ جي علامت بڻجي وڃي ٿي. پنجون شعر ته ڄڻ اسان جي اجتماعي اخلاقي زوال جو ماتم آهي: جيئن اسان وٽ دادو ۾ اڄ ڪلهه لڄا لٽ جو هڪڙو معامرو هلي رهيو آهي. جنهن ۾ رشتن جي تقدس کي پامال ڪيو ويو آهي.  پيءُ ۽ ڌي جي پاڪ رشتي کي به ناپاڪ سوچن جي ور چاڙهيو ويو آهي.

عزتون عظمتون رهيون ناهن،

ماڻهپو احترام تڙپي پيو.

شاعر جو درد هتي ڪنهن هڪ فرد، خاندان يا طبقي تائين محدود نٿو رهي. هو انساني قدرن جي مجموعي زوال تي فڪرمند آهي. عزت، عظمت، ماڻهپو ۽ احترام اهي قدر آهن، جن تي ڪنهن به مهذب سماج جي عمارت بيٺل هوندي آهي. جڏهن سماج مان اهي قدر ختم ٿيڻ لڳن ٿا، تڏهن رشتا مفادن ۾، محبتون مصلحتن ۾ ۽ انسانيت ظاهري ڏيکاءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. هن شعر ۾ گهايل جو اصل سوال اهو آهي ته اسان وٽ ترقيءَ جون دعوائون ته موجود آهن، پر ڇا اسان وٽ انسان کي انسان سمجهڻ جو شعور به باقي آهي؟ ڇا اسان جي سماج ۾ ڪنهن جي عزت، وقار ۽ انساني حيثيت جي ڪا معنيٰ بچي آهي؟. ڇهين شعر ۾ شاعر پنهنجي فڪر کي سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافتي وجود سان ڳنڍي ٿو:

سنڌ، ٻولي، ادب چڙهيا ڦاهي،

شاهه سامي شيام تڙپي پيو.

گھايل لغاري

هي شعر غزل جي قومي ۽ ثقافتي شعور جو مرڪز آهي. سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ڦاهيءَ تي چڙهڻ سان تشبيهه ڏيڻ هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ علامتي اظهار آهي. شاعر کي محسوس ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي بقا، ادب جي آزادي ۽ ثقافتي سڃاڻپ خطري ۾ آهن. شاهه، سامي ۽ شيام جا نالا هتي سنڌ جي فڪري، روحاني ۽ ادبي ورثي جا نمائندا بڻجي اچن ٿا. شاهه لطيف جي انسان دوستي، ساميءَ جي ويدانتي فڪر ۽ نارائڻ شيام جي رومانوي ۽ جمالياتي شاعريءَ کي هڪ ئي مصرعي ۾ آڻڻ سان شاعر سنڌ جي فڪري تسلسل کي ياد ڪري، هنجون هاري ٿي ويهي. ڄڻ اهي سڀئي آواز پنهنجي ڌرتيءَ جي موجوده حالتن تي خاموش ماتم ڪري رهيا هجن. هن شعر جي فڪري اهميت ان ڳالهه ۾ آهي ته شاعر سنڌ جي مسئلن کي رڳو سياسي يا معاشي مسئلو نٿو سمجهي، پر انهن کي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ اجتماعي سڃاڻپ جي بقا سان ڳنڍي ٿو. آخري شعر ۾ شاعر وري پنهنجي ذات ڏانهن موٽي ٿو:

روح گهايل ۽ زخمي جذبا هن،

دل ۾ ڪو تمام تڙپي پيو.

هي شعر غزل جي سموري فڪري سفر کي ذاتي ڪيفيت ۾ سمائي ڇڏي ٿو. شروع ۾ تڙپندڙ عوام هو، پوءِ نظام، شاهه جو ڪلام، شڪاريءَ جو دام، غلام، ماڻهپو، احترام ۽ ثقافت جا استعارا هئا، پر آخر ۾ شاعر پاڻ زخمي روح ۽ جذبات سان سامهون اچي ٿو. هڪ ڳالهه هتي خاص طور محسوس ڪرڻ جهڙي آهي ته ”گهايل“ شاعر جي تخلص طور به اچي ٿو ۽ زخمي روح جي ڪيفيت طور به. اهڙيءَ طرح شاعر جو نالو ۽ سندس اندروني احساس هڪ ٻئي سان معنوي طور ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. غزل جو آخري شعر ڄڻ ٻڌائي ٿو ته سماج جو درد، جڏهن حساس دل ۾ داخل ٿئي ٿو ته اهو رڳو مشاهدو نٿو رهي، پر ذات جو حصو بڻجي وڃي ٿو.

غزل جو مجموعي فڪري ۽ فني جائزو

گهايل لغاريءَ جي هن غزل جو سڀ کان اهم پاسو ان جو تسلسل آهي. هر شعر پنهنجي الڳ معنيٰ ۽ موضوع رکي ٿو، پر سڀئي شعر هڪ گڏيل احساس، يعني تڙپ، سان ڳنڍيل آهن. شاعر ”تڙپي پيو“ کي رڳو رديف طور استعمال ناهي ڪيو، پر ان کي غزل جو بنيادي فڪري محور بڻايو آهي. غزل ۾ چند اهم خصوصيتون نمايان آهن:

•      سماجي شعور:  عوام جي تڪليف، نظام جي ناڪامي ۽ انساني حقن جي سوال کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو ويو آهي.

•      مزاحمتي فڪر:  شڪاري ۽ دام، غلام ۽ جيل جهڙين علامتن وسيلي آزاديءَ ۽ مزاحمت جو احساس پيدا ڪيو ويو آهي.

•      ثقافتي وابستگي:  شاهه، سامي ۽ شيام جا حوالا سنڌ جي ادبي ۽ فڪري ورثي سان شاعر جي محبت ظاهر ڪن ٿا.

•      انساني قدرن جو درد:  ماڻهپي ۽ احترام جي زوال تي شاعر جي ڳڻتي، هن غزل کي انساني شعور جي اعليٰ سطح تي آڻي بيهاري ٿي.

•      علامتي اظهار:  تڙپ، دام، جيل ۽ ڦاهي جهڙيون علامتون غزل جي معنيٰ کي وسيع ڪن ٿيون.

فني حوالي سان رديف ”تڙپي پيو“ غزل ۾ هڪ مسلسل دردناڪ فضا قائم ڪري ٿو. البت ڪجهه هنڌن تي قافيي ۽ مصرعن جي روانيءَ بابت فني نظرثاني جي گنجائش موجود آهي. خاص ڪري آخري شعر جو ٻيو مصرعو، ”دل ۾ ڪو تمام تڙپي پيو“، معنوي لحاظ کان وڌيڪ وضاحت گهري ٿو. اهڙيءَ طرح ”هاڻ ڪلياڻ ڪيڏارو ٿي ويو“ هڪ خوبصورت فڪري خيال آهي، جنهن کي وڌيڪ فني نکار سان اڃا به اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو. گهايل لغاريءَ جو هي غزل پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته شاعر پنهنجي ذات جي دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهيو آهي، پر سندس نظر رڳو منظر تي نه، منظر جي پويان لڪل درد تي به آهي. هن کي عوام جي تڪليف به نظر اچي ٿي، جيل ۾ قيد انسان جي آزادي به ياد اچي ٿي، شاهه جي ڪلام جي بيقدري به محسوس ٿئي ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل جو فڪر به سندس دل ۾ موجود آهي. منهنجي نظر ۾ هن غزل جو اصل حسن اهو آهي ته گهايل پنهنجي ذاتي درد کي اجتماعي درد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هو پنهنجي روح جي زخمن جو ذڪر ڪندي پوري سماج جي زخمن کي زبان ڏئي ٿو. جوهيءَ جي سڳند واري مٽيءَ مان اڀريل گهايل لغاريءَ لاءِ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته سندس شاعريءَ ۾ لفظ رڳو لفظ ناهن، پر پنهنجي دور جي حالتن سان هڪ حساس انسان جي فڪري ڪشمڪش آهن. گهايل سائين! اوهان جي غزل ۾ تڙپ رڳو دل جي ڪيفيت ناهي، اها پنهنجي دور جي بيحسيءَ خلاف هڪ ادبي احتجاج آهي. دعا آهي ته اوهان جو قلم اهڙيءَ ريت سچ، ماڻهپي، محبت ۽ سنڌ جي فڪري آزاديءَ لاءِ لکندو رهي.

__________

Baloch Suhbat Ali -The AsiaN

بلوچ صحبت علي ايڊووڪيٽ، سنڌ ھاءِ ڪورٽ، دادو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button