Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

نئين نسل جا ننڍڙا ليکڪ، وڏا خواب: ڀيڻ لاريب ۽ ڀاءُ علي حيدر جو تخليقي سفر

ڪتاب لکڻ لاءِ عمر جي پابندي نه، پر سوچيندڙ ذهن، حساس دل ۽ مطالعي جي ضرورت هوندي آهي. سنڌ جي ٻن ننڍڙن گلن—ستين درجي جي شاگردياڻي لاريب مصطفى ۽ نائين درجي جي شاگرد علي حيدر اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن گهر ۽ سماج ۾ ڪتابن جو ماحول ملي، ته ٻار ننڍپڻ ۾ ئي شاهڪار تخليق ڪري سگهن ٿا.

نسيم بخاري

دنيا جي ادبي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جتي ننڍي عمر جي ٻارن پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽ تخيل سان اهڙو ڪم ڪيو، جنهن وڏي عمر وارن کي به حيران ڪري ڇڏيو. ڪتاب لکڻ لاءِ عمر جي وڏي ھئڻ جي ضرورت نه هوندي آهي، ضرورت هوندي آهي سوال ڪندڙ ذهن، حساس دل، تخيل جي اڏام ۽ ڪتابن سان دوستيءَ جي.

دنيا ۾ اهڙا ٻار به ٿي  گذريا آهن، جن ننڍي عمر ۾ ڪتاب لکيا، شائع ڪرايا ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي. ڪنهن ٻار کي گهر ۾ ڪتابن جو ماحول مليو، ڪنهن کي اسڪول جي لائبريريءَ سوچڻ تي مجبور ڪيو، ڪنهن کي استاد لکڻ جي همت ڏني ۽ ڪنهن کي والدين جي حوصلا افزائيءَ قلم هٿ ۾ کڻڻ جو حوصلو ڏنو.

پاڪستان ۾ به ننڍي عمر ۾ لکڻ ۽ ڪتاب شائع ڪرائڻ جا مثال موجود آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ به ٻارن ۽ نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن جا ڪيترائي مثال آھن. انهن مثالن مان هڪ نهايت خوبصورت ۽ حوصلا افزا نالو لاريب مصطفى جو آهي، جيڪا اڃا ستين درجي جي شاگردياڻي آهي، پر سندس ڪتاب ”ايل بيل ۽ ٽيل“ ننڍپڻ ۾ ئي لکڻ واري تخليقي سفر جو ثبوت بڻجي اسان جي آڏو آيو آهي.

اھا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي اهم آهي ته هڪ ننڍڙي ٻارڙيءَ هڪ ڪتاب لکيو، پر ان کان وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته آخر اها ٻارڙي ڪتاب لکڻ تائين پهتي ڪيئن؟ ان سوال جو جواب سندس گهر جي ماحول، ڪتابن سان سندس محبت ۽ مطالعي جي عادت ۾ لڪل آهي.

لاريب مصطفى جڏهن چوٿين درجي ۾ پڙهندي هئي، تڏهن کان کيس ڪتابن سان دلچسپي پيدا ٿي. گهر ۾ ادبي ماحول هو، مختلف هنڌن تي ڪتاب نظر ايندا هئا ۽ ڪتابن جي موجودگي سندس ذهن تي اثر ڇڏيندي وئي. ٻار جيڪو ڏسي ٿو، اهو رڳو اکين سان نه ٿو ڏسي؛ هو ان کي پنهنجي ذهن ۾ محفوظ به ڪري ٿو. گهر ۾ جيڪڏهن ٽيليويزن، موبائل ۽ شور کان وڌيڪ ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جو ماحول هجي ته ٻار جي ذهن ۾ به سوال، تجسس ۽ مطالعي جا دروازا کن ٿا. لاريب سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو.

ڪتاب هن لاءِ آهستي آهستي رڳو پڙهڻ جو سامان نه رهيا، پر اهي سندس دوست به بڻجي ويا. هن پنهنجي عمر، تعليم، سوچ ۽ ذهني صلاحيت مطابق ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا. مطالعي جي انهيءَ شوق سندس اندر هڪ ٻيو احساس پيدا ڪيو ته ڪتاب رڳو علم جو خزانو نه آهن، پر اهي انسان کي پنهنجي زندگيءَ بابت سوچڻ، ماڻهن کي سمجهڻ ۽ دنيا کي نئين نظر سان ڏسڻ جي صلاحيت به ڏين ٿا.

اهو ئي مطالعي جو اصل ڪمال آهي. ڪتاب جڏهن ٻار جي زندگيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو ته پهريان سندس وقت وٺي ٿو، پوءِ سندس ذهن کولي ٿو ۽ آخرڪار سندس سوچ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ڪتاب پڙهندڙ ٻار، اڳتي هلي ليکڪ به ٿئي ٿو.

اڄ اسان وٽ ٻارن جي مصروفيتن جا ڪيترائي وسيلا موجود آهن. موبائل فون، وڊيوز، گيمز ۽ سوشل ميڊيا ٻارن جو وڏو وقت کڻي رهيا آهن. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو ٻار ڪتاب کي پنهنجي دوست طور چونڊي ٿو ته اها ڳالهه صرف سندس ذاتي ڪاميابي نه، پر والدين ۽ معاشري لاءِ به اميد جي نشاني آهي.

لاريب جو گهڻو وقت ڪتابن سان گذريو. هوءَ ڪتاب پڙهي ٿي، ڪهاڻيون سوچيندي آهي ۽ پوءِ انهن کي لفظن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. جيڪو ٻار ٻين جون ڪهاڻيون پڙهي ٿو، اهو هڪ ڏينهن پنهنجي اندر جون ڪهاڻيون به ٻڌائڻ لڳي ٿو. هو پنهنجي مشاهدي کي لفظ ڏئي ٿو، پنهنجي احساس کي ڪردار ڏئي ٿو ۽ پنهنجي خيال کي ڪهاڻيءَ جي شڪل ڏئي ٿو.

لاريب مصطفى جي ڪتاب ”ايل بيل ۽ ٽيل“ ۾ ٻارن لاءِ هڪ نهايت سادي، پر سبق آموز ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ بگهڙ آهي، جيڪو ٻڪريءَ جي ٻچن کي کائڻ لاءِ موقعو ڳولھي رهيو آهي. ٻڪري کي بگهڙ جي ارادن جي خبر آهي، تنهنڪري جڏهن هوءَ ڪنهن ڪم سان ٻاهر وڃي ٿي ته پنهنجي ٻچن کي محفوظ جاءِ تي ڇڏي کين چوي ٿي ته خبردار رهن ۽ ڪنهن اجنبي لاءِ دروازو نه کولين. بگهڙ اچي دروازو کڙڪائي ٿو ۽ پاڻ کي ٻچن جي ماءُ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ٻچن کي ماءُ جي نصيحت ياد آهي. هو رڳو آواز تي اعتبار نٿا ڪن. هو بگهڙ کان ثبوت گهرن ٿا. ٻچن کي خبر آهي ته سندن ماءُ جا پير اڇا آهن، جڏهن ته بگهڙ جا پير اڇا ناهن. تنهنڪري سندس پهرين ڪوشش ناڪام ٿي وڃي ٿي.

بگهڙ واپس وڃي لومڙيءَ سان مشورو ڪري ٿو. لومڙي کيس صلاح ڏئي ٿي ته اٽي جي گدام مان اٽو کڻي پنهنجن پيرن تي ھڻي ٻچن کي ڏيکاري ته جيئن اهي کيس پنهنجي ماءُ سمجهن. بگهڙ لومڙيءَ جي صلاح تي عمل ڪري ٿو، پر ٻارن جي هوشياري سندس سازش کي ٻيهر ناڪام بڻائي ٿي. بگهڙ اهو نه سوچيو ته رستي ۾ سندس پيرن  کي لڳل اٽو غائب ٿي سگهي ٿو ۽ ٻار سندس ٻين نشانين مان شڪ ڪري سگهن ٿا. ايتري ۾ ٻڪري به واپس اچي ٿي. هوءَ صورتحال کي سمجهي وٺي ٿي ۽ پنهنجي ٻچن جي حفاظت لاءِ نهايت جرئت ۽ هوشياريءَ سان بگهڙ تي سڱن سان حملو ڪري ٿي. بگهڙ ڪري پوي ٿو ۽ ٻڪري جا ٻچا محفوظ رهن ٿا.

هن ڪهاڻيءَ جو حسن رڳو بگهڙ جي شڪست ۾ ناهي. ان جو اصل حسن ان سبق ۾ آهي، جيڪو ٻارن کي ڏنو وڃي ٿو. ٻارن کي ٻڌايو ويو آهي ته والدين جون نصيحتون معمولي ڳالهيون ناهن. انهن جي پويان والدين جو تجربو، محبت ۽ ٻارن جي حفاظت جو احساس هوندو آهي. ٻارن کي اهو به سيکاريو ويو آهي ته هر ڳالهه تي اکيون ٻوٽي اعتبار نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪو اجنبي پاڻ کي سڃاتل ماڻهو ظاهر ڪري ته ان جي ڳالهه جي تصديق ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو خطرو محسوس ٿئي ته احتياط ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه ۾ شڪ هجي ته وڏن کي ٻڌائڻ گهرجي. اڄ جي دور ۾ هي سبق اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي.

لاريب جي ڪتاب مان والدين لاءِ به سبق

”ايل بيل ۽ ٽيل“رڳو ٻارن لاءِ ڪتاب ناهي؛ ان ۾ والدين لاءِ به هڪ خاموش پيغام موجود آهي. ٻڪري پنهنجي ٻچن کي خطري کان بچائڻ لاءِ کين اڳواٽ آگاهه ڪري ٿي. هوءَ رڳو اهو نٿي چوي ته ”دروازو نه کولجو“، پر ٻچن کي اهو به سيکاري ٿي ته جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ماءُ ظاهر ڪري ته سندس سڃاڻپ ڪيئن ڪجي. يعني والدين کي ٻارن کي صرف حڪم ڏيڻ بدران سبب به سمجهائڻ گهرجي. اڄ جي ٻار کي جيڪڏهن رڳو اهو چيو وڃي ته ”ايئن نه ڪر“ ته شايد هو ڪجهه وقت تائين عمل ڪري، پر جيڪڏهن کيس اهو سمجهايو وڃي ته ”ايئن ڇو نه ڪرڻو آهي“ ته هو پنهنجي عقل سان به فيصلو ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. هيءَ تربيت جو وڌيڪ مضبوط طريقو آهي.

لاريب جي ادبي سفر سان گڏ هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته سندس وڏو ڀاءُ علي حيدر پڻ، جيڪو نائين درجي جو شاگرد آهي، ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکي ٿو. علي حيدر جي ٻارن لاءِ لکيل مختصر ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڪنول ڍنڍ“ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب ٻارهن ڪهاڻين تي مشتمل آهي ۽ ان جون ڪهاڻيون ٻارن کي رڳو نصيحت نٿيون ڪن، پر تفريح، تجسس ۽ حيرت  کي گڏ کڻي هلن ٿيون.

ٻارن لاءِ لکڻ وقت سڀ کان وڏو مسئلو اهو هوندو آهي ته نصيحت ڪهاڻيءَ تي غالب نه اچي. جيڪڏهن ليکڪ هر سٽ ۾ ٻار کي ”هي ڪر“ ۽ ”هي نه ڪر“ چوندو رهي ته ڪهاڻي واعظ بڻجي ويندي. علي حيدر جي ڪوشش اها نظر اچي ٿي ته سبق کي ڪهاڻيءَ جي اندر رکيو وڃي، جيئن ٻار پڙهندي لطف به وٺي ۽ بنا محسوس ڪرائي  سبق به حاصل ڪري.

 ”چمڪو“ڪهاڻيءَ ۾ بنيادي پيغام اهو آهي ته ڪنهن تي به اکيون ٻوٽي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي. اعتماد انساني رشتن جو بنياد آهي، پر اعتماد سان گڏ سمجهه ۽ احتياط به ضروري آهي. ٻارن کي جيڪڏهن ننڍپڻ کان ئي اهو سيکاريو وڃي ته محبت ۽ اعتماد سان گڏ پنهنجي حفاظت جو شعور به ضروري آهي ته هو زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي مسئلن کان بچي سگهن ٿا.

”محبت جي طاقت“۾ هڪ اهڙو ٻار آهي، جيڪو ڪبوترن سان محبت ڪري ٿو، انهن جو خيال رکي ٿو ۽ انهن سان انساني شفقت وارو رويو اختيار ڪري ٿو. سندس محبت ايتري گهري ٿي وڃي ٿي جو ڪبوتر به سندس قربت جا عادي ٿي وڃن ٿا ۽ ساڻس ڳالهائڻ لڳن ٿا. هيءَ ڪهاڻي ٻارن جي تخيل کي به جاڳائي ٿي ۽ انهن کي جانورن ۽ پکين سان محبت ڪرڻ، انهن جو خيال رکڻ ۽ قدرت جي مخلوق سان شفقت وارو رويو رکڻ جو پيغام به ڏئي ٿي.

”دوستي جي روشني“ٽن ڪلاس فيلوز جي ڪهاڻي آهي. ٽئي گڏ رهن ٿا، گڏ گهمن ٿا، کائن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان پنهنجا احساس ونڊين ٿا. انهن مان هڪ ٻار غريب آهي. باقي ٻه ٻار سندس غربت کي مذاق جو موضوع نٿا بڻائن، نه ئي کيس پاڻ کان پري ڪن ٿا، پر سندس اداسي ۽ احساسِ محرومي کي محسوس ڪري کيس پنھنجائپ وارو احساس ڏين ٿا. ٻار کي غريب هجڻ تي شرمسار ڪرڻ بدران سندس دوست بڻجڻ گهرجي. اسڪول ۾ ٻارن جي وچ ۾ معاشي فرق موجود ٿي سگهي ٿو، پر انسانيت جو فرق پيدا ٿيڻ نه گهرجي.

علي حيدر جي هڪ ٻي ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال اهو آهي ته خوبصورتي صرف چهري ۽ شڪل جو نالو ناهي. اصل خوبصورتي انسان جي دل، اخلاق ۽ ڪردار ۾ هوندي آهي. اهو سبق ٻارن لاءِ تمام ضروري آهي. ڇو ته جيڪڏهن ننڍپڻ کان ٻار کي رڳو ظاهري خوبصورتيءَ سان انسان کي پرکڻ سيکاريو ويندو ته هو وڏو ٿي سماج ۾ به ماڻهن کي ظاهري معيارن سان ڏسندو. پر جيڪڏهن کيس ٻڌايو وڃي ته انسان جي اصل سڃاڻپ سندس اخلاق، رويو، سچائي ۽ ٻين لاءِ دل ۾ موجود احترام آهي ته هو وڌيڪ متوازن انسان بڻجي سگهي ٿو.

هڪ ڪهاڻيءَ جو پسمنظر هن ريت آهي ته هڪ ٻار جا ڪجهه پئسا گم ٿي وڃن ٿا. اهي شايد سندس کيسي مان ڪري پون ٿا، پر هو گهر اچي ڪوڙ ڳالهائي ٿو .ٻئي ڏينهن هڪ بزرگ  ان ٻار جي گهر اچي ٿو ۽ چوي ٿو: ”هي پٽ، هي تنهنجا پئسا هئا.“ ٻار کي پنهنجي ڪوڙ تي شرمندگي محسوس ٿئي ٿي. هو گهر وارن جي سامهون واعدو ڪري ٿو ته هاڻي کان هو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو. هن ننڍڙي واقعي ۽ بزرگ جي عمل  سان ٻار جي ذهن ۾ ڪوڙ کان نفرت ۽ سچ ڳالهائڻ جي سوچ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا اڳتي هلي سندس شخصيت جو حصو بڻجي وڃي ٿي.

لاريب ۽ علي حيدر جي ڪتابن مان سڀ کان وڏو سبق شايد اهو آهي ته ٻارن کي ڪتاب ڏيو، هو توهان کي سوال ڏيندا؛ سوال ڏيو، هو توهان کي سوچ ڏيندا؛ ۽ سوچ ڏيو ته شايد هو توهان کي نئون سماج ڏين.

اسان کي پنهنجي گهرن ۾ ڪتابن لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻي پوندي. اسڪولن ۾ لائبريرين کي فعال ڪرڻو پوندو. استادن کي ٻارن جي لکڻ جي صلاحيت کي سنجيدگيءَ سان وٺڻو پوندو ۽ والدين کي به اهو سمجهڻو پوندو ته ٻار جو ڪتاب پڙهڻ وقت ضايع ڪرڻ نه، پر پنهنجي مستقبل جي تعمير ڪرڻ آهي.

اسان اڪثر ٻارن کان پڇون ٿا ته ”وڏا ٿي ڇا ٿيندين؟“ ڪو ڊاڪٽر ٿيڻ چاهي ٿو، ڪو انجنيئر، ڪو پوليس آفيسر ۽ ڪو استاد. پر اسان کي ڪڏهن اهو به پڇڻ گهرجي ته ”وڏا ٿي ڇا پڙهندين؟“، ”ڇا لکڻ چاهيندين؟“ ۽ ”دنيا بابت تنهنجو پنهنجو خيال ڇا آهي؟“ شايد انهن سوالن مان ئي ايندڙ ليکڪ، شاعر، محقق ۽ مفڪر پيدا ٿيندا.

لاريب مصطفى ستين درجي جي شاگردياڻي آهي. علي حيدر نائين درجي جو شاگرد آهي. ٻنهي جي عمر اڃا ايتري ناهي جو کين ادبي دنيا جو وڏو نالو سڏيو وڃي، پر سندن ڪوشش کي ننڍو سمجهڻ به مناسب نه ٿيندو. ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرائڻ منزل کان وڌيڪ سفر جي شروعات آهي. اڄ انهن جا لفظ شايد ننڍڙا هجن، سندن ڪهاڻيون شايد مختصر هجن، سندن فني تجربو شايد اڃا ابتدائي هجي، پر انهن وٽ سڀ کان قيمتي شيءِ موجود آهي:  جيڪڏهن اهو شوق جاري رهيو، جيڪڏهن پڙهڻ جو سلسلو نه ٽٽيو، جيڪڏهن استاد، والدين ۽ سماج سندن حوصلا افزائي ڪندا رهيا ته اهي ننڍڙا ليکڪ اڳتي هلي وڌيڪ پختو ادب تخليق ڪري سگهن ٿا. هر وڏو ڪتاب ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن ننڍڙي خيال مان شروع ٿيو هوندو.

لاريب جي ”ايل بيل ۽ ٽيل“ ۾ هڪ بگهڙ، هڪ ٻڪري ۽ ڪجهه معصوم ٻچا آهن، پر انهن جي وچ ۾ عقل، احتياط، والدين جي ڳالهه مڃڻ، جرئت ۽ پنهنجي حفاظت جا وڏا سبق لڪل آهن. علي حيدر جي ڪتاب  ”ڪنول ڍنڍ“ ۾ ٻارن جون ننڍڙيون ڪهاڻيون آهن، پر انهن ۾ اعتماد، محبت، دوستي، احساسِ محرومي، اخلاق ۽ حسنِ ڪردار جهڙا وڏا موضوع موجود آهن. اهو ئي ٻارن جي ادب جو حسن آهي: ڪهاڻي ننڍڙي، پر سبق وڏو؛ ليکڪ ننڍڙو، پر خواب وڏا. ۽ شايد اسان جي سماج کي اڄ سڀ کان وڌيڪ اهڙن ئي خوابن جي ضرورت آهي.

___________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button