هيمون ڪالاڻي: سکر جو نرالو نوجوان ۽ سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو امر ڪردار
انگريز بيٺڪي حڪمران ھئا جن 19 ورھين جي نوجوان ھيمون ڪالاڻيءَ کي ڦاسي ڏئي شھيد ڪري ڇڏيو، پر 1943ع کان اڄ تائين سندس زندگيءَ تي ڪنھن ليکڪ ننڍڙي چوپڙي به ناهي لکي، جنهن کي مان ساڻس سنڌي عالمن ۽ اديبن جو اوترو ئي ظلم سمجهان ٿو، جيترو انگريز سرڪار مٿس ڪيو هو
حميد منگي
جڏهن پاڻ چوندا آهيون ته، سنڌ امن جي ڌرتي ۽ سنڌي امن پسند قوم آهي ته، پاڻ اهو ثابت به ڪندا آهيون ته اسين جهيڙاڪ يا وير رکندڙ نسل ناهيون، اسين ڪنهن جا حق به ڦٻائيندا ناهيون ۽ اسين ايتري قدر امن پسند آهيون جو ڪو اسان تي چڙهائي ڪري ايندو آهي ۽ مال متاع سان گڏ قيمتي شيون ڦري ويندو آهي، پوء به پاڻ موٽ ۾ ان تي هلان ڪري، مال موٽائي کڻي ناهيون ايندا۔ بلڪ زندگيءَکي وري نئين سر جيئڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔ اهو صرف اسان جون تاريخون نٿيون ٻڌائين، پر جن جن اسان تي قبضا ڪري مال ڦٻايا آهن، انهن جا اديب ۽ دانشور به پنهنجين ساروڻين ۾ اهڙيون ڳالهيون لکي ويا آهن، جنهن جا کوڙ مثال موجود آهن۔ پاڻ ته پوء به انهن لاء نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندا آهيون۔ جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته، سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين۔ ڪوئي ٻڌائيندو ته، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي امن پسندي ٿيندي آهي۔

سنڌ تي ماضيءَ ۾ ارغون، ترخان، ترڪ، مغل، عرب ۽ انگريز سالن جا سال بلڪ صديون اسان مٿان حڪمرانيون به ڪندا رهيا، اسان جو مال به پنهنجن ملڪن ۾ موڪليندا رهيا، پر پاڻ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ احتجاج جي سندن خلاف ڪجهه به نه ڪيو، ڪڏهن پلاند کي نظر ۾ رکي ڪنهن کان مال موٽائڻ واري ڳالهه ته رهي الڳ، رڳو سکڻو پڇاڻو به ڪري نہ سگهيا آهيون، ته اسان توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو۔ ڪو اڃان به اسان جي امن پسنديء تي شڪ ڪري ٿو ته، سواءِ ان لاء ”حيف“ جي ٻيو ڪو به لفظ نٿا چئي سگهون، جو اسين ماضيء ۾ به امن پسند هئاسين، هاڻي به آهيون ۽ مستقبل ۾ به امن پسنديء جو دامن نه ڇڏينداسين۔ بدلي وٺڻ يا وير وڌائڻ جي سُتي، اسان کي اسان جي امڙين وِڌي ئي ناهي۔
ٻيون ڳالهيون ته رهيون پنهنجي جاء تي، جيڪي اوسي پاسي يا ڏور ديسن جا ويڙهاڪ حڪمران، جن اچي پاڻ تي هلائون ڪيون، اسان کي غلام ڪري حڪمران بڻيا، جن جي قبرن تي اڄ به پاڻ وڃي فاتحائون پڙهندا آهيون، انهن پنهنجون ٻوليون، علم، ادب ايسيتائين جو پنهنجن علائقن جي محبتن جا قصا به اسان جي ذهنن ۾ اوتيا ۽ اسان آمنا صدقنا ڪندي اهي به بر زبان ياد ڪري ڇڏيا پر، انهن جيڪي اسان جي ماڻهن سان تعديون ڪيون، اسان جا هيرا ۽ جانٺا جوان شهيد ڪيا، انهن جون اسان تاريخون ئي وساري ڇڏيون۔ جڏهن ايرانين اسان کي چيو ته، فارسي پڙهسي گهوڙي چڙهسين ته پاڻ فارسيء ۾ شاعريون ڪيون، عربن الف ليلائي قصا ٻڌايا ته اهي به بر زبان ياد ڪري ڇڏيا، انگريزن پنهنجي مقصد جا فلسفا سيکاريا ته انهن کي به اسان جا ڏاها، مختلف تقريبن ۽ پروگرامن ۾ جڏهن ورجائيندا آهن ته تاڙين جا تيسيتائين ڦهڪا جاري رهندا آهن، جيسيتائين هو پاڻ منع نه ڪندا آهن۔
بهرحال سنڌ جي تاريخ جا سمورا ورق اٿلائي پٿلائي ڏسبا ته، پاڻ کي اها ڄاڻ ملندي تہ پوري دنيا اندر جيڪڏهن ڪا امن جي ڌرتي آهي ته اها سنڌ آهي يا ڪا امن پسند قوم آهي ته اها سنڌي قوم ئي آهي، جنهن پنهنجي اوج واري دور ۾ به ڪڏهن، ڪنهن خطي، ملڪ يا قوم مٿان ڪا به ڪاهه ناهي ڪئي۔ ها البته ايترو ضرور ٿيو آهي ته، جڏهن به ڪنهن ڪاسائي قوم پنهنجي ڏاڍ جي زور تي، سنڌ کي تاراج ڪرڻ يا کيس لٽڻ ڦرڻ جي نيت سان حملو ڪيو ته مختلف وقتن تي دولهه دريا خان، هوش محمد شيدي، دودي سومري، شهيد الله بخش سومري، پير صبغت الله راشدي، روپلي ڪولهي ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جهڙن دلير مڙسن مزاحمت ضرور ڪئي آهي۔ مٿي ڄاڻايل سمورن سپوتن، جيتوڻيڪ دشمنن خلاف ويڙهين ۾ ڪي ڪاميابيون ته نه ماڻيون پر، پنهنجين جانين جا نذرانا ڏئي، تاريخ ۾ امر ضرور ٿيا۔ مطلب ته پاڻ ايترا ته امن پسند آهيون جو مارڻ بدران مرڻ ۾ به خوش هوندا آهيون۔
هيمو ڪالاڻي سنڌ جو هڪ بهادر سپوت ۽ آزاديءَ جو مجاهد هو، جيڪو برطانوي راڄ خلاف جدوجهد ڪندي، پنهنجي جان جي قرباني ڏئي سدائين لاء امر ۽ سرخرو ٿيو. جيتوڻيڪ سندس زندگيء بابت مون وٽ ڪي وڌيڪ تفصيل ناهن، پر ايتري ڄاڻ ضرور آهي ته هو 23 مارچ 1923ع تي سکر ۾ ڄائو ۽ 21 جنوري 1943ع تي جڏهن هو 20 سالن جو مس ٿيو ته کيس برطانوي سرڪار ڦاسيء جي سزا ڏني۔ هو برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪڏهن شامل ٿيو، هو ڪهڙي گروپ جو ميمبر هئو، يا مورڳو ئي شڪ جي بنياد تي کيس الزام هنيو ويو، ان سان ٻيا ڪهڙا اڳواڻ گڏ هئا، انجي ڄاڻ انهيءَ ڪري نه ملي سگهي آهي جو 1943ع کان اڄ تائين سندس زندگيءَ تي ڪنهن ليکڪ ننڍڙي چوپڙي به ناهي لکي، جنهن تي مان ساڻس سنڌي عالمن ۽ اديبن جو اوترو ئي ظلم سمجهان ٿو، جيترو انگريز سرڪار مٿس ڪيو هئو، جو ننڍي عمر ۾ کيس هڪ الزام هيٺ ڦاسيءَ چاڙهيو۔
ٻڌايو وڃي ٿو ته هيمون ڪالاڻي ننڍڙي عمر ۾ ئي برصغير جي آزاديءَ واري تحريڪ سان وابسته ٿي ويو هئو ۽ انقلابي سرگرمين ۾ حصو وٺندي، برطانوي حڪومت جي خلاف هڪ جرئت ڀريو قدم کڻندي، انگريز عملدارن ۽ هٿيارن سان ڀريل ريل گاڏيءَ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جو مقصد به رڳو اهو هئو ته، جيئن پنهنجي حقن لاء وڙهندڙن جي تحريڪ کي نقصان کان بچايو وڃي. بهرحال اهڙي ئي هڪ الزام هيٺ هيمون ڪالاڻي گرفتار ٿيو، کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پر انهيء باوجود هن پنهنجن ٻين ساٿين جا نالا ظاهر نه ڪيا. جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار برطانوي سرڪار ڪاوڙ ۾ اچي کيس ڦاسيء جي سزا ڏني. نتيجي ۾ 19 ورهين جو هي ڳڀرو نوجوان سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين لاءِ امر ٿي ويو. هتي هيء ڳالهه ضرور ڪبي ته، انگريز سرڪار جو الزام جيڪڏهن سچو هئو ته، تاريخ جي نظر ۾ هيمون ڪالاڻي به سنڌ جي نوجوانن لاءِ همٿ، قرباني ۽ وطن سان محبت جي علامت بڻجي ڏيکاريو آهي.
جيتوڻيڪ هر سال 21 جنوري تي سندس ياد ۾ تقريبون ٿين ٿيون، جدوجهد تي ڳالهايو به وڃي ٿو، اخبارن ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مضمون به ڇاپيا وڃن ٿا ۽ پڻ قوم کيس آزاديءَ جي تحريڪ جو هڪ روشن به باب سمجهي ٿي، پر منهنجي نظر ۾ جيئن ان سان انگريز دئور ۾ انصاف نه ٿيو، تيئن اتفاق سان اڃا تائين ان سان وڏي ناانصافي اها به ٿئي پئي، جو 83 سالن جو وڏو عرصو گذرڻ باوجود، هن تي ڪو جامع ڪتاب شايع نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ڪٿي ڪو ياگار قائم ڪيو ويو آهي۔ بس هر سال نفسا نفسيءَ واري حالت ۾ ڪجهه ماڻهن کي الائي ڪيئن 21 جنوري جي تاريخ ياد اچي وڃي ٿي ۽ مُٺ جيترا ماڻهو کيس جهٽ پلڪ يا ڪلاڪ ٻن لاء ياد ڪري وري وساريو ٿا ڇڏين۔ منهنجو ذاتي خيال آهي ته، جيڪڏهن ٻين شهيدن سان گڏ هيمون ڪالاڻيءَ کي ايمانداريءَ سان خراج عقيدت ڏيڻو آهي ته، ان بابت هڪ تحقيقي بورڊ تشڪيل ڏنو وڃي، جيڪو ان جي مواد ۽ يادگيرين کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ سان گڏ ان مواد کي انٽرنيٽ تي به رکي ۽ پڻ سکر شهر ۾ ان جو يادگار قائم ڪيو وڃي۔
هونئن به، جڏهن ڪنهن سان محبت ڪبي يا عقيدت جو اظهار ڪبو آهي ته، محبت ۽ عقيدت جون ٻيون سموريون تقاضائون به پوريون ڪبيون آهن۔ اصل ۾ سڄي سال ۾ ٻن ڪلاڪن جو پروگرام جوڙي، اڀري سڀري نموني سان خيالن جو اظهار ڪري يا ڪجهه پيرائن تي مبني آرٽيڪل لکي، پاڻ رڳو ميار ئي لاهيندا آيا آهيون، ان عمل کي ڪنهن به حوالي سان محبت ۽ عقيدت ڪوٺي نه ٿو سگهجي۔ هتي ٻيو به عرض رکندس ته رڳو هيمون ڪالاڻي نه پر، سنڌ جي سمورن شهيدن، جن جا نالا مٿي لکيا آهن، انهن بابت حقيقتن جي بنياد تي تاريخون مرتب ٿيڻ گهرجن ۽ پڻ ممڪن ٿئي ته انهن تي ڊراما، فلمون ۽ دستاويزي رپورٽن واري ڪم جي شروعات به ڪئي وڃي، جيئن ايندڙ نسل کي پنهنجن شهيدن کي ضروري ڄاڻ ملندي رهي۔
_____________

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.



