Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ماڻڪ ڪنگراڻي: عزت ۽ غيرت جي چوواٽيءَ تي بيٺل سنڌ جي عڪاسي ڪندڙ ليکڪ

ڇا ته ماڻڪ سچ لکيو آهي؟ انسان ڪيڏو نه بيوس آھي ھن سماج اڳيان، ھر وقت جو  ڊپ ۽ خوف سڪون سان جيئڻ ئي نه ٿو ڏي! سماج جو ڊپ، ڄمار جو ڊپ ، رشتن جو ڊپ، اولاد جو ڊپ، عزت جو ڊپ، غيرت جو ڊپ، رُڳو ڊپ بس انسان مڻ محبت من ۾ کڻي ساھ کڻي ٿو ، پل پل مري ٿو بس ڏيکاءَ خاطر جيئي ٿو پر دل کولي محبت جو اظهار نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته ماڻھو الائي ڇا چوندا ؟

ماڻڪ ڪنگراڻي نه صرف لفظن جو ڪاريگر بلڪہ احساسن جا محل اڏيندڙ هو. سندس لکڻين ۾ جوھيءَ کان ويندي سڄيءَ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ شامل هئي

ليکڪا: حميره نُور

ماڻڪ ڪنگراڻي جي ادبي پورهئي ۽ سڦلتا تي لکڻ ايئن آهي ڄڻ سُڪل ٺوٺ ڌرتيءَ تي پهرين وسڪاري جي پهرين ڦڙي، پھرين ھڳاءُ ۽ واءُ جي پھرين جهوٽي تي لکڻ جيڪو آھي ته خاموش پر اندر تائين لهرون پيدا ڪري جيون کي مھڪائي ٿو ڇڏي.

ماڻڪ ڪنگراڻي نه صرف لفظن جو ڪاريگر هو بلڪہ هو ته احساسن جا محل اڏيندڙ هو. هُن جي لکڻين ۾ جوھيءَ کان ويندي سڄيءَ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ شامل هئي ۽ مٽي ئي ماڻهن جي ڏکن جي ڄاڻ ڏئي ٿي ۽ گڏ و گڏ اتي ئي سماج جي بي حسيءَ پڻ لامارا ڏيندي رھندي آھي جنهن تي ماڻڪ جي تيز ۽ سنجيده نظر ھر وقت جاڳيل ھوندي ھئي ۽ اھو ئي سبب آهي جو ماڻڪ پنهنجن ڪردارن کي رڳو ڪهاڻين ۾ نه رکيو پر انهن کي زندھ انسانن وانگر پيش ڪيو  ائين جيئن هو اسان جي ڀرسان ئي ويٺا هجن پنهنجي ڳالهيون پاڻ ٻڌائڻ لاءِ.

Manik Kingrani-Book-2-TheAsiaN

سندس لکڻ جي انداز ۾ هڪ سادگي هئي پر اها سادگي اندر ۾ انتھائي گهري هئي. هُو وڏي ڳالھ کي ننڍن لفظن ۾، جملن ۾ چئي ويندو هو ۽ پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو ته ھي واقعي ننڍي ڄمار ۾ وڏو ليکڪ پيدا ٿي ويو آهي.

سندس لکڻين ۾ سماجي ناانصافين، انساني رشتن جي ٽٽڻ ۽ اندروني تڪرارن جو اهڙو عڪس ملي ٿو جيڪو دل ۽ دماغ کي ڇُهي وڃي ٿو. مثال جي طور تي ڪھاڻي نامراد ، دانگي، زندگي جي پينشن ، ڪونج ڪاڏي وئي ۽ ردي پنا وغيره بي مثال ڪھاڻيون آھن جن ۾ (نامراد) ڪھاڻي ته اھڙو کرو سچ آهي جيڪو صدين پڄاڻان رائج ھيو ۽ اڄ جي جديد دؤر ۾ به جيئن جو تيئن ئي رائج آهي. سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ ڪجھ بھتري ضرور آئي آھي پر پوءِ به حالتون عزت ۽ غيرت جي چوواٽيءَ تي بيٺل آهن.

ان کان سواءِ ڪھاڻي (زندگيءَ جي پينشن) جو ھيءُ آخري حصو انتھائي جاندار ھئڻ سان گڏ وگڏ پُراثر پڻ آهي “اھا ڄاڻ ھوندي به ته ھاڻ نه ايندي منھنجي دل جي دنيا اجڙندي پئي وئي ايتري تائين جو حواس وڃائجڻ لڳا. ھُن جي نه اچڻ ڪري خوشين به اچڻ ڇڏي ڏنو بلڪہ خوشين ته منھنجي گھر جا رستا ئي وساري ڇڏيا ھئا. توڙي جو گذريل پنجاھ سالن کان منهنجون دوست ھيون سي ٿورڙي ئي عرصي ۾ اڻ واقف ٿي ويون ھيون. تڏھن آئون ھن جي يادن جي سھاري پنهنجي پوڙهي وجود کي گھلڻ لڳو ھئس ۽ ھن جي بال پين کي سنڀالي رکيو اٿم جيڪا ھن ويندي ويندي مون کي ڪاوڙ منجھان اڇلي ھنئين ھئي، جنھن جي اھميت مون لاءِ زندگيءَ جي پينشن جھڙي آهي. جنھن جي آڌار تي جيئندو آھيان جنھن کي ڏسڻ ويلي عجيب سرور محسوس ڪندو آھيان ۽ ڳوڙها پيئڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان ۽ جيئڻ جا جتن ڪندو آھيان.”

ڇا ته ماڻڪ سچ لکيو آهي؟ انسان ڪيڏو نه بيوس آھي ھن سماج اڳيان، ھر وقت جو  ڊپ ۽ خوف سڪون سان جيئڻ ئي نه ٿو ڏي!

سماج جو ڊپ، ڄمار جو ڊپ ، رشتن جو ڊپ، اولاد جو ڊپ، عزت جو ڊپ، غيرت جو ڊپ، رُڳو ڊپ بس انسان مڻ محبت من ۾ کڻي ساھ کڻي ٿو ، پل پل مري ٿو بس ڏيکاءَ خاطر جيئي ٿو پر دل کولي محبت جو اظهار نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته ماڻھو الائي ڇا چوندا ؟

ماڻڪ ڪنگراڻي جو ڪم اسان کي سمجهائي ٿو ته ادب صرف وندر ناھي پر سماج جو آئينو آهي جيڪو لفظن ۾ هڪ خاموش احتجاج ، هڪ بي آواز للڪار ۽ انساني همدردي جو اظهار پڻ آهي.

هو ھليو ويو ! ماڻڪ ھليو ويو!

پر سندس لفظ  زنده آهن. زندھ رھندا هوائن ۾، ڪتابن ۾ ۽ دلين ۾ جيڪي سچائيءَ کي محسوس ڪرڻ ڄاڻن ٿيون ۽ ايستائين ماڻڪ ڪنگراڻي زندھ رھندو جيستائين اسان پڙھندڙن مان ڪو به ھڪ پڙھندڙ زندھ آھي.

آخر ۾ بس ايترو چونديس ته  زندگي ڪھاڻي آ، موت به ڪھاڻي آ، ماڻڪ ٻنھي کي ملائي ڪھاڻيون لکي ڏئي ويو آهي. انھن ڪھاڻين کي زندگي ڏيڻ ۽ موت کان بچائڻ اسان جو ڪم آهي.

ننڍي ڄمار ۾ وڏي ليکڪ ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڪھاڻين جي پيغام کي ڊرامائي تشڪيل وسيلي اسٽيج تي يا چئنل تي آڻي يا پيش ڪري وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچائجي ته اھو ھڪ بھترين ڪم ھوندو.

ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جي حياتيءَ جو احوال

ماڻڪ ڪنگراڻي ناميارو شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊرامہ نگار ۽ صحافي آھي. سندس لکيل ڪيترائي ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آھن. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جو پورو نالو ماڻڪ خان ڪنگراڻي ولد سومار خان ڪنگراڻي آھي. سندس جنم دادو ضلعي، جوھي تعلقي جي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ ۾ 26 مارچ 1978تي ٿيو. ھن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائمري اسڪول مان 1990ع ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جوھي مان 1995ع ۽ انٽر 1997ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوھي منجهان ڪئي. بي.اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪھاڻيوڻ لکڻ سان ڪئي، سندس پھرين ٻارن لاءِ ڪھاڻي “رمونءَ جي عيد” روزانہ عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپي، ان کان پوءِ ٻارن لاءِ توڙي ٻيون ڪھاڻيون روزاني جاڳو ڪراچي، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، ماھوار سنڌ سجاڳ ڪراچي ، عبرت ميگزين حيدرآباد، نئين زندگي حيدرآباد، ڪينجهر، ھالار ميگزين حيدرآباد ، سنڌ رنگ ميگزين حيدرآباد، ھزار داستان ميگزين حيدرآباد ، سنڌو ميگزين حيدرآباد ، سورهيہ ميگزين حيدرآباد، ٽماھي مھراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سوجهرو ميگزين ڪراچي، نئون نياپو ميگزين ڪراچي کان سواءِ ٻين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪھاڻيون، مضمون ۽ شاعري شايع ٿي آھي. 1999ع ڌاري حيدرآباد مان صحافت جي شروعات ڪيائين. ان ئي دور ۾ ريڊيو تي 2003ع کان ڊراما لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس لکيل ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان نشر ٿيا آھن. جڏهن تہ سنڌي اردو ڊرامہ پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي، ڪي ٽي اين۽ سنڌ ٽي وي سميت سمورن نجي چينلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آھن، سندس اردو ڊرامو بدلتا ھي رنگ ۽ سنڌي ڊرامہ ريشمي ڏور، اڌورو خواب، رڻ ۾ رات ٺري. کاٽ، مياڻ ، وياج، کوٽو سڪو ۽ اکرڀور ذڪر لائق ڊرامہ آھن. جڏهن تہ صحافي طور روزانہ ڪاوش حيدرآباد، روزانہ ڪوشش حيدرآباد، سنڌو حيدرآباد، تعمير سنڌ حيدرآباد، واڪا ڪراچي، جيجل ڪراچي، امت ڪراچي ، پاڪ ڪراچي، ھلال پاڪستان ڪراچي، عوامي آواز ڪراچي، ڪي ٽي اين ڪراچي، سنڌ ٽي وي ڪراچي ۽ مھراڻ ٽي وي ۽ اردو اخبارن ۾ رپورٽر ، سب ايڊيٽر ، اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪو آھي. پي ٽي وي سينٽر ڪراچي تان سندس آن ايئر سيريلن ۾ ريشمي ڏور، بي نشان، اردو ۾ بدلتي ھين رنگ ۽ ٻيا شامل آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ” ڀڳت ڪبير جي شاعري، فن ۽ فلسفو“ (سنڌ بوڪ ڪلب نواب شاھہ، 2000ع )، ”ردي پنا“ (ڪھاڻيون)، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2007ع ۽ ”ستين آسمان جا فرشتا“ (ڪھاڻيون)، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، نومبر 2014ع  ۾ ڇپيا آھن.

ماڻڪ ڪنگراڻي 21 مارچ 2025ع تي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

_____________

ليکڪا حميره شمس شيخ

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

  1. مھرباني 🙏
    اوھان عزت ڏني
    . منھنجو ادبي نالو حميرا نور آھي پر الائي ڇو اوھان تبديل ڪيو.
    منھنجي ويبسائيٽ ٺھيل ڪونھي.
    لکڻ جي حوالي سان اوھان سان رابطي ۾ رھندس. ان شاءُ الله

    1. محترما حميرہ آرٽيڪل تي جيڪو نالو لکيل ھو، اھوئي شائع ڪيو ويو اھي. اسان نالو تبديل ڪونہ ڪيو اھي. توھان چاھيو تہ ھاڻ بہ نالو حميرہ نُور نالو لکي سگھجي ٿو. توھان کي اسان ڀليڪار چئون ٿا، توھان آئيندہ سڌو سنئون اسان ڏي پنھنجا ليک موڪلي سگھو ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button