Editor's pickMain Slideاوڀر ايشيانساني حَقَ

عمر ڪوٽ نياڻين تي پوليس تشدد: لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جي احتجاجي ريلي

عمر ڪوٽ سانحي ۾ چند سپاهين کي معطل ڪرڻ ناڪافي آهي، گهرو وزير استيفي ڏئي،  ايس ايس پي عمر ڪوٽ کي به معطل ڪري مٿس دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي

پارٽي اڳواڻن عمرڪوٽ پهچي متاثر ماڇي برداري جي نياڻين سان ملاقات ڪري کين سياسي توڙي  قانوني مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

لاڙڪاڻو/ عمر ڪوٽ

عمر ڪوٽ ۾ پوليس تشدد، پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ منشيات ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ طرفان جمعي ڏينھن لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڌاڙيلن لاءِ سنڌ حڪومت ماني جون دعوتون ڪري رهي آهي، ڌاڙيلن سان ميڙ منٿ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي غريب مسڪين ماروئڙن کي پنهنجن گهرن مان گهلي، تشدد ۽ تذليل ڪري ڪڍيو پيو وڃي. اڳواڻن چيو ته سوين سالن کان آباد ڳوٺن جا روينيو ذريعي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي سنڌين کي فلسطينين جيان پنهنجي ڌرتيءَ تان بي دخل ڪيو پيو وڃي. سنڌ پوليس اسرائيلي فورس جيان وحشي ۽ حيوان فورس بڻجي چڪي آهي، پوليس آئين ۽ قانون بدران جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ذاتي هٿياربند فورس طور ڪم ڪري رهي آهي. چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا پوليس سرپرستي ۾ ٿي رهيا آهن.

اڳواڻن چيو ته عمر ڪوٽ سانحي متعلق چند سپاهين کي معطل ڪرڻ ناڪافي آهي، گهرو وزير استيفي ڏئي،  ايس ايس پي عمر ڪوٽ کي به معطل ڪري مٿس دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ھنن چيو ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ڏيندڙ پيپلز پارٽي عوام کان گهر ڦري رهي آهي، سنڌ جا سوين قديمي ڳوٺ اڻ رجسٽرڊ آهن، روينيو کاتي جي ڪرپشن سبب غريب مسڪين ماڻهو پنهنجون زمينون رجسٽرڊ ڪرائڻ جي پهچ ئي نٿا رکن، جنهنڪري ڪروڙين سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي به پنهنجي گهرن جي مالڪاڻي حقن کان محروم آهن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته عمر ڪوٽ جي ماڇي برادري کي فوري طور پنهنجي گهرن ۾ واپس آندو وڃي، انهن جي گهرن ۾ پوليس چڙهائي سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، ۽ چادر ۽ چوديواري جو تقدص پائمال ڪندڙ سمورن پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. پوليس مان انگريزن وارو رويو ختم ڪيو وڃي، پوليس کي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ذاتي فورس بدران عوامي ادارو بڻايو وڃي. منشيات جي سرپرستي ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف سخت قدم کنيا وڃن.

عوامي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر, ڪامريڊ علي حسن وڪو، اعتزاز گائينچو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار  ميراڻي، علي محمد وڪو, محبوب رڪ راھوجو، مھراڻ سنڌي مصطفى رحمان ابڙو، مقبول راھوجو، وسيم چچو ۽ ٻين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ عمرڪوٽ سميت سموري سنڌ ۾ ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪري بي زمين ۽ بي گهر هارين کي زمينون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ٻئي پاسي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي وفد عمرڪوٽ پهچي متاثر ماڇي برداري سان ملاقات ڪري نياڻين کي اجرڪون اوڍايون.

پارٽي اڳواڻن ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، غلام مصطفي چانڊيو، هريش مالهي، بلاول لاشاري، شازيه جوڻيجو، سيما مير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد عمرڪوٽ پهچي متاثر ماڇي برداري جي نياڻين سان ملاقات ڪري کين سياسي توڙي  قانوني مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

ان کان اڳ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن عمر ڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ عوامي تحريڪ واضع طور تي چوي ٿي ته اڄ سنڌ اندر لاقانونيت جو راڄ قائم آهي، جتي قانون ڪمزور لاءِ سخت ۽ طاقتور لاءِ نرم بڻيل آهي. پوليس چونڊيل نمائندن جي آشيرواد تي ڀتاخوري، سياسي دباءُ ۽ ناجائز ڪاررواين ۾ ملوث نظر اچي ٿي. مسڪين، غريب ۽ پورهيت ماڻهن جي گهرن تي حملا ڪرڻ، سندن تذليل ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کين دهشت ۾ رکڻ کُلي دهشتگردي آهي. اها صورتحال رڳو هڪ شهر تائين محدود ناهي؛ ڪراچي کان وٺي نگر تائين ۽ نگر کان وٺي ڪشمور تائين قبائليت، ڌاڙيل راڄ، اغوا براءِ تاوان ۽ هٿياربند جٿن جي ڪاررواين سبب عام ماڻهو خوف ۽ بيچيني ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. جڏهن رياستي ادارا پاڻ طاقتور ڌرين جا اوزار بڻجي وڃن، تڏهن جمهوريت جو چهرو به بي معني بڻجي وڃي ٿو.

ھنن چيو تہ اسان سمجهون ٿا ته هي معاملو صرف پلاٽ يا زمين جو ناهي، پر وڏيري طبقي جي استحصالي سوچ جو نتيجو آهي. سنڌ اندر وڏيراشاهي، جاگيرداري ۽ سرداري نظام مظلوم ۽ پورهيت طبقي جي نڙيءَ مٿان لت ڏئي ويٺو آهي، جڏهن ته پوليس وڏيرن جي ونگاري بڻيل آهي. رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ عمرڪوٽ جي گهٽين ۾ سولنگي برادري جي عورتن تي ٿيل وحشياڻو تشدد، هڪ صديءَ کان وڌيڪ پراڻن گهرن کي مسمار ڪرڻ، عورتن کي سري عام بازار ۾ گهلي پوليس موبائلن ۾ اڇلائڻ ۽ سندن تذليل ڪرڻ، اها ڪنهن به مهذب سماج لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي. جيڪڏهن هيءَ جمهوريت آهي ته پوءِ مظلوم لاءِ انصاف ڪٿي آهي؟

ھنن چيو ته هي واقعو عمرڪوٽ جي چونڊيل نمائندي جي اڳواٽ رٿابندي سان ڪيو ويو. جيڪي پاڻ کي مظلوميت جا دعويدار ظاهر ڪن ٿا، اهي ئي هن ظلم ۾ ملوث آهن؛ انهن جي سياسي سرپرستي کانسواءِ اهڙو عمل ممڪن ئي نه هو. عوامي تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته ذميوارن خلاف فوري ۽ شفاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، متاثر خاندانن کي تحفظ ۽ معاوضو ڏنو وڃي، ۽ سنڌ مان وڏيراشاهي ۽ پوليس گردي جو خاتمو ڪيو وڃي. جيڪڏهن انصاف نه مليو ته عوامي تحريڪ آئيني ۽ جمهوري جدوجهد جو رستو اختيار ڪندي پورهيت عوام سان گڏ هر سطح تي آواز بلند ڪندي.

مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ضلعي صدر ھريش ڪمار مالهي، ذوالفقار مري،  سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفا چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ هاري تحريڪ بلاول لاشاري ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button