Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ديوان گِدومل: تاريخساز شخصيت، جنھن کي ٽالپر حڪمرانن مارائي ڇڏيو ھو

ڪلھوڙا ۽ ٽالپر دور ۾ اھم ذميواريون سنڀاليندڙ ديوان گدومل جي ڪھاڻي جنھن جي نالي سان حيدرآباد ۾ سنڌو درياھ جو پتن گِدُو بندر سڏبو ھو ۽ اُتي ئي ھُن پنھنجو ڳوٺ قائم ڪيو جيڪو گدوءَ جو ٽنڊو جي نالي سان مشھور ھو. ھاڻي اُن کي حسين آباد سڏين ٿا

الطاف صديقي

حيدرآباد شھر جو سنڌو درياھ تي جيڪو پتڻ ھوندو ھيو ان کي پھرين  گدو بندر ۽ جيڪو ان سان ڳوٺ ھيو ان کي گدوءَ جو ٽنڊو سڏيندا ھئا . ھاڻي ان کي حسين آباد سڏين ٿا. گھڻن نوجوانن کي خبر نه ھوندي انھي لاءِ ڪجھ ڪتابي حوالن سان ھي معلوماتي لکڻي پيش نظر آھي.  

 ديوان گدو مل سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي درٻار جو امير ھو. ميان نور محمد جي وفات کان پوء جڏھن سندس پٽ ميان غلام شاھ ڪلھوڙي کي سنڌ جي مڪمل حاڪميت ملي ته ھي ان جي  ڀروسي واري وزير جي حيثيت ۾ سامھون آيو . 1768ع ۾ جڏھن غلام شاھ ڪلھوڙي حيدرآباد جي قلعي جي  تعمير ڪرائي ته ديوان گدومل وٽ قلعي جي تعمير جي خرچ جو  سڄو حساب ڪتاب ھو . ديوان گدو مل جڏھن حيدرآباد آيو ته درياھ جي ڪناري تي اچي پنھنجي ڪٽنب سان گڏ لٿو ۽ درياھ ويجھو  پنھنجو ڳوٺ وسايو جنھن کي گدوءَ جو ٽنڊو سڏيو ويو. انھي جي نسبت سان درياھ واري ڪپ کي گدو بندر سڏيو ويندو ھو جيڪو ھن وقت به  سڏجڻ  ۾ اچي ٿو، جڏھن ته ھاڻي ھتي ڪو بندر جو ڪارج نه رھيو  آھي. جڏھن ڪوٽڙيءَ واري پُل 25مئي 1900ع تي ٺھي راس ٿي ته ھيءُ بندر اجڙندو ويو ، پر ريل جي پوڻ کان اڳ ھتان ٻيڙا غوارب، آگبوٽ ، سکر ، بکر ۽  ملتان تائين ويندا ھيا. برطانوي دور ۾ بحري رستي ڪراچي تائين ته آگبوٽ به ھليا.

  ديوان گدو مل جو ھڪ وڏو ڏاڏو اڏيو مل ھو.  ھُن نوجوانيءَ  ۾ ئي پنجاب جي ڳوٺ سيتپور، جنھن کي بعد ۾ حاجي پور سڏيو ويو، اتان لڏي اچي ڪلھوڙن جي وڏي ميان  آدم شاھ ڪلھوڙي وٽ ملازمت ڪئي ، اڏيو مل جي شادي شڪارپور جي ھڪ سيٺ جي گھران ٿي. ديوان گدو مل جي پيءُ جو نالو ٻِيلي مل ، ڏاڏو کٽو مل ۽ پڙ ڏاڏو چوئٿرام ھو جڏھن ته سندس تڙ ڏاڏي جو نالو اڏيو مل ھو. ڪلھوڙن ۽ ميرن جي وقت ڪيترائي ھندو پنھنجي ڏاھپ ۽ تدبر ڪري  وڏن عھدن تي مقرر ھئا مگر ديوان گدومل انھن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. ديوان گدومل ڪلھوڙن حاڪمن پاران سنڌ ملڪ جي خارجي معاملن کي بہ ڏسندو ھو ۽ سندس مدد سان ڪيترائي مسئلا حل ٿيا.

ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌ مغلن جي تابع ھئي ۽  سندن گورنر ٺٽي ۽ بکر وغيره ۾ رھندا ھئا. جڏھن مغلن جي بادشاھي باھمي تڪرارن سبب ڪمزور ٿيڻ لڳي ته ميان نورمحمد ڪلھوڙي دھلي درٻار کان سالياني ڏن عيوض  سنڌ جي حاڪميت پر امن طريقي سان حاصل ڪري ورتي. ان کانپوء  ايران جي بادشاھ نادر شاھ ۽ پوءِ احمد شاھ ابدالي ءَ سنڌ کي پنھنجي تابع ڪيو ۽ ساليانو ڏن مقرر ڪيو.  جڏھن ميان نور محمد ڪلھوڙي ڏن نه ڏنو ته قنڌار مان احمد شاھ ابدالي ھڪ وڏي لشڪر سان اچي سنڌ تي ڪڙڪيو ۽ نوشھري فيروز وٽ ڇانوڻي ھڻي ويٺو تہ ميان نورمحمد ڪلهوڙي مقابلي جي ھمت نه ساري. ديوان گدو مل ميان جي اجازت سان احمد شاھ ابداليءَ وٽ پيش پئي اھڙي طريقي سان عرض ڪيو جو احمد شاھ ابدالي واپس ھليو ويو. ميان نور محمد ڪلهوڙي ، ديوان گدو مل کي احمد شاھ ڏانھن موڪليو مگر کيس ڀروسو نه ھيو ته ديوان احمد شاھ ابدالي کي ٽاري ايندو سو پاڻ خاندان سان گڏ جيسلمير ڏانھن منھن ڪري روانو ٿيو جتي 1755 ۾ وفات ڪيائين . ميان نور محمد کان پوء سندس وڏي پٽ کي پڳ ٻڌرائي حاڪم مقرر ڪيو ويو.

 ديوان گدو مل کي ايراني درٻار ۾  بہ عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو ھو  ته قنڌار جي درٻار ۾ به عزت حاصل رھي. ديوان گدومل احمد شاھ ابدالي جي درٻار مان اجازت حاصل ڪري  ميان مرادياب کي  حاڪميت جو پروانو آڻي ڏنو ھو مگر ميان مرداياب ۾ حڪومت ھلائڻ جو ڏانءُ نه ھيو ته ميان غلام شاھ ڪلهوڙو حاڪم ٿيو. ديوان گدو مل سندس خاص امير ھو.  جڏھن غلام شاھ حاڪم ٿيو ته ھن ڪڇ ڀڄ جي ڪمزور رياست تي چڙھائي ڪئي.  ڪڇ ڀُڄ جي راجہ ۾ دم خم نه ھيو. ميان غلام شاھ ڪلھوڙي ٻه دفعا ڪاھ ڪئي ھئي.  ٻنھي پاسن کان ماڻھو مئا.  راجہ جو وڌيڪ نقصان ٿيو پر فيصلو نه ٿي سگھيو ته  ڪنھن کي فتح حاصل ٿي. ميان غلام شاھ ڪلھوڙي راءِ ڏني  ته جي ڪڇ ڀڄ جو راجہ پنھنجي ڀيڻ جو سڱُ ڏئي ته جنگ کي صلح ۾ تبديل ڪجي . اھڙي صورتحال ۾ ديوان گدومل ڪم آيو ۽ راجہ کي چيو ته پنھنجي ڀيڻ جي شادي غلام شاھ سان ڪرايو جيڪا غلام شاھ ڪلھوڙي جي خواھش آھي ، ته جنگ کي صلح ۽ دوستي ۾ تبديل ڪيون ، ۽ وڌيڪ خون ريزي به نه ٿئي. ان تجويز کي راجہ بي دليونقبول ڪيو پر پنھنجي ڀيڻ سان شادي نه ڪرائي ۽ کاکرجي جاڙيجي جي نياڻي سان شادي ڪرائي (تاريخ ريگستان رائچند هريجن صفحو 180,  جڏھن ته مرزا قليچ بيگ صاحب قديم سنڌ جي صفحي 367 تي ڄاڻائي ٿو ته ميان غلام شاھ ڪڇ جي راءِ جي سوٽ ويسوجي جي ڪنيا سان شادي ڪئي ) بھرحال  جنگ صلح ۾ تبديل ٿي.  ھي شادي 1770ع ۾ ٿي. شاديءَ جي ٻن سالن کانپوء ميان غلام شاھ ڪلھوڙي راھ رباني ورتي.

ميان غلام شاھ جي وفات کان پوء ميان سرفراز خان حاڪم ٿيو ته به ديوان گدو مل کي درٻار ۾ ساڳي حيثيت حاصل  ھئي.  ڪلھوڙن کان پوء 1783ع ۾ ٽالپر حاڪم ٿيا ته به  ديوان گدو مل کي درٻار ۾ ساڳي حيثيت مليل رھي.  ميرن جي وقت ۾ حيدرآباد شھر وڌيڪ وسيو ته ديوان گدو مل به ٽنڊو گدُو ڇڏي پڪي قلعي ويجھو پنھنجا  ۽ عزيزن جا  گھر اڏرايا. انھيءَ گھٽيءَ کي اڄ ڏينھن تائين گدواڻي گھٽي سڏيو وڃي ٿو.  ڪاڪي ڀيرومل سندس ڪتاب سنڌ جي ھندن جي تاريخ جي صفحي 411 ۾ ديوان گدو مل جي نياڻي جي حوالي سان واقعو لکيو جيڪو سندس موت جو سبب بڻيو.  ديوان گدومل کي پٽاڻو اولاد ته نه ھو باقي سندس ڪيتريون ئي نياڻيون ھيون.

ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته  ميان نور محمد ڪلھوڙي جي وقت کان وٺي ميرن سان وفادار رھيو پر ميرن ساڻس توڙ نه نڀايو گدواڻي ۽ ٻيا ڪيترائي حيدرآبادي عام طرح ھيئن چوندا آھن ته ميرن مان ڪنھن ٻڌو ته ديوان گدو مل جي نياڻي نھايت حسين آھي سو مير ، ھُن سان شادي جو ارادو ڪيائين پر دل ۾ آيس ته اول ڇوڪري ڏسان جنھن جي ھيتري ھاڪ ٻڌي آھي ،  چون ٿا ته اُنھي مير پوء ڇا ڪيو جو زنانو ويس ڪري گدواڻي گھٽيءَ  ۾ گھڙي ويو. ديوان گدو مل پنھنجي گھٽيءَ ۾ پھري لاء ڪي شيدي بيھاريا ھئا جي ساڻس بلڪل سچا ھئا. انھن شيدين صحيح ڪيو ته مير صاحب زناني ويس ۾ گھڙيو آھي تن ديوان گدو مل کي ڪن ۾ ڦوڪ ڏني. ديوان به پنھنجي سِر اک ٽيٽ ڪئي ، جڏھن پڪ ٿيس ته اھو برابر مير آھي تڏھن اڻ لکن وانگر پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڏنائين ته ھن بيگاني عورت کي ھڪالي ڪڍو. پوء شيدي لٺيون کڻي اچي لڳس پر ھو جيئن تيئن پنھنجي جند ڇڏائي وٺي ڀڳو. انھي وقت کان وٺي ديوان گدومل ميرن وٽ ڪوڙو ٿي پيو ۽ ميرن گدواڻين سان ڏاڍ شروع ڪيا. قصو ڪوتاهه،  پوء ديوان گدو مل ۽ سندس مائٽ گدواڻي ھتان لڏي ڪڇ ڀڄ ڏانھن ھليا ويا. اتان ميرن ڪڇ ڀڄ جي راجہ کي لکي ھنن کي موٽرايو. ھتي پھچڻ کانپوء ديوان گدو مل نياڻيءَ کي چيو ته  اسان جو ھيترا ڏک ڏٺا ۽ سور سٺا آھن انھن جو ڪارڻ تون آھين. جيڪڏھن توکي مسلماني مذھب ۽ مير سان شادي قبول آھي ته سويل ڳالھ ڪر نه ته اڄ مونکي ڏاڍي لاچار سان تو نياڻيءَ جي گردن تي تلوار ھلائڻي پوندي. ائين چئي ديوان گدو مل جھڙي شينھن ماڻھوءَ روئي ڏنو ھو. سندس نياڻي پنھنجي دين ڌرم تي ڏاڍي پوري ۽ ثابت قدم ھئي، تنھن پيءُ جي ھٿان مرڻ قبوليو پر مذھب نه مٽايائين ۽ نه مير سان شاديءَ لاء راضي ٿي. ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته ديوان گدومل نياڻيءَ کي ماري راتو رات سندس لاش مساڻ پھچائي اگني سنسڪار ڪيائين .

چون ٿا ته مير صاحب کي جڏھن سُڌ پئي ته کيس سڱ ڏيڻ بدران ديوان گدومل پنھنجي نياڻيءَ کي ڪُھي ڇڏيو آھي سو پاڻ اچي ڪاوڙيو. ھن پوءِ ديوان گدومل ڏي ماڻھو موڪليو. ديوان گدومل کي سُڌ ڪانه ھئي ته ڇو سڏيو اٿن. ھُو جھڙو درٻار ۾ گھڙيو تھڙو مير صاحب جي ماڻھن اچي ورتس ۽ چؤکنڀو ٻڌي بنڊين سان جلائي ماريائونس .

ڪاڪو ڀيرو مل پنھنجي ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته ميرن جي صاحبيءَ جي پڇاڙيءَ واري وقت ۾ ھي ڏوھ جو ڪم ٿيو جو ڪي مسلمان کڻي ويساھ ۾ نه به آڻين تن به ڳالھ کي سرو لڳيئي ڪونه تنھن ڪري ڪيترائي گدواڻي ۽ ٻيا ھندو اڄ تائين اھا ڳالھ ايئن ڪندا آھن جئين مٿي ڄاڻايو آھي.

ھيءَ ڳالھ مونکي سمجھ ۾ نٿي اچي ته ديوان گدومل ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي وقت کان ڪلھوڙن جي دربار سان ڳنڍيل ھيو. ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو دور 1720ع کان 1756ع تائين ھيو. ان دور ۾ ديوان گدومل مل درٻار جو ملازم ٿيو ۽ حاڪم جي ويجھو ٿيو تہ گھٽ ۾ گھٽ  ٽيھ سال ته عمر ھوندس. ٻيو نه ته ڀلا جيڪڏھن سندس  پيدائيش 1700ع جي ھجي ، مير صاحبان 1789ع ۾ خداآباد ثاني ڇڏي حيدرآباد کي ٻيھر گادي جو شھر ڪري وسايو آھي ته ان وقت ديوان گدو مل جي عمر 89 سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي.  ھاڻي اتي اندازو لڳائجي ته 89 سالن واري شخص جي نياڻي به سٺ يا پنجھٺ سالن جي ته گھٽ ۾ گھٽ ھوندي. ايتري عمر واري خاتون تي ڀلا ڪھڙي مير جي دل آئي ھوندي؟ ٻيو ته پھرين چوياري وارا مير به ان وقت مٿي ڄاڻايل خاتون واري  عمر کان گھٽ ھيا. ڪاڪي ڀيرو مل انگريز دور جي آخر ۾ ڪتاب لکيو آھي. ان وقت کيس ميرن مان ڪو خطرو به نه ھو مگر ان قصي  ۾ مير صاحب جو نالو نه ڄاڻايو اٿس ته ڪھڙي مير صاحب  نياڻيءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاھي. ديوان گدومل  جي مارائڻ جو سبب تاريخ سنڌ ٽالپور دور جو ليکڪ ميرزا عباس علي بيگ صفحي 452 تي لکي ٿو ته  آخر ۾ مير فتح علي خان کي مارائڻ واري سازش ۾ شريڪ ٿيڻ جي الزام ۾ مارجي ويو. ان بعد سندس ڀاءُ جسپت راءِ کي سفير وارو عھدو ڏنو ويو . انھي ڪتاب جي صفحي 332 تي ميرزا عباس علي بيگ ڄاڻائي ٿو جنھن جو خلاصو ھن ريت آھي ته ديوان گدومل ڪلھوڙن وٽ مدارالمھام ۽ باستگاہ ھو، ان ڪري مير فتح علي خان به سندس اھائي عزت برقرار رکي . ڪلھوڙن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ديوان گدو مل مير فتح علي خان جو خير خواه ۽ طرفدار ھيو . ديوان گدو مل ۽ قيصر خان نظاماڻي مير فتح علي خان جي وقت ۾ پيرسن ھئا پر ٻنھي وٽ درٻاري ڪمن جو وڏو تجربو ھو. جڏھن مير فتح علي کي ڪجھ عرصو حڪومت ڪندي گذريو ته انھن ٻنھي جھونن صلاح ڪئي ته تيمور شاھ سان مخفي بندوبست ڪرائي ميرن کان حڪومت  کسرائجي ۽ ڪنھن  اھڙي کي ڏيارجي جيڪو انھن لاء آسان ھجي. اھا خبر مير فتح علي خان کي پئجي ويئي. ان کان اڳ جو قيصر خان نظاماڻيءَ کي قابو ڪيو وڃي، قيصر خان نظاماڻي گھر ڀاتين کي ساڻ ڪري ڀڃي وڃي خير پور ۾ لڪو ۽ ٽن سالن کان پوء ميرن کيس معافي ڏني. ان بعد جلد گذاري ويو. باقي رھيو ديوان گدومل ته ھي اڳئي مير فتح علي وٽ قيد ھو. سو مير سھراب کي خط ذريعي سموري حقيقت کان آگاھ ڪري صلاح ورتي ته ھاڻي گدومل کي جيئرو ڇڏجي يا ڦاسي ڏجي ؟ مير سھراب لکيو ته اول ته گدومل کي قيد ڪرڻ نه کپندو ھو پر جيڪڏھن ھن کان اھڙو جرم ٿيو آھي جنھن سان ملڪ ۽ مملڪت ۾ فتور پوڻ جو انديشو ھو ته ھاڻي اھڙي حالت ۾ باغي گدومل کي ڦاسي جي سزا ڏيو. مطلب ته جيئن مير  سھراب خان لکيو تيئن ئي ڪيو ويو. گدو مل جي وفات جو سال 1208ھجري آھي . گدو مل کي پٽاڻو اولاد نه ھو پر سندس ننڍن ڀائرن ، عالم چند ، جسپتراءِ  ۽ خانچند جو اولاد   پاڻ کي گدواڻي سڏائيندو آھي . ان نالي سان قلعي ويجھو گدواڻي گھٽي پڻ آھي .

گدوءَ واري ٽنڊي جو نالو زوار نقويءَ جي والد مرحوم ويڌل شاھ، جڏھن ھُو ھن علائقي جي يونين ڪائونسل جوچيئرمين ھو، بدلائي حسين آباد نالو رکيو ھو.

______________

الطاف صديقي سنڌ جي تاريخي ورثي تي تحقيق ڪندو رھي ٿو. سندس ھڪ ڪتاب ڪوٽڙيءَ جي تاريخ تي ڇپيل آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button