Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ  پاڪستاني عورت کي آمريڪا ۾ 8 سال قيد جي سزا 

ڪهڪشان حيدر خان 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل رهي ۽ پوءِ ڪراچي مان لڏي آمريڪا آئي هئي. ڪهڪشان آمريڪا ۾ ايم ڪيو ايم جي همدردن کان پئسا گڏ ڪندي هئي ۽ اهي پئسا پاڪستان موڪليا ويندا هئا

آمريڪي عدالت ۾ پيش ڪيل اعترافي بيان موجب جنوري 2023  ۾ ڪهڪشان پاڪستان ۾ هڪ شخص کي ڀرتي ڪيو ته هو ڪراچي جي ٻن گيس اسٽيشنن جيڪي پنجابي مالڪن جون هيون تي فائر بم حملو ڪري

مارچ 2021 ۾ ايس ايس پي انٽيليجنس عمر شاهد حميد هڪ اهم دعويٰ ڪئي هئي ته ڪهڪشان ايم ڪيو ايم لنڊن جو حصو آهي، هوءَ ڪراچي ۾ فرقيواراڻا جهيڙا ڪرائڻ، مخصوص شخصيتن جي قتل جون سازشون رچڻ، را ۽ ٻين پاڪستان مخالف گروهن سان رابطي ۾ آهي

مُشتاق ٽانوري

آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي فيڊرل عدالت پاڪستان جي شهر ڪراچي سان تعلق رکندڙ ۽ ماضيءَ ۾ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اهم ڪارڪن سمجهي ويندڙ ڪهڪشان حيدر خان کي دهشتگرديءَ جي هڪ ڪاروائي جي منصوبه بندي بابت ڪوڙا بيان ڏيڻ، جاچ جو رخ موڙڻ ۽ حساس تحقيقاتي عمل کي متاثر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اٺ سال (96 مهينا) قيد جي سزا ٻڌائي آهي. چوڏھين نومبرت 2025 تي ٻڌايل هي فيصلو نه رڳو آمريڪا ۾ پر پاڪستان خاص طور ڪراچي جي سياسي ۽ قانوني حلقن ۾ به بحث جو موضوع بڻيل آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪهڪشان جو نالو سالن کان ايم ڪيو ايم جي مختلف گروهن، پاڪستان اندر تشدد، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ پرڏيهي سهڪار بابت ٿيندڙ الزام تراشين سان ڳنڍيو ويندو رهيو آهي۔

آمريڪي تحقيقاتي اداري ايف بي آءِ  موجب فيبروري 2023 ۾ کين خاص ايجنٽن کان اهو اطلاع مليو ته هڪ پاڪستاني شهر ۾ ٻن گيس اسٽيشنن تي فائر بم حملن جو منصوبو ترتيب ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ عورت مالي سهڪار، منصوبي جي رهنمائي ۽ عملي معاونت ڪري رهي آهي. هي اطلاع اڳتي هلي ڪهڪشان حيدر خان تائين وٺي ويو، جيڪا 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل رهي چڪي هئي ۽ پوءِ ڪراچي مان لڏي آمريڪا آئي هئي. 23 فيبروري 2023 تي ايف بي آءِ جي هڪ خاص ايجنٽ ڪهڪشان کان رسمي پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن دوران هن بار بار منصوبي ۾ ملوث هجڻ کان انڪار ڪيو پر جاچ ۾ آيل شاهديون ڪجهه ٻيو ئي داستان ٻڌائي رهيون هُيون.

ڪهڪشان حيدر جي سياسي لاڳاپن جو سلسلو 1990ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن ايم ڪيو ايم پنهنجي منظم دور ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ هڪ وڏي شهري جماعت طور اڳتي وڌي رهي هئي. ڪيترائي ڪارڪن گهريلو، تنظيمي ۽ سياسي سطح تي سرگرم هئا ۽ انهن مان هڪ نالو ڪهڪشان جو پڻ هو. رپورٽن موجب ڪهڪشان آمريڪا لڏي وڃڻ کان پوءِ به پارٽي سان جذباتي ۽ تنظيمي تعلق برقرار رکيو ۽ وقت بوقت پاڪستان ۾ ٿيندڙ مختلف ڪارروائين لاءِ مالي سهڪار فراهم ڪندي هئي۔

آمريڪي عدالت ۾ پيش ڪيل اعترافي بيان موجب جنوري 2023  ۾ ڪهڪشان پاڪستان ۾ هڪ شخص کي ڀرتي ڪيو ته هو ڪراچي جي ٻن گيس اسٽيشنن جيڪي پنجابي مالڪن جون هيون تي فائر بم حملو ڪري. منصوبي لاءِ ٽارگيٽ چونڊڻ، ڪهڙو ٻرندڙ مواد استعمال ٿيڻ گهرجي، حملي کان اڳ پلاننگ ۽ لڪل هنڌن بابت ڄاڻ، حملي کان پوءِ فرار جا طريقان ۽ وڌيڪ ٻن هٿيارن جي خريداري تائين سڀ مرحلا ڪهڪشان پنهنجي ساٿي سان آن لائن رابطي وسيلي طئي ڪيا. عدالت ٻڌايو ته ڪهڪشان آمريڪا ۾ ايم ڪيو ايم جي همدردن کان پئسا گڏ ڪندي هئي ۽ اهي پئسا پاڪستان موڪليا ويندا هئا، جيئن منصوبو مڪمل ٿي سگهي. 20 فيبروري 2023 تي ڪهڪشان جي پاڪستاني ساٿي کيس هڪ گيس اسٽيشن تي فائر بم حملي جون تصويرون موڪليون، جن ۾ ڇهه ماڻهو زخمي ڏيکاريا ويا. تصويرون ڏسي ڪهڪشان خوش ٿي ۽ ساٿيءَ کي انعام ڏيڻ جو چيو پر هڪ ڏينهن بعد انٽرنيٽ ذريعي خبر پئي ته اهي تصويرون دراصل آڪٽوبر 2022 جي واقعي جون هيون، ته ڪهڪشان سخت ڪاوڙجي پئي ۽ ساٿيءَ کي ٺڳ قرار ڏنو. هي رڪارڊ ٿيل ردعمل پڻ جاچ ڪندڙن وٽ اهم ثبوت طور موجود هو۔ 23 فيبروري 2024 تي جڏهن ايف بي آءِ جا ايجنٽ ٻيهر سندس گهر پهتا ته ڪهڪشان لڳاتار ڪوڙا بيان ڏنا، جاچ کي غلط رخ ڏنو ۽ ڪنهن به قسم جي دهشتگرديءَ ۾ ملوث هجڻ کان انڪار ڪيو۔آخرڪار فيبروري 2025 ۾ هُن اعتراف ڪيو ته سندس ڏنل سڀئي  اڳيان بيان ڪوڙا هئا ۽ هو ڄاڻي واڻي دهشتگرديءَ جي هڪ اهم جاچ کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي۔ آمريڪي ضلعي جج ايموس ايل. مزانٽ کيس 96 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ۽ چيو ته جاچ کي غلط رخ ڏيڻ هڪ سنجيده ڏوهه آهي، خاص طور جڏهن اهو عالمي دهشتگرديءَ سان لاڳاپيل هجي۔ قائم مقام آمريڪي اٽارني جَي آر ڪمبز چيو ته آمريڪا ڪنهن به صورت ۾ پرڏيهي دهشتگرد سرگرمين لاءِ پناهه گاهه نه بڻجندو. اهڙن سڀني ڪيسن ۾ صفر برداشت رکي ويندي.  ايف بي آءِ ڊلاس جي اسپيشل ايجنٽ آر. جوزف روت راڪ چتاءُ ڏيندي چيو ته ايف بي آءِ، تشدد يا دهشتگرديءَ جي منصوبابندي ۾ سهڪار ڪندڙ يا مدد ڪندڙ فرد کي سخت نتيجن جو منهن ڏيکاريندو.

ڪهڪشان جو نالو ايم ڪيو ايم سان گهڻي وقت کان ڳنڍيل رهيو آهي. رپورٽن موجب هوءَ گهڻو ڪري لنڊن ويندي هئي ۽ ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين سان ملاقاتون ڪندي هئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آمريڪي عدالت ۾ ڪٿي به الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم لنڊن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪيترن سوالن جنم ورتو آهي ته ڇا جاچ اڃا مڪمل ناهي؟ يا ڇا مخصوص سياسي حوالن ڪري ان کان پاسو ڪيو ويو؟

مارچ 2021 ۾ ايس ايس پي انٽيليجنس عمر شاهد حميد هڪ اهم دعويٰ ڪئي هئي ته ڪهڪشان ايم ڪيو ايم لنڊن جو حصو آهي، هوءَ ڪراچي ۾ فرقيواراڻا جهيڙا ڪرائڻ، مخصوص شخصيتن جي قتل جون سازشون رچڻ، را ۽ ٻين پاڪستان مخالف گروهن سان رابطي ۾ آهي ۽ 1990ع کان ٽيڪساس ۾ رهي ٿي. ان بيان کي ان وقت به گهڻو سنجيدگيءَ سان ورتو ويو پر عدالتي سطح تي ان جو ڪو ثبوت اڄ تائين پڌرو نه ٿي سگهيو آهي۔

ايم ڪيو ايم لنڊن جي ترجمان مصطفيٰ عزيز آبادي هڪ وضاحتي بيان جاري ڪيوآهي ته  ڪهڪشان حيدر سندن پارٽي جي رڪن نه آهي، سندس بنيادي ميمبرشپ 2019ع ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙين سبب رد ڪئي وئي هئي. پارٽي جو سندس عملن ۽ نه ئي ڪنهن منصوبي سان سان ڪو تعلق ناهي.  هي بيان پارٽي جي موقف کي ته واضح ڪري ٿو پر ڪجھ حلقا چون ٿا ته ڪيترائي ڪارڪن”برطرفي“کان پوءِ به تنظيمي اثر هيٺ سرگرم رهندا آهن۔

ڪهڪشان حيدر جي سزا ڪيترن نون سوالن کي جنم ڏنو آهي. ڇا آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني سياسي ڪارڪن ڪنهن حد تائين پنهنجا پراڻا نيٽ ورڪ برقرار رکيو ويٺا آهن؟ ڇا پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪنهن به دهشتگرديءَ جي منصوبي لاءِ پرڏيهي فنڊنگ اڃا تائين خطرو آهي؟ ڇا ايم ڪيو ايم ۽ ٻين گروهن سان لاڳاپيل پراڻا نيٽ ورڪ مڪمل طور بند ٿيا آهن يا اڃا مڪمل طور غير فعال ناهن ٿيا؟ ڇا آمريڪي جاچ جا مرحلا پاڪستان سان شيئر ڪيا ويندا يا نه؟ اهي سوال جواب طلب آهن ۽ ايندڙ مهينن ۾ هن ڪيس بابت وڌيڪ تفصيل منظرعام تي اچڻ جو امڪان آهي۔

_________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button