زندگيءَ جو فلسفو: ڌوڪيبازن کان رھہ دُور، پنهنجي ڌُن ۾، رھہ مسرور
دنيا جي تاريخ شاھد آهي ته جن به قومن يا فردن ٻين تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي “ڌن” يعني پنهنجي پورهئي ۽ تخليقي صلاحيتن کي اوليت ڏني، اهي ئي ڪامياب ٿيا.
حڪيم پريم چاندواڻي
ڌوڪي بازن کان رھہ دور،
پنهنجي ڌُن ۾، رھہ مسرور۔
ڌوڪي جي بازار ۾ سڪونِ قلب ڪيئن حاصل ڪجي، ان لاء خوديءَ ۾ مسرور رهڻ ئي ڏاهپ ڀريو گس آهي۔

انساني سماج جنهن تيزي سان مادي ترقيءَ جون منزلون طئہ ڪري رهيو آهي، بدقسمتيءَ سان اخلاقي حوالي سان اوتري ئي زوال جو شڪار پڻ آهي. اهڙي دؤر ۾ جتي هر ٻيو مُھانڊو نقاب پوش هجي، اتي دانائن جو هيءُ مشورو ته ”ڌوڪي بازن کان رهه دور“ رڳو هڪ نصيحت ناهي، پر زندگي گذارڻ جو هڪ مڪمل فلسفو آهي. هي سٽون اسان کي ان تلخ حقيقت کان آگاهه ڪن ٿيون ته ٻاهرين دنيا جي فريب کان بچڻ جو واحد رستو پنهنجي اندر جي دنيا کي آباد ڪرڻ آهي.
ڌوڪي جي نفسيات ۽ سماجي وڇوٽيون
ڌوڪو رڳو مال يا متاع جي لٽجڻ جو نالو ناهي، پر هي اعتبار جي قتل جو نالو آهي. جڏهن ڪو انسان ڪنهن تي انڌو وشواس ڪري ٿو ۽ بدلي ۾ کيس فريب ملي ٿو، ته رڳو هڪ رشتو ناهي ٽٽندو پر انسان جو انسانيت تان ويساهه کڄي ويندو آهي. ڏاهپ اسان کي سيکاري ٿي ته اهڙن ماڻهن کان فاصلي تي رهڻ ۾ ئي عافيت آهي. دوري اختيار ڪرڻ جو مقصد نفرت ناهي، پر پنهنجي ذهني سڪون ۽ روحاني پاڪيزگيء جي حفاظت ڪرڻ آهي.
پنهنجي ڌن ۾ رهہ مسرور _ خوديء جو معراج
شعر جو ٻيو حصو انساني نفس جي ان ڪيفيت ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن کي صوفياڻي اصطلاح ۾ خودي چيو وڃي ٿو.
* پنهنجي ڌن: هن مان مراد پنهنجو مقصد، پنهنجي صلاحيت ۽ پنهنجو اندروني جهان آهي.
* مسرور رهڻ: ٻين جي خوشين سان حسد ڪرڻ يا ٻين جي تڪليفن تي خوش ٿيڻ بدران، پنهنجي ذات جي ارتقا ۾ خوشي ڳولڻ.
جڏهن انسان ٻين جي معاملن ۾ مداخلت ڇڏي، پنهنجي فڪر ۽ پنهنجي پورهئي تي ڌيان ڏئي ٿو، ته کيس ڪنهن به ٻاهرين سهاري يا ڪوڙي واکاڻ جي ضرورت ناهي رهندي. اها مسرت مستقل هوندي آهي جيڪا پنهنجي ضمير جي اطمينان مان جنم وٺي.
فريب کان بچاءُ جو روحاني گس
دنيا جي تاريخ شاھد آهي ته جن به قومن يا فردن ٻين تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي “ڌن” يعني پنهنجي پورهئي ۽ تخليقي صلاحيتن کي اوليت ڏني، اهي ئي ڪامياب ٿيا. ڌوڪي بازن جو ڄار اتي وڇائجي ٿو جتي حرص ۽ لالچ هجي. جيڪڏهن اسان پنهنجي حال ۾ مست ۽ مسرور آهيون، ته ڪوبه فريب ڏيندڙ اسان جي پيرن هيٺان زمين نٿو ڪڍي سگهي.
هنن سادي پر پُرمغز سٽن ۾ زندگيء جو نچوڙ پيش ٿيل آهي. اڄ جي افراتفري واري دؤر ۾، جتي سچ ۽ ڪوڙ جي تميز مشڪل ٿي وئي آهي، اتي پنهنجي ذات سان سچو رهڻ ۽ فريبي رشتن جي ويجهڙائي کان بچڻ ئي سڀ کان وڏي عقلمندي آهي. اسان کي گهرجي ته پنهنجي اندر جي شمع کي روشن رکون ۽ دنياوي ڌوڪن جي اونداهي کان بچي، پنهنجي مقصد جي پنڌ ۾ مخلص رهون.
ٿا شاطر ماڻهو، پير ڪڍن،
وک وک تي ٿا، ڌوڪو ڪن۔
____________
حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



