Editor's pickMain Slideاوڀر ايشياوڻج واپار

سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي سھڪار جو ٺاھ

حبيب توميءَ وٽان

رياض، سعودي عرب

سعودي عرب ۽ پاڪستان ٻنھي ملڪن جي معاشي ضرورتن جي آڌار پاڻ ۾ اقتصادي سھڪار شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آھي.

جدہ ۾ نائين سالياني فيوچر انويسٽمينٽ انيشئيٽوِ FII9 ڪانفرنس جي موقعي تي سعودي وليعھد شھزادي ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان السعود ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شھباز شريف وچ ۾ ملاقات کانپوءِ جاري ٿيل ھڪ گڏيل بيان ۾ چيو ويو آھي تہ ٻنھي ملڪن ھڪٻئي جي گڏيل مفادن خاطر واپار ۽ سيڙپ وارن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

سعودي وليعھد ۽ پاڪستان جي وزيراعظم وچ ۾ ملاقات

گڏيل بيان ۾ چيو ويو تہ سھڪاري فريم ورڪ ٻنھي ملڪن جي معاشي مفادن ۽ واپار ۽ سيڙپ جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻ جي گڏيل خواھش جي بنياد تي ھوندو.

انھيءَ فريم ورڪ تحت ڪيتريون ئي اھم رٿائون بحث ھيٺ اينديون جن ۾ معيشت، واپار، سيڙپ ۽ ترقياتي رٿائون شامل ھونديون. انھن رٿائن ۾ ٻنھي ملڪن جي خانگي شعبن جو اھم ڪردار ھوندو.

بيان موجب جن شعبن کي اوليت ڏني ويندي انھن ۾ توانائي، کاڻيون، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي وغيرہ شامل آھن. موجودہ وقت ٻئي ڌُريون گڏيل اقتصادي رٿائن جو جائزو وٺي رھيون آھن، جن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ بجليءَ جي حوالي سان مفاھمت وارو ٺاھ ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ سھڪار وارو ٺاھ بہ شامل آھن.  

_____________   

حبيب تومي The AsiaN جي انگريزي ايڊيشن جو ايڊيٽر آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button