طوفاني برسات ۽ نديون وھڻ سان ڪراچيءَ جي ملير ضلعي ۾ تباھي
ملير ندي ۽ ان سان لاڳاپيل وهڪرن سڪڻ، ٿڌو، جرندو، لنگهيجي، گهگهر، وٽيجي. کار، موئيدان ۽ ڪنڊ ۾ اوچتو تيز پاڻي اچڻ سبب ڳوٺن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال
ڪونڪر نديءَ ۾ هڪ ئي گهر جي 4 ڀاتين، زال، مڙس، پٽ ۽ پوٽي سميت ڪل 8 ڄڻا ٻڏي ويا، انتظاميا طرفان ھڪدم ريسڪيو ٽيمون نہ موڪلڻ جو نتيجو
رپورٽ: سامي ميمڻ
سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جو ضلعو ملير هر سال برساتي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ رهيو آهي. هن سال به زوردار برساتن ضلعي ملير ۾ وڏي پيماني تي تباهي آندي آهي جنهن سان نه رڳو روزمره جي زندگي مفلوج ٿي وئي پر ماڻهن جو مالي ۽ جاني نقصان به ٿيو آھي.

زوردار طوفاني برسات جي نتيجي ۾ ملير ندي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين وهڪرن سڪڻ، ٿڌو، جرندو، لنگهيجي، گهگهر، وٽيجي. کار، موئيدان ۽ ڪنڊ ۾ اوچتو تيز پاڻي اچڻ سبب ڳوٺن ۽ شهرن جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي.
برساتي ٻوڏ سبب ڪونڪر نديءَ ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي، زال، مڙس، پٽ ۽ پوٽي سميت ڪل 8 ڄڻا ٻڏي ويا. حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي. ٻڏندڙن ۾ گلاب ڀيل، سندس گهر واري، ڪيلاش ڀيل، نارو ڀيل، اقبال لاسي، فرحان ترين، جاويد ۽ افضل جوکيو شامل آهن.

مقامي ماڻهن جي مدد سان هيستائين جاويد ۽ گلاب ڀيل جي گهر واريءَ جا لاش هٿ آيا آهن، جڏهن ته باقي 6 ڄڻن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب انتظاميا ڪو بہ فوري ريسڪيو آپريشن شروع نہ ڪيو، جنهن سبب قيمتي انساني زندگيون ضايع ٿي ويون.
ڳوٺاڻن ۽ متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت سر ريسڪيو ٽيم پهچي وڃي ها ته جاني نقصانن کان بچي سگهجي پيو. وارثن دانهون ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي غفلت سبب هنن پنهنجا پيارا وڃايا آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي باقي لاشن جي ڳولا لاءِ وڏو آپريشن شروع ڪيو وڃي، متاثر خاندانن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

ٻئي پاسي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ڪري رهواسي بي گهر ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي خاندانن کي محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻو پيو. گهڻا اهم رستا ۽ پليون پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته 44 ارب روپين جي ڳري قم سان تازو جڙيل ملير ايڪسپريس وي ميمڻ ڳوٺ وٽان ڀڄي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو جنهن سان ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. گڏاپ، ملير ڪئنٽ، سعدي ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ عام ماڻهو ڪلاڪن تائين ڦاٿل رهيا. هاءِ وي ۽ لنڪ روڊن تي به ڪيتريون ئي ٽرڪون ۽ گاڏيون ڦاٿل رهيون.

زراعت ۽ چوپائي مال جو نقصان
ملير ضلعي جي معيشت جو وڏو حصو زراعت ۽ مالوند تي ٻڌل آهي. هن برسات سبب ڪيترائي کيت پاڻي ۾ ٻڏي ويا، فصل تباهه ٿي ويا ۽ ڳوٺاڻن جا مال مويشي به لڙهي ويا، جنهن سان هزارين خاندانن جو روزگار خطري ۾ پئجي ويو. پاڻي جي بيهڻ سان گڏ ڪيترن ئي علائقن ۾ گندگي ۽ ناليون ڀرجي وڃڻ ڪري بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي. ڊائريا، ڊينگي ۽ چمڙي جون بيماريون وڌڻ لڳيون آهن، جڏهن ته اسپتالن ۾ مريضن جو دٻاءُ به وڌي ويو آهي. متاثرن جو چوڻ آهي ته وقت سر امداد نه ملي سگهي. بچاءَ ۽ رليف جو ڪم محدود رهيو، جنهن سبب ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻي پئي. ڪيترن ئي علائقن ۾ رهواسين پنهنجن وسيلن سان پاڻي ڪڍڻ ۽ کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪيو. هن سال جي برساتن ٻيهر اهو ثابت ڪيو آهي ته ضلعي ملير ۾ پاڻي جي نيڪال جو نظام انتهائي ڪمزور آهي. جيڪڏهن بروقت منصوبابندي ۽ ڊرينيج سسٽم کي بهتر نه ڪيو ويو ته هر سال اهڙي ئي صورتحال رهواسين لاءِ تباهي کڻي ايندي.
_____________

سامي ميمڻ ڪراچيءَ جي ملير ضلعي جو سينئر صحافي آھي