Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

پُٽ کي چين ۾ پڙھائڻ لاءِ گھر جو سودو

پُٽ کي چين موڪلڻ لاءِ ٻين سڀني معاملن ۽ مسئلن جي ڀيٽ ۾ اصل مسئلو پئسن جو هو. مون وٽ سواءِ ان جي ٻي ڪا واهه نه هئي ته دڙي ۾ پنھنجي گهر جو اڌ وڪڻان. پنھنجي ئي ماسات ھٿان گھٽ اگھ ملڻ جي باوجود مون گھر وڪڻي ڇڏيو

يوسف سنڌي

اهو ڊسمبر 2016ع جي پڇاڙي يا جنوري 2017ع جي پھرين هفتي جو ڪو ڏينھن هو. شام جا ست يا ساڍا ست ٿيا هئا، آءٌ حيدرآباد جي ’عبدالله ٽائون‘ جي مسواڙي گهر جي مٿينءَ ڪمري ۾ ويٺو ڪتاب هيٺ مٿي ڪري رهيو هئس، جو ڪمري جو دروازو کليو ۽ منھنجو ٻيو نمبر پٽ وشال اندر گهڙيو ۽ گهڙڻ شرط چيائين، ”ابو ابو… آءٌ چين وڃڻ ٿو گهران!“

”چين؟“ مون کيس ڏسندي چيو، ”مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو هو، پر تون سدائين چوندو هُئين ته چين ۾ پڙهيل ڊگريءَ جي پاڪستان ۾ ڪابه ويليو ڪونهي، هاڻ وري چين؟“

”راهول به وڃي ٿو. اسان گڏجي فيصلو ڪيو آهي ته ميڊيڪل پڙهڻ جي لاءِ چين وينداسين.“ مون وشال ڏانھن ڏٺو. منھنجون اکيون ڀرجي آيون. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ وشال ۽ سندس دوست راهول گڏجي ميڊيڪل جي تياري ڪئي. لمس ۾ انٽري ٽيسٽ ٻنهي گڏجي ڏني، پر ٻيئي ڄڻا ٿورين مارڪن تان رهجي ويا. پوءِ ٻنهي گڏجي وري نئين سر امپروومينٽ ڪرڻ جو سوچيو ۽ ان جي تياريءَ ۾ لڳي ويا.

اوچتو منھنجي گهر واري ڪمري ۾ گهڙي آئي ۽ اسان ٻنهي کي ايئن بيٺل ڏسي سواليا نظرن سان مون ڏانھن ڏٺائين. اُن وچ ۾ لڙڪ منھنجي اکين مان ڳڙهي اچي منھنجي ڳلن تي پيا هئا.

اهي لڙڪ خوشيءَ جا لُڙڪ هئا.

منھنجي خواهش هئي ته منھنجا سڀ ٻار يونيورسٽيءَ تائين پڙهن ۽ منھنجي هڪ ڌيءَ ۽ پُٽ ڊاڪٽر ٿين. منھنجون ٻيئي نياڻيون ته يونيورسٽيءَ تائين پڙهيون. هڪ سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ ٻيءَ باٽني ۾ MSc ڪئي. حالتن سبب هو ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ ۾ ويھي نه سگهيون. وشال وڏي محنت ڪئي، سڄيون سڄيون راتيون پڙهيو، پر انٽري ٽيسٽ ۾ ٿورين مارڪن تان رهجي ويو.

وشال جو اها ڳالهه ڪئي ته خوشيءَ سبب منھنجا لڙڪ لڙي پيا، جن کي ڏسي منھنجي گهر واري پُڇيو، ”خير ته آهي… روئين ڇو پيو…؟“

وراڻيم، ”خوشي به روئاڙيندي آهي.“

منھنجو اهو جواب کيس سمجهه ۾ نه آيو ۽ وشال کان پڇڻ لڳي، ”پڻھين ڇو پيو روئي؟“ منھنجن لُڙڪن تي وشال خود حيران ٿي ويو هو ۽ مُنجهي پيو ته ابوءَ کي ڇا ٿي ويو آهي.

وشال منھنجو اهڙو پُٽ آهي، جنھن سان منھنجون ٽي نسبتون آهن، پھرين اها ته هو منھنجو پُٽ آهي. ٻي اها ته کيس منھنجي جيجل امڙ سانڍيو، هو رهندو ئي امان سان هو. سندس ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي جي ذميواري ڄڻ امان جي هئي. سُمھندو به امان وٽ هو. ماڻھنس يعني منھنجي گهر واري، جڏهن مٿس ڪنھن ڳالهه تان ڪاوڙبي هئي ته چوندي هُيس، ”وڃ پنھنجي ماءُ ڏانھن.“ ۽ هو اُٿي امان ڏانھن هليو ويندو هو. وشال، امان کي ’امان‘ ۽ منھنجي گهر واري يعني ماڻھنس کي ’امي‘ چوندو آهي.

امان وري وشال کي وشال بدران ’اشال‘ چوندي هئي. وشال جي به امان سان گهڻي لڳندي هئي. امان جيستائين جيئري هئي، تيستائين هو ساڻس گڏ رهيو، پوءِ جڏهن امان 22 آڪٽوبر 2010ع تي وفات ڪئي ته هو اسان سان رهڻ لڳو. پھرين ته ويڳاڻو ۽ اُٻاڻڪو رهندو هو، پر پوءِ اسان سان هِري مري ۽ ايڊجسٽ ٿي ويو.

امان سدائين اها دعا ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته ”ڏسجو، منھنجو پٽ اشال وڏو ٿي پڙهي ڊاڪٽر ٿيندو.“

اڄ جڏهن وشال ڊاڪٽر وشال بنجي ويو آهي ته سوچيندو آهيان ته امان جي دعا اگهامي ويئي.

وشال سان منھنجي ٽين نسبت اها آهي ته هو منھنجو پُٽ ته آهي، پر ان کان وڌيڪ منھنجو دوست آهي.

مون سدائين اها ڪوشش ڪئي ته پنھنجي اولاد سان دوستاڻو رويو رکان. منھنجي ان رويي مون کي فائدو به ڏنو ته نقصان به. بس اهو به زندگيءَ جو هڪ تجربو رهيو، جيڪو هنن لفظن ۾ اظھاري سگهان ٿو ته،”هڪ پيءُ کي پنھنجي اولاد سان دوستاڻو رويو ته هلڻ گهرجي، پر کيس پيءُ به ضرور ٿيڻ گهرجي ۽ پنھنجي پيءُ واري حق تان دستبردار نه ٿيڻ گهرجي ۽ ضرورت آهر اهو حق به استعمال ڪرڻ گهرجي.“

وشال جي ان فيصلي ۽ منھنجي هائوڪار ڪرڻ کان پوءِ تياريون شروع ڪري ڏنيوسين. هوريان هوريان سڀ مرحلا اُڪري وڃي پار پياسين. ٻين سڀني معاملن ۽ مسئلن جي ڀيٽ ۾ اصل مسئلو پئسن جو هو. ان وقت ايئن سمجهو ته منھنجي گهر ۾ ٻه ڪاڄ هئا. 24 فيبروريءَ تي منھنجي ننڍي نياڻي امرتا جي شادي هئي. مون وٽ سواءِ ان جي ٻي ڪا واهه نه هئي ته دڙي ۾ پنھنجي گهر جو اڌ وڪڻان. ان لاءِ بھترين گراهڪ منھنجو ماسات محمد الدين ميمڻ هو. مون کيس اها آڇ ڪئي، هن ها ڪار ڪئي. پر جڏهن سودو طئي ٿيو ته هن ايترو ته گهٽ اگهه ڏنو، جو منھنجو ساهه ئي نڪري ويو.  ان مھل هو صفا سڀ رشتا ناتا، لڳ لاڳاپا وساري ويھي رهيو.

ٻاهر نڪتاسين ته وشال مايوسيءَ مان چيو، ”چاچا پپوءَ ته پاڻ کي صفا ڦري ڇڏيو پنھنجي مرضي سان اگهه لڳايائين. ڄڻ مفت ۾ وٺي ويو. هل ته واپس هلي کيس پئسا واپس ڏيون. گهر نه ٿا وڪڻون. آءٌ چين نه ٿو وڃان..“ اهو چئي هو بيھي رهيو. مون سندس هٿ جهليو ۽ چيو، ”پنھنجي سامھون وڏو مقصد آهي، تنھنجي پڙهائي… پاڻ کي جيڪو نقصان ٿئي پيو، ان کي ڏسڻو ڪونهي. بس اڳتي وڌڻو آهي. وقت ايندو ته  سڀ ڏک ۽ غم لھي ويندا. بس مڙس ماڻهو ٿي.“

پوءِ ڄڻ آءٌ وشال کي گهلي گهر وٺي آيس.

وقت گذري ويو. ان ڳالهه کي اٺ ساڍا اٺ سال گذري ويا آهن. وشال، چين ويو، الله جي مھربانيءَ سان ڊاڪٽر ٿيو. کيس پالڻھار سڀ ڪجهه ڏنو آهي، پر ماسات محمد الدين جو اهو رويو نه اڃان وشال کان وسريو آهي ۽ نه مون کان.

نيٺ سڀ مرحلا پار ڪري 24 مارچ 2017ع تي وشال چين پڙهڻ جي لاءِ روانو ٿيو.

وشال خير سان ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين روانو ٿي ويو. رات ٻارهين بجي ’ٿائي ايئرويز‘ ۾ پھرين بئنڪاڪ ۽ اتان چين. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو اهو گروپ پنجويھن شاگردن تي مشتمل هو. جنھن مھل هو سڀ لائونج اندر سامان جون ٽراليون گهلي وڃي رهيا هئا ته مون کي عجيب منظر نظر آيا. مائٽ پنھنجي اولاد سان ڪيتري محبت ٿو ڪري، اهو ٻار تڏهن ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جڏهن هو پاڻ پيءُ يا ماءُ بنجي. ڪن جي اکين ۾ لڙڪ هئا ته ڪي دل ۾ دعائون گهري رهيا هئا. ڪن پنھنجن پُٽن کي حفاظت لاءِ امام ضامن ٻڌا هئا، ته ڪي قرآن ۽ درود پڙهي مٿن دَم ڪري رهيا هئا. مائٽ واقعي پنھنجي اولاد لاءِ چريو هوندو آهي. خود منھنجي حالت اها آهي، ته منھنجي اکين مان لڙڪ بيٺا ئي نه ٿي. اڃا به نٿا بيھن، پر آءٌ پنھنجن لڙڪن کي ٻي معنيٰ ڏيندس. منھنجا لڙڪ خوشيءَ جا آهن. اهو سڀ منھنجي انتھائي غريب پس منظر هئڻ سبب آهي، بابا مزدور هو، پھرين ڍڳي گاڏي هلائيندو هو ۽ پوءِ رازن سان گڏ مزدوري ڪيائين ۽ آءٌ ماستر، جنھن جو الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ته ڪو اوهي، نه واهي.

ايئرپورٽ تي موڪلائڻ مھل مون جڏهن سمير کي روئندي ڏٺو ته حيران ٿي ويس. وشال وڃڻ مھل کيس پنج سؤ روپيا خرچي ڏني ۽ چُميون ڏنيون. آءٌ سمير جو اهو روپ ڏسي اڃا تائين حيرت ۾ آهيان. وشال کيس گهڻو ڀائيندو آهي. ايئرپورٽ تي سالن کان پوءِ وشال ۽ شھزاد ڀاڪر پائي موڪلايو. ٻئي نون ڏهن سالن کان ڪونه ڳالهائين. ان ۾ وشال جو گهٽ ۽ شھزاد جو ضد وڌيڪ هو. وشال پنھنجي بائيڪ به شھزاد کي ڏيئي ڇڏي، جيڪا هن ٻه هزار ٻارهن ۾ پنھنجي خرچي ميڙي ورتي هئي.

وشال جي روانگي کان پوءِ آءٌ هڪ خال محسوس ڪندو ھئس، اسان جو پاڻ ۾ رشتو پيءُ ۽ پٽ کان وڌيڪ دوستن جھڙو رهيو. آءٌ ساڻس ڪيتريون ئي ڳالهيون شيئر ڪندو هئس.

سوچيندو ھئس تہ انشاءَ الله منھنجو پِشو جڏهن ’ڊاڪٽر وشال يوسف‘ ٿي موٽندو ته اسان گڏجي منھنجي خواب موجب ”امان صفوران اسپتال“ کولينداسين. جيئن غريبن جي خذمت ڪري سگهون.

_______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ آھي ۽ ھن وقت چين ويل آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button